18 تڏهن انهي آدمزاد جهڙي شخص وري بہ مون کي ڇهيو، ۽ مون کي طاقت بخشيائين.
18 تڏهن انهيءَ آدمزاد جهڙي شخص وري بہ مون کي ڇهيو ۽ مون کي طاقت بخشيائين.
پر جيڪر اوهان کي پنهنجي وات سان مضبوط ڪريان، ۽ منهنجن چپن جي تسلي جيڪر اوهان جو ڏک هلڪو ڪري ڇڏي.
هو پنهنجي وڏي طاقت هوندي مون سان جهيڙو ڪندو ڇا؟ نہ، بلڪ هو مون ڏانهن ڌيان ڪندو.
جنهن ڏينهن مون توکي پڪاريو تنهن ڏينهن تو مون کي جواب ڏنو، ۽ تو منهنجي جان کي طاقت بخشي، ۽ مون کي همت ڏياري.
۽ ڏس، هڪڙي هٿ مون کي ڇهيو، جنهن مون کي منهنجن گوڏن ۽ هٿن جي ترين تي ويهاريو:
۽ ڏس، آدمزادن جهڙي هڪڙي شخص منهنجي چپن کي ڇهيو: تڏهن مون پنهنجو وات پَٽيو ۽ ڳالهائڻ لڳس، ۽ اُهو جو منهنجي اڳيان بيٺو هو تنهن کي چيم، تہ اي منهنجا مالڪ، انهي رويا جي ڪري منهنجا ڏک مون تي ڪاهي اچي پيا آهن، ۽ مون ۾ طاقت ڪانہ رهي آهي.
۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن مون، يعني داني ايل، اهو رويا ڏٺو، تڏهن مون معنيٰ سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي؛ ۽ ڏس، منهنجي اڳيان هڪڙو ماڻهوءَ جي شڪل جهڙو اچي بيٺو.
هاڻي جيئن هن مون سان پئي ڳالهايو، تيئن مون کي زمين تي پيئي گهاٽي ننڊ اچي وئي: پر هن مون کي ڇُهي اُٿاريو.
پر مون تو لاءِ دعا گهُري تہ تنهنجي ايمان کي لوڏو نہ اچي: ۽ جڏهن تون ڦري موٽي مون ڏانهن اچين، تڏهن پنهنجن ڀائرن جي مدد ڪج.
۽ اُتي آسمان مان هڪڙي ملائڪ کيس ڏيکاري ڏني، ۽ اُهو ڏڍ ڏيڻ لڳس.
ڪجهہ وقت اتي گذاري اُتان نڪتو، ۽ هڪ ٻئي پٺيان گلتيہ ۽ فروگيہ جي ملڪن مان لنگهندو سڀني شاگردن کي مضبوط ڪندو ويو.
تہ هو پنهنجي جلال جي دولت موافق اوهان کي هي عنايت ڪري، تہ اوهين سندس روح جي ڪري پنهنجي اندر ۾ زور وارا ٿيو؛
جيڪو مون کي طاقت ٿو ڏئي، تنهن جي وسيلي آئون سڀ ڪجهہ ڪري ٿو سگهان.
۽ سندس جلال جي قدرت موجب، هر طرح جي طاقت سان مضبوط ٿيندا وڃو، تہ خوشيءَ سان صبر ۽ تحمل ڪري سگهو؛
۽ دائود ڏٺو تہ سائول سندس جان جي پٺيان آهي: ۽ دائود زيف جي بيابان ۾ ٻيلي منجهہ هو.