۽ ناظرن جي سردار داني ايل کي چيو، تہ آءٌ پنهنجي ڌڻيءَ بادشاهہ کان ڊڄان ٿو، جو هن تنهنجو کاڌو پيتو مقرر ڪري ڇڏيو آهي: ۽ ڪهڙي سبب ڪري هو اوهان جا منهن اوهان جي هم عمر جوانن کان ڪريل ۽ بگڙيل ڏسي، جو ائين ڪرڻ سان اوهين منهنجو سر بادشاهہ جي اڳيان خطري ۾ وجهندا.