Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 1:8 - Sindhi Bible

8 پر داني ايل پنهنجي دل ۾ اهو ارادو ڪيو تہ پاڻ کي شاهي خوراڪ سان ۽ شراب سان پليت نہ ڪري؛ تنهنڪري هن ناظرن جي سردار کي عرض ڪيو تہ هن کي موڪل ملي تہ هو پاڻ کي ناپاڪ نہ ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 دانيال پنهنجيءَ دل ۾ اهو پڪو ارادو ڪيو تہ هو شاهي خوراڪ کائڻ سان ۽ شاهي مئي پيئڻ سان پاڻ کي پليت نہ ڪندو. تنهنڪري هن محل جي داروغي کي عرض ڪيو تہ کيس اجازت ڏني وڃي تہ هو پاڻ کي اهڙي ناپاڪيءَ کان بچائي رکي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 1:8
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ڏس، منهنجو ارادو آهي تہ جيئن خداوند منهنجي پيءُ دائود کي چيو هو تہ تنهنجو پٽ جنهن کي آءٌ تنهنجي بجاءِ تخت تي ويهاريندس، سو منهنجي نالي تي گهر جوڙيندو، تيئن آءٌ خداوند پنهنجي خدا جي نالي تي هڪڙو گهر جوڙيان.


پوءِ اهي بعل فغور جي پوڄا ۾ شامل ٿيا، ۽ مئلن جون قربانيون کائڻ لڳا.


مون قسم کنيو آهي، ۽ انهي تي قائم آهيان، تہ آءٌ تنهنجن سچن فيصلن تي عمل ڪندو رهندس.


اي بدڪارو، مون کان پري ٿيو؛ تہ آءٌ پنهنجي خدا جي حڪمن کي مڃيندو رهان.


منهنجيءَ دل کي ڪنهن خراب ڳالهہ ڏانهن مائل ٿيڻ نہ ڏي، متان آءٌ بدڪارن سان گڏجي بڇڙائي ڪريان ۽ انهن جي لذيذ طعام مان ڪجهہ کاوان.


هن جي لذيذ طعامن جو خواهشمند نہ ٿيءُ؛ جو اُهي دغابازيءَ جو کاڌو آهن.


۽ بادشاهہ انهن جي لاءِ پنهنجي شاهي خوراڪ مان، ۽ جيڪو شراب پاڻ پيئندو هو تنهن مان، ڪو حصو مقرر ڪيو، انهي لاءِ تہ ٽن ورهين تائين انهن کي پرورش ملي؛ ۽ انهيءَ عرصي جي پوري ٿيڻ تي هو اچي بادشاهہ جي حضور ۾ بيهن.


انهن شراب پي، پوءِ سون ۽ چاندي، ۽ پتل، ۽ لوهہ، ۽ ڪاٺ، ۽ پهڻ جي معبودن جي تعريف ڪئي.


۽ جڏهن هو اُتي آيو، تڏهن خداوند جو فضل ڏسي خوش ٿيو؛ ۽ هنن سڀني کي سمجهايائين تہ دليون جانيون خداوند ۾ وفادار رهو:


پر کين لکي موڪليون تہ جيڪي شيون بُتن تي چاڙهي ناپاڪ ڪيون اٿن، ۽ زنا، ۽ جن جانورن کي گهوگهو ڏيئي ماريو اٿن، تن سڀني کان، ۽ رت کان پاسو ڪن.


پر جيڪو پنهنجي دل ۾ قائم ٿو رهي ۽ اهڙي ڪابہ ضرورت نٿي ٿئيس، بلڪ پنهنجي ارادي جي پوري ڪرڻ جي طاقت اٿس، ۽ پنهنجي دل ۾ اهو پڪو ٺهراءُ ڪيو اٿس تہ پنهنجي مَڱ کي ڪنواري رکندس، تہ ائين چڱو ٿو ڪري.


جيئن هر ڪنهن ماڻهوءَ دل ۾ ارادو ڪيو آهي، تيئن ئي ڀلي ڪري؛ پر ڪُرڪڻ ۽ لاچاريءَ سان نہ، ڇالاءِ تہ جيڪو خوشيءَ سان ٿو ڏئي تنهن کي خدا پيار ٿو ڪري.


جن هنن جي قربانين جي چرٻي ٿي کاڌي، ۽ هنن جي پيئڻ وارين قربانين جو شراب ٿي پيتو؟ ڀلي اهي اُٿي اچي اوهان جي مدد ڪن، ڀلي تہ اهي اوهان جو بچاءُ ٿين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ