تہ خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي، تہ جيتوڻيڪ نوح، داني ايل، ۽ ايوب، کڻي انهي ۾ هجن، تہ بہ اُهي نہ پٽن کي نہ ڌيئن کي بچائي سگهندا؛ اُهي پنهنجي سچائي سان فقط پنهنجون جانيون بچائيندا.
تڏهن اريوڪ تڪڙو تڪڙو داني ايل کي بادشاهہ جي حضور ۾ وٺي آيو ۽ چيائين، تہ يهوداہ جي قيدين جي اولاد مان مون هڪڙو ماڻهو لڌو آهي جو بادشاهہ کي تعبير ٻڌائيندو.