Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 1:20 - Sindhi Bible

20 ۽ عقل ۽ سمجهہ جي جيڪا ڳالهہ بادشاهہ هنن کان پڇي، تنهن ۾ هن انهن کي جيڪي جادوگر ۽ منڊ هڻندڙ سندس بادشاهت ۾ هئا، تن سڀني کان ڏهہ ڀيرا بهتر لڌو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 ڏاهپ ۽ دانائيءَ جي جيڪا بہ ڳالهہ بادشاهہ هنن کان پڇي، تنهن ۾ هن انهن کي پنهنجي پوري بادشاهت جي سڀني جادوگرن ۽ نجومين کان ڏهہ ڀيرا وڌيڪ بهتر لڌو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 1:20
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر اوهان جي پيءُ مون سان ٺڳي ڪري، ڏهہ ڀيرا منهنجو اُجورو بدلايو آهي، پر خدا کيس منهنجو نقصان ڪرڻ نہ ڏنو آهي.


۽ هيئن ٿيو تہ صبح جو هن جي دل بيچين ٿيڻ لڳي، سو هن مصر جا سڀيئي جادوگر، ۽ اتي جا سڀ ڏاها ماڻهو گهرايا: ۽ فرعون انهن کي پنهنجو خواب ٻڌايو، پر انهن مان ڪوبہ فرعون جي خواب جي تعبير نہ ڪري سگهيو.


۽ هيئن ٿيو تہ جيڪي يهودي سندن ويجهو رهندا هئا سي جڏهن آيا، تڏهن هنن سڀني جاين تان ڏهہ ڀيرا اسان کي چيو تہ اوهين ضرور موٽي اسان وٽ اچجو.


هي ڏهہ ڀيرا اوهان مون کي طعنا هنيا آهن: اوهان کي شرم نٿو اچي جو مون سان سختيءَ جي هلت ٿا ڪريو.


مون کي پنهنجن سڀني استادن کان وڌيڪ سمجهہ آهي؛ ڇو جو آءٌ تنهنجين شاهدين تي غور ٿو ڪريان.


تڏهن مصر جي جادوگرن بہ پنهنجي جادوءَ سان ائين ئي ڪيو: ۽ فرعون جي دل سخت ٿي ويئي ۽ هنن جي ڳالهہ نہ مڃيائين، جيئن ڪ خداوند فرمايو هو.


تڏهن جادوگرن فرعون کي چيو تہ هن ۾ خدا جو هٿ آهي: پر فرعون جي دل سخت ٿي وئي ۽ انهن جي ڳالهہ نہ مڃيائين، جيئن ڪ خداوند اڳيئي فرمايو هو.


۽ جادوگرن بہ پنهنجي جادوءَ سان ائين ئي ڪيو، ۽ مصر جي ملڪ تي ڏيڏر آندائون.


۽ مصر جو روح ان جي اندر ۾ نابود ڪيو ويندو؛ ۽ ان جي صلاح مصلحت ناس ڪري ڇڏيندس: ۽ هو بتن کي، ۽ منڊ هڻڻ وارن کي، ۽ جناين کي، ۽ ڏائڻن کي ڳوليندا وتندا.


ڏس تون داني ايل کان ڏاهو آهين؛ هو ڪوبہ ڳجهہ توکان لڪائي نہ سگهندا:


هاڻي انهن چئن جوانن کي خدا هر قسم جو علم، ۽ حڪمت، ۽ واقفيت، ۽ قابليت ڏني؛ ۽ داني ايل کي سڀني رويائن ۽ خوابن جي سمجهہ هئي.


انهي طرح اهو حڪم جاري ٿي ويو تہ ڏاهن ماڻهن کي مرڻو پوندو؛ ۽ داني ايل ۽ سندس سنگتين کي ڳولڻ لڳا تہ انهن کي بہ قتل ڪن.


۽ هو وقت ۽ موسمون بدلائي ٿو: هو هڪڙن بادشاهن کي برطرف ڪري ٿو، ۽ ٻين بادشاهن کي اُٿاري ٿو: هو ڏاهن کي ڏاهپ عطا ڪري ٿو، ۽ سمجهہ وارن کي علم ڏئي ٿو.


تڏهن داني ايل ورندي ڏيئي چيو تہ اهي پنهنجا انعام ڪنهن ٻئي کي ڏي، پر اها لکت آءٌ بادشاهہ کي پڙهي ٿو ٻڌايان، ۽ اُنهي جو مطلب بہ ٿو سمجهايان.


ڇالاءِ تہ جيتوڻيڪ هنن سڀني ماڻهن منهنجو جلال ۽ منهنجون نشانيون، جيڪي مون مصر ۾ ۽ بيابان ۾ ظاهر ڪري ڏيکاريون، سي ڏٺيون آهن، تڏهن بہ هنن مون کي ڏهہ ڀيرا آزمايو آهي، ۽ منهنجو آواز ڪن ڏيئي نہ ٻڌو اٿن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ