Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 1:2 - Sindhi Bible

2 ۽ خداوند يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم کي ۽ ساڻس گڏ ڪي خداوند جي گهر جا ٿانوَ بہ هن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيا؛ ۽ اُهي هو کڻي سنعار جي ملڪ ۾ پنهنجي معبود جي گهر ۾ ويو: ۽ اُهي ٿانوَ هن پنهنجي معبود جي گهر ۾ آڻي رکيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 پروردگار بادشاهہ يهويقيم کي نبوڪدنضر جي هٿان گرفتار ڪرايو ۽ انهيءَ سان گڏ پنهنجي هيڪل جا چونڊ ٿانوَ بہ هن جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيائين. نبوڪدنضر اهي ساڻ کڻي بابل ملڪ ۾ پنهنجي معبود جي بت‌خاني ۾ آيو، جتي هن اهي ٿانوَ بت‌خاني جي خزاني ۾ رکي ڇڏيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 1:2
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن جي بادشاهت جي شروعات سنعار ملڪ جي بابل، ارڪ، اڪاد ۽ ڪلنہ مان ٿي.


۽ هيئن ٿيو جو اڀرندي ڏانهن مسافري ڪندي ڪندي اهي سنعار ملڪ جي هڪڙي ميدان ۾ آيا، ۽ اتي رهي پيا.


هن جي ڏينهن ۾ بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر چڙهي آيو، ۽ يهويقيم ٽي ورهيہ هن جو ٻانهو ٿيو: تنهن کانپوءِ هن ڦري هن جي برخلاف فساد ڪيو.


جڏهن يهويقيم بادشاهي ڪرڻ لڳو، تڏهن پنجويهن سالن جو هو، ۽ هن يروشلم ۾ يارهن سال بادشاهي ڪئي: ۽ هن اهي ڪم ڪيا، جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا.


نبوڪدنضر خداوند سندس خدا جي گهر جا باسڻ بہ بابل ڏي کڻي ويو، ۽ هن اُهي بابل ۾ پنهنجي مندر ۾ وڃي رکيا.


خورس بادشاهہ بہ خداوند جي گهر جا اُهي باسڻ، جي نبوڪدنضر يروشلم مان ڪڍي آندا هئا؛ ۽ پنهنجن معبودن جي گهر ۾ رکيا هئائين، سي ڪڍي آندا؛


۽ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو تہ خداوند وري ٻيو ڀيرو پنهنجو هٿ کڻندو انهي لاءِ تہ سندس قوم جا جيڪي اسور مان ۽ مصر ۽ فطروس مان ۽ قوش مان ۽ عيلام ۽ سنعار مان ۽ حمات مان، ۽ سمنڊ جي ٻيٽن مان، باقي بچيا هوندا، تن کي گڏ ڪري.


ڪنهن يعقوب کي لٽ جي لاءِ ڏنو ۽ اسرائيل کي ڦورن جي حوالي ڪيو؟ خداوند ائين نہ ڪيو ڇا؟ جنهن جو انسان گناهہ ڪيو آهي، ۽ جنهن جي رستن تي انهن هلڻ نہ گهريو، ۽ جنهن جي شريعت جي انهن تابعداري نہ ڪئي.


اُهو ڪلام جو يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم بن يوسياہ جي چوٿين سال ۾ يهوداہ جي ماڻهن جي نسبت ۾ يرمياہ تي نازل ٿيو؛ اُهو ئي ساڳيو بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر جو پهريون سال هو؛


مون ڪاهنن ۽ انهي سڄي قوم کي بہ چيو تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهان جا نبي، جي نبوت ڪري اوهان کي چون ٿا تہ ڏسو، خداوند جي گهر جا ٿانوَ هاڻي سگهو ئي بابل مان موٽائي آندا ويندا، تن جون ڳالهيون نہ ٻڌو: ڇالاءِ جو اُهي اوهان کي ڪوڙي ڳالهہ نبوت ڪري ٿا ٻڌائين.


ٻن ڀرين ورهين اندر آءٌ خداوند جي گهر جا اُهي سڀ ٿانوَ هن هنڌ موٽائي آڻيندس، جي بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر هن هنڌان هٿ ڪري بابل ڏي کڻي ويو هو:


پر هيئن ٿيو تہ جڏهن بابل جو بادشاهہ نبوڪدرضر هن ملڪ ۾ آيو تڏهن اسان چيو تہ اچو تہ ڪسدين جي لشڪر جي ڊپ کان ۽ ارامين جي لشڪر جي ڊپ کان يروشلم ڏي هلون: تنهن ڪري اسين يروشلم ۾ رهندا اچون.


اوهين قومن منجهہ ظاهر ڪريو ۽ پڌرائي ڪرايو هڪڙو جهنڊو کڙو ڪريو ۽ مشهوري ڪرايو ۽ لڪايو نہ: چئو تہ بابل وٺجي ويو آهي، بيل شرمندو ڪيو ويو آهي، مردوڪ ڀڃي ٽڪر ٽڪر ڪيو ويو آهي؛ اُن جا بت شرمندا ڪيا ويا آهن، انهن جون مورتون ڀڃي پرزا پرزا ڪيون ويون آهن.


۽ آءٌ بابل ۾ بيل تي فتويٰ جاري ڪندس، ۽ هن جي وات مان جيڪي ڳٿو اٿس سو ڪڍي وٺندس، ۽ قومون وري اڳتي هن ڏي گڏجي ڊوڙنديون نہ وينديون: هائو، بابل جي ڀت ڪري پوندي.


تڏهن داني ايل کي بادشاهہ جي حضور ۾ آندائون. بادشاهہ داني ايل کي مخاطب ٿي چيو تہ تون اُهو داني ايل آهين جو يهوداہ جي قيدين منجهان آهي ۽ جنهن کي منهنجي پيءُ يهوداہ مان آندو هو؟


اي بادشاهہ، خدا تعاليٰ تنهنجي پيءُ نبوڪدنضر کي بادشاهي ۽ وڏائي ۽ عزت ۽ هشمت عطا ڪئي:


تنهنڪري هو پنهنجي ڄار جي لاءِ قرباني ۽ پنهنجي وڏيءَ ڄار جي لاءِ لوبان ٿو ساڙي؛ ڇالاءِ جو انهن جي وسيلي هن جو حصو وڏو ۽ هن جو کاڌو ججهو ٿئي ٿو.


۽ هن مون کي چيو تہ سنعار جي ملڪ ڏانهن، تہ اتي انهي لاءِ گهر جوڙين، ۽ جڏهن اهو تيار ٿئي، تہ هيءَ پنهنجي جاءِ ۾ رکي وڃي.


جيڪڏهن انهن جو ٽڪر کين وڪڻي نہ ڇڏي ها، ۽ خداوند انهن کي حوالي نہ ڪرائي ها، تہ ڪيئن هڪڙو ڄڻو هزار جي پٺيان پوي ها، ۽ ٻہ ڄڻا ڏهن هزارن کي ڀڄائي ڪڍن ها؟


تنهن تي خداوند جي ڪاوڙ اسرائيل تي ڀڙڪي ۽ هن انهن کي ڦرلٽ ڪرڻ وارن جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو، جن هنن کي ڦري لٽي ڇڏيو، ۽ انهن کي آس پاس وارن دشمنن وٽ وڪڻي ڇڏيائين، جنهنڪري هو وري پنهنجي دشمنن جي سامهون بيهي ڪين سگهيا.


تنهنڪري خداوند جي ڪاوڙ اسرائيل تي ڀڙڪي، ۽ هن انهن کي وڪڻي مسوپتاميہ جي بادشاهہ، ڪوشن رسعتيم جي هٿ ۾ ڏنو: ۽ بني اسرائيل اٺ ورهيہ ڪوشن رسعتيم جي ٻانهپ ڪئي.


تڏهن خداوند هنن کي ڪنعان جي بادشاهہ، يابين وٽ وڪڻي ڇڏيو، جو حصور ۾ بادشاهي ڪندو هو؛ انهي جي لشڪر جو سپهہ سالار سيسرا هو، جو حروسيت هگوئيم ۾ رهندو هو.


۽ فلستين خدا جي صندوق کي دجون جي گهر آندو، ۽ دجون جي پاسي ۾ رکي ڇڏيائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ