Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڪلسين 4:8 - Sindhi Bible

8 انهي کي مون انهي ڪم لاءِ اوهان ڏانهن موڪليو آهي، تہ اسان جي حال جي اوهان کي خبر پوي، ۽ هو اوهان جي دلين کي تسلي ڏئي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

8 هن کي آءٌ انهيءَ مقصد لاءِ اوهان ڏانهن موڪلي رهيو آهيان تہ اوهين اسان جي حالتن بابت ڄاڻو ۽ هو اوهان جي دلين کي همتائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 هن کي آءٌ انهيءَ مقصد لاءِ اوهان ڏانهن موڪلي رهيو آهيان تہ اوهين اسان جي حالتن بابت ڄاڻو ۽ هو اوهان جي دلين کي همتائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

8 ھن کي آءٌ انھيءَ مقصد لاءِ اوھان ڏانھن موڪلي رھيو آھيان تہ اوھين اسان جي حالتن بابت ڄاڻو ۽ ھو اوھان جي دلين کي ھمتائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڪلسين 4:8
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهان جو خداوند فرمائي ٿو تہ تسلي ڏيو، منهنجي اُمت کي تسلي ڏيو.


انهي سبب ڪري مون تيمٿيس کي اوهان ڏانهن موڪليو آهي، جو خداوند ۾ منهنجو پيارو ۽ ايماندار فرزند آهي، ۽ اُهو منهنجي هلت چلت جا مسيح ۾ آهي سا اوهان کي ياد ڏياريندو، جيئن ڪ آئون جتي ڪٿي سڀ ڪنهن ڪليسيا ۾ تعليم ڏيندو رهيو آهيان.


جو اسانجين سڀني مصيبتن ۾ اسان کي تسلي ٿو ڏئي، انهي لاءِ تہ جيڪا تسلي خدا خود اسان کي ٿو ڏئي، تنهن جي وسيلي اسين اُنهن ٻين کي بہ تسلي ڏيئي سگهون جي ڪنهن مصيبت ۾ آهن.


مون طيطس کي سمجهائي ساڻس گڏ هن ڀاءُ کي بہ موڪليو. پوءِ طيطس اوهان کان ڪو فائدو ورتو ڇا؟ اسان ٻنهي جي هلت هڪڙي ئي روح جي هدايت موجب نہ هئي ڇا؟ ۽ هڪڙي ئي طريقي تي نہ هلياسين ڇا؟


تنهنڪري اوهان کي گهرجي تہ کيس معاف ڪريو ۽ تسلي ڏيوس، متان اهو ماڻهو گهڻي غم ڪري برباد ٿي وڃي.


اُنهي کي مون اوهان ڏانهن انهي ڪم لاءِ موڪليو آهي تہ اسان جي حالت جي اوهان کي خبر پوي، ۽ هو اوهانجين دلين کي تسلي ڏئي.


تنهنڪري مون ڏاڍو سعيو ڪري کيس موڪليو آهي، انهي لاءِ تہ اوهين بہ هن کي وري ڏسي خوش ٿيو، ۽ منهنجو ڏک بہ گهٽ ٿئي.


انهي لاءِ تہ انهن جي دلين کي تسلي ملي، ۽ اُهي محبت جي ڪري پاڻ ۾ هڪ ٿي رهن، ۽ سمجهہ جي پوري معموري حاصل ڪن، تہ من خدا جي راز يعني مسيح کان واقف ٿين؛


۽ اوهين ڄاڻو ٿا تہ جهڙيءَ طرح ڪو پيءُ پنهنجن ٻارن سان هلندو آهي، تهڙيءَ طرح اسين بہ اوهان مان هرهڪ سان هلياسين؛ ۽ اوهان کي دلداري ڏيئي، اوهان کي همتايوسين ۽ نصيحت ڪئي سين؛


۽ تيمٿيس، جو اسان جو ڀاءُ، ۽ مسيح جي خوشخبريءَ ۾ خدا جو خادم آهي، تنهن کي موڪليوسين تہ اوهان کي قائم ڪري، ۽ اوهان جي ايمان جي نسبت ۾ اوهان کي تسلي ڏئي؛


انهي ڪري جڏهن آئون زيادہ برداشت نہ ڪري سگهيس، تڏهن اوهان جي ايمان جو حال معلوم ڪرڻ لاءِ تيمٿيس کي موڪليم، تہ متان ڪنهن طرح آزمائڻ واري اوهان کي آزمايو هجي، ۽ اسان جو پورهيو ضايع ٿئي.


تنهنڪري اوهين انهن ڳالهين سان هڪٻئي کي تسلي ڏيو.


تنهنڪري هڪٻئي کي همتايو، ۽ هڪٻئي جي ترقيءَ جا باعث ٿيو، جيئن ڪ اڳيئي پيا ڪريو.


اي ڀائرو، اسين اوهان کي نصيحت ٿا ڪريون تہ بي قاعدي هلڻ وارن کي سمجهايو، ۽ جيڪي بي همت آهن، تن کي همتايو، هيڻن جي مدد ڪريو، سڀني سان ڏاڍي صبر سان گذاريو.


سو اوهان جي دلين کي تسلي ڏئي، ۽ سڀ ڪنهن چڱي ڪم ۽ ڪلام ۾ مضبوط ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ