Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڪلسين 4:6 - Sindhi Bible

6 اوهان جي ڳالهہ ٻولهہ هميشہ فضيلت واري ۽ سلوڻي هئڻ کپي، جنهنڪري اوهان کي خبر پوي تہ هرهڪ کي ڪيئن واجبي جواب ڏجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

6 اوهان جي ڳالهہ ٻولهہ هميشہ اهڙي سلڇڻي ۽ وڻندڙ هجي، جو اوهين هر ماڻهوءَ کي مناسب جواب ڏيئي سگھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 اوهان جي ڳالهہ ٻولهہ هميشہ اهڙي فضيلت واري ۽ وڻندڙ هجي، جو اوهين هر ماڻهوءَ کي مناسب جواب ڏيئي سگھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

6 اوھان جي ڳالھہ ٻولھہ ھميشہ فضيلت واري ۽ سلوڻي ھئڻ کپي، تہ جيئن اوھان کي خبر پوي تہ ھرھڪ کي ڪيئن مناسب جواب ڏجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڪلسين 4:6
33 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

قومن ۾ هن جو جلال ظاهر ڪريو، سڀني قومن ۾ سندس عجيب ڪمن جو بيان ڪريو.


هن جي حضور ۾ گيت ڳايو، ۽ سندس تعريف ڳايو؛ هن جي سڀني عجيب ڪمن جو ذڪر ڪريو.


تنهنجي سڀني فيصلن جو مون پنهنجي زبان سان ذڪر ڪيو آهي.


آءٌ بادشاهن جي اڳيان تنهنجين شاهدين جو بيان ڪندس، ۽ ڦڪو ڪين ٿيندس.


بني آدم ۾ تون سڀ کان سهڻو آهين؛ تنهنجا چپ فضل سان ڀرپور آهن: تنهن ڪري خدا تو کي هميشہ جي لاءِ برڪت ڏني آهي.


اوهين سڀيئي جن کي خدا جو ڊپ آهي سي اچي ٻڌو؛ جيڪي هن منهنجيءَ جان لاءِ ڪيو آهي تنهن جو آءٌ بيان ڪندس.


سچن جا چپ گهڻن کي کاڌو ڏين ٿا ۽ بي عقل سمجهہ نہ ڌارڻ ڪري مرن ٿا.


نيڪ زبان حياتيءَ جو هڪڙو وڻ آهي: پر انهيءَ جي ڏنگائي روح جي شڪست آهي.


ڏاهي جا چپ علم پکيڙين ٿا: پر بي عقل جي دل ائين نٿي ڪري.


ڏاهي ماڻهوءَ جي وات جون ڳالهيون وڻڻ جهڙيون آهن؛ پر بي عقل جا چپ خود کيس بہ ڳهي ويندا.


۽ تون هنن کي خداوند جي اڳيان آڻج، ۽ ڪاهن انهن تي لوڻ وجهن، ۽ اُهي هنن کي خداوند جي لاءِ ساڙڻ جي قرباني ڪري پيش ڪن.


تون جيڪا بہ کاڌي جي قرباني پيش ڪرين، تنهن ۾ ضرور لوڻ وجهج؛ تون پنهنجي کاڌي جي قرباني ۾ پنهنجي خدا جي عهد جو لوڻ بند نہ ڪج: تون پنهنجين سڀني قربانين سان گڏ لوڻ پيش ڪج.


اوهين زمين جو لوڻ آهيو: پر جيڪڏهن لوڻ جو سواد هليو وڃي تہ هن کي ڇا سان سلوڻو ڪبو؟ انهي کانپوءِ اُهو ڪنهن بہ ڪم جو ڪونہ آهي، پر رڳو هن لائق آهي تہ اُڇلائي ڇڏجي، ۽ ماڻهن جي پيرن هيٺ لتاڙجي.


لوڻ تہ چڱو آهي، پر جي لوڻ جو سواد نڪري وڃي تہ ڇا سان انهي کي سلوڻو ڪندا؟ پاڻ ۾ لوڻ رکو، ۽ هڪ ٻئي سان صلح ۾ رهو.


۽ سڀني سندس لاءِ شاهدي ڀري، ۽ جيڪي فضل ڀريون ڳالهيون سندس واتان نڪتيون، سي ٻڌي عجب کاڌائون ۽ چوڻ لڳا تہ هي يوسف جو پٽ نہ آهي ڇا؟


اوهان جي وات مان ڪابہ گندي ڳالهہ نہ نڪري، پر اهڙي جا ضرورت موافق سڌاري جي لاءِ چڱي هجي، تہ ٻُڌڻ واري کي انهيءَ مان فضل حاصل ٿئي.


۽ اهي تون پنهنجي اولاد کي سيکارج، گهر ۾ ويهندي، واٽ ويندي، سمهندي ۽ اُٿندي، انهن جو ذڪر ڪج.


ڀلي تہ مسيح جو ڪلام هر قسم جي دانائي سميت اوهان ۾ ججهو ئي رهي. هڪٻئي کي تعليم ڏيو ۽ نصيحت ڪريو، ۽ فضل سان ڀرپور ٿي پنهنجين دلين ۾ خدا جي لاءِ زبور ۽ گيت ۽ ديني راڳ ڳايو.


پر مسيح کي خداوند ڄاڻي پنهنجين دلين ۾ پاڪ سمجهو ۽ جا اُميد اوهان ۾ آهي، تنهن جو سبب جيڪو ماڻهو اوهان کان پڇي تنهن کي جواب ڏيڻ لاءِ هميشہ تيار رهو، مگر حليمائيءَ ۽ ادب سان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ