Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڪلسين 4:17 - Sindhi Bible

17 ۽ ارخپس کي چئجو تہ جيڪا خدمت خداوند ۾ توکي ملي آهي، انهيءَ ۾ هوشيار رهہ، انهيءَ کي پورو ڪر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

17 ان کان علاوہ ارخپس کي نياپو ڏجو تہ ”پرڀو يسوع جي سيوا وارو جيڪو ڪم تنهنجي حوالي ڪيو ويو آهي، تنهن کي ضرور پورو ڪجانءِ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 ان کان علاوہ ارخپس کي نياپو ڏجو تہ ”خداوند عيسيٰ جي خدمت وارو جيڪو ڪم تنهنجي حوالي ڪيو ويو آهي، تنهن کي ضرور پورو ڪجانءِ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

17 ان کان سواءِ ارخپس کي چئجو تہ جيڪو ڪم خداوند جي خدمت لاءِ تو کي مليو آھي، تنھن کي ضرور پورو ڪجانءِ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڪلسين 4:17
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي منهنجا ٻچڙا هاڻي غفلت نہ ڪريو: ڇالاءِ جو خداوند اوهان کي چونڊي ڪڍيو آهي تہ هن جي اڳيان بيهو ۽ خدمت ڪريو، ۽ اوهين هن جا خادم ٿيو ۽ لوبان ساڙيو.


تڏهن موسيٰ هارون کي چيو تہ، هيءَ اها ئي ڳالهہ آهي جا خداوند فرمائي هئي، تہ جيڪي منهنجي ويجهو ايندا، تن ۾ آءٌ پاڪ سمجهيو ويندس، ۽ سڀني ماڻهن جي اڳيان منهنجو جلال ظاهر ٿيندو: ۽ هارون ماٺ ڪري بيهي رهيو.


۽ اوهين پاڪ مڪان جي ۽ قربانگاهہ جي حفاظت ڪجو: تہ اڳتي وري بني اسرائيل تي غضب نازل نہ ٿئي.


ساڳيءَ طرح جنهن کي ٻہ قنطار مليا هئا، تنهن بہ ٻيا ٻہ ڪمايا.


ڇالاءِ جو هو اسان مان ئي هڪڙو ليکبو هو، ۽ هن خدمت جي ڪم ۾ حصو هوس.


۽ جڏهن هرهڪ ڪليسيا ۾ سندن لاءِ بزرگ مقرر ڪري رهيا، ۽ هنن جي لاءِ روزا رکي دعا گهُري رهيا، تڏهن کين خدا، جنهن تي ايمان آندو هئائون، تنهن جي حوالي ڪيائون.


اوهين پنهنجي ۽ اُنهي ساري ڌڻ جي سنڀال ڪجو، جنهن جو پاڪ روح اوهان کي نگهبان مقرر ڪيو آهي، ۽ خدا جي انهيءَ ڪليسيا کي سنڀاليندا رهجو، جا هن خاص پنهنجي رت سان خريد ڪئي.


۽ هن ڪن کي رسول، ۽ ڪن کي نبي، ۽ ڪن کي مبشر، ۽ ڪن کي پاسبان، ۽ ڪن کي اُستاد مقرر ڪري ڏنو؛


جيڪا بخشش توکي نبوت جي وسيلي، بزرگن جي هٿن رکڻ سان ملي، تنهن کان غافل نہ رهہ.


پنهنجي، ۽ پنهنجي تعليم جي سنڀال ڪج؛ انهن ڳالهين تي قائم رهندو اچج؛ ڇالاءِ جو ائين ڪرڻ سان تون پاڻ کي توڙي پنهنجي ٻُڌڻ وارن کي بچائيندين.


جيڪڏهن تون ڀائرن کي اهي ڳالهيون ياد ڏياريندين تہ تون مسيح يسوع جو چڱو خادم ٿيندين، ۽ انهي ايمان ۽ چڱي تعليم جي وسيلي پرورش پائيندين، جن تي اڄ تائين تون پئي هليو آهين.


اي تيمٿيس، انهيءَ امانت کي سنڀالي رک، ۽ جنهن علم کي علم چوڻ ئي غلط آهي، تنهن جي اجائي بَڪ بَڪ ۽ اعتراض کان پاسو ڪر؛


انهي سبب ڪري آئون توکي ياد ٿو ڏياريان، تہ تون خدا جي انهيءَ بخشش کي وري چمڪاءِ، جا منهنجن هٿن رکڻ ڪري توکي مليل آهي.


۽ جيڪي ڳالهيون گهڻن شاهدن جي اڳيان تو مون کان ٻُڌيون آهن، سي ٻين ايمان وارن ماڻهن جي سپرد ڪر، جي وري ٻين کي بہ سيکاري سگهن.


۽ اسان جي ڀيڻ افيہ، ۽ اسان وانگر مسيح جي سپاهي ارخپس، ۽ انهيءَ ڪليسيا ڏانهن، جا تنهنجي گهر ۾ گڏ ٿيندي آهي؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ