Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڪلسين 4:10 - Sindhi Bible

10 ارسترخس، جو مون سان گڏ قيد ۾ آهي، ۽ برناباس جي سوٽ مرقس (جنهن جي بابت اوهان کي حڪم مليو، اهو جي اوهان وٽ اچي تہ انهي جو استقبال ڪجو.)

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

10 ارسترخس، جيڪو مون سان گڏ قيد ۾ آهي، اوهان کي نمسڪار چوي ٿو. مرقس بہ، جيڪو برنباس جو سؤٽ آهي اوهان کي نمسڪار چوي ٿو. هن بابت اوهان کي هدايتون ٿيل آهن، سو جيڪڏهن هو اوهان وٽ اچي تہ سندس آڌرڀاءُ ڪجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 ارسترخس، جيڪو مون سان گڏ قيد ۾ آهي، اوهان کي سلام چوي ٿو. مرقس بہ، جيڪو برنباس جو سؤٽ آهي اوهان کي سلام چوي ٿو. هن بابت اوهان کي هدايتون ٿيل آهن، سو جيڪڏهن هو اوهان وٽ اچي تہ سندس آڌرڀاءُ ڪجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

10 ارسترخس، جيڪو مون سان گڏ قيد ۾ آھي، اوھان کي سلام چوي ٿو. مرقس بہ، جيڪو برنباس جو سوٽ آھي اوھان کي سلام چوي ٿو. ھن بابت اوھان کي ھدايتون ٿيل آھن تہ جيڪڏھن ھو اوھان وٽ اچي تہ سندس آڌرڀاءُ ڪجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڪلسين 4:10
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جڏهن انهيءَ ڳالهہ تي ويچار ڪري رهيو تڏهن هو، يوحنا جنهن کي مرقس ڪري چوندا هئا، تنهن جي ماءُ مريم جي گهر آيو؛ اُتي گهڻا ئي اچي گڏ ٿيا هئا ۽ دعا پئي گهُريائون.


۽ برناباس ۽ شائول پنهنجي خدمت پوري ڪري، ۽ يوحنا جنهن کي مرقس سڏيندا هئا، تنهن کي پاڻ سان وٺي يروشلم ۾ آيا.


هاڻي پولس ۽ سندس سنگتي پافس مان جهاز تي چڙهي روانا ٿيا، ۽ پرگا ۾ آيا، جو پمفوليہ ۾ آهي؛ پر يوحنا هنن کي ڇڏي موٽي يروشلم ۾ آيو.


۽ جڏهن سلميس ۾ اچي پهتا، تڏهن يهودين جي عبادتخانن ۾ خدا جي ڪلام جي منادي ڪرڻ لڳا: ۽ يوحنا ساڻن هو.


۽ سڄي شهر ۾ گوڙ مچي ويو ۽ هو سڀ گڏجي گيوس ۽ ارسترخس، جي مڪدونيہ جا ماڻهو هئا، ۽ سفر ۾ پولس جا ساٿي هئا، تن کي پڪڙي تماشگاهہ ۾ وٺي آيا.


۽ بريہ واري پورس جي پٽ سوپترس، ۽ ٿسلونيڪي وارن مان ارسترخس، ۽ سڪندس، ۽ دربي وارو گيوس، ۽ تيمٿيس، ۽ آسيہ مان تخڪس ۽ تروفيمس، اهي ساڻس گڏ آسيہ تائين ويا.


۽ ادرموتيم جو هڪڙو جهاز، جو آسيہ جي ڪناري وارن شهرن ڏانهن وڃڻو هو، تنهن تي چڙهي اسين روانا ٿياسين، ۽ ٿسلونيڪيءَ جو هڪڙو مڪدوني ارسترخس نالي اسان سان هو.


۽ يوسف جنهن کي رسولن برناباس جو لقب ڏنو هو، (جنهن جي معنيٰ آهي نصيحت جو پٽ) ۽ جو ليوي هو، ۽ جنهن جو وطن ڪپرس هو،


تہ اوهين هن کي خداوند ۾ قبول ڪريو، جيئن پاڪ ٿيلن کي واجب آهي، ۽ جنهن ڳالهہ ۾ اوهان جي ضرورت هجيس، تنهن ۾ سندس مدد ڪجو، ڇالاءِ جو هوءَ پاڻ بہ گهڻن ئي جي مددگار ٿي رهي آهي، بلڪ خود منهنجي بہ.


منهنجن مائٽن ۽ مون سان گڏ قيد ٿيلن، اندرنيڪس ۽ يونياس کي سلام ڏجو، جي رسولن ۾ مشهور آهن، ۽ مون کان اڳي مسيح ۾ شامل ٿيا آهن.


رڳو لوقا مون وٽ آهي. مرقس کي پاڻ سان وٺيو اچج: ڇالاءِ جو خدمت جي ڪم ۾ هو مون کي ڪمائتو آهي.


اپفراس جو مون سان گڏ مسيح يسوع ۾ قيدي آهي،


۽ مرقس ۽ ارسترخس ۽ ديماس، ۽ لوقا، جي منهنجا هم خدمت آهن، سي توکي سلام ٿا ڏين.


بابل واري ڪليسيا جا اوهان سان گڏ چونڊيل آهي، سا اوهان کي سلام ٿي موڪلي؛ ۽ اهڙيءَ طرح منهنجو فرزند مرقس بہ.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ