Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڪلسين 3:7 - Sindhi Bible

7 ۽ اوهين بہ جڏهن انهن ڳالهين ۾ زندگي گذاريندا هئا، تڏهن انهن تي هلندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

7 اڳي اوهان ۾ بہ اهڙيون خواهشون هيون، جڏهن اوهين انهن موجب جيون گذاريندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 اڳي اوهان ۾ بہ اهڙيون خواهشون هيون، جڏهن اوهين انهن موجب زندگي گذاريندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

7 اڳي اوھان ۾ بہ اھڙيون خواھشون ھيون، جڏھن اوھين انھن موجب زندگي گذاريندا ھئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڪلسين 3:7
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو جڏهن اسين جسماني هئاسين، تڏهن خراب خواهشون، جي شريعت جي ڪري ظاهر ٿي ٿيون، تن اسانجن عضون تي اهڙو اثر ٿي ڪيو، جنهن جو نتيجو موت آهي.


۽ اوهان مان ڪي اهڙا ئي هئا، پر اوهين خداوند يسوع مسيح جي نالي سان ۽ اسان جي خدا جي روح سان ڌوپي ويا، ۽ پاڪ ٿي ويا، ۽ راستباز ٺهرايا ويا.


جن گناهن ۾ اوهين اڳي هن دنيا جي دستور موجب هلندا هئا، ۽ فضا ۾ اختيار هلائڻ واري حاڪم جي، يعني انهي روح جي پيروي ڪندا هئا، جو هاڻي نافرمانيءَ جي فرزندن ۾ اثر پيدا ٿو ڪري؛


۽ اوهين جي پنهنجن گناهن ڪري ۽ پنهنجي جسم جي نامختونيءَ جي ڪري مُئل هئا، تن کي هن سان گڏ جيئرو ڪيائين ۽ اسان جا سڀيئي ڏوهہ بخشيائين؛


ڇالاءِ جو اسين بہ اڳي بي عقل، نافرمان، گمراهہ، قسم قسم جي نفساني خواهشن ۽ عشرتن جا غلام هئاسين، ۽ بدخواهي ۽ حسد ۾ گذاريندا هئاسين. ۽ نفرت جا لائق هئاسين، ۽ هڪ ٻئي سان بہ نفرت ٿي ڪئي سين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ