Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڪلسين 3:23 - Sindhi Bible

23 جيڪو بہ ڪم ڪريو سو دل سان ڪريو، ڄڻ تہ خداوند جي لاءِ ٿا ڪريو؛ نہ ماڻهن جي لاءِ؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

23 جيڪي بہ ڪريو سو دل سان ڪريو، ائين سمجھو تہ پرڀو يسوع جي لاءِ ٿا ڪريو، نہ ماڻهن جي لاءِ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 جيڪي بہ ڪريو سو دل سان ڪريو، ائين سمجھو تہ خداوند عيسيٰ جي لاءِ ٿا ڪريو، نہ ماڻهن جي لاءِ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

23 جيڪي⁠بہ ڪريو سو دل سان ڪريو، ائين سمجھي تہ خداوند جي لاءِ ٿا ڪريو، نہ ماڻھن جي لاءِ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڪلسين 3:23
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خدا جي گهر جي خدمت لاءِ، ۽ شريعت لاءِ، ۽ حڪمن لاءِ جيڪو ڪم هن خدا جي طلب ۾ شروع ڪيو، سو پنهنجي سڄي دل سان ڪيائين، ۽ انهيءَ ۾ فتحياب ٿيو.


اي منهنجي جان خداوند کي مبارڪ چئُہ؛ ۽ جيڪي منهنجي اندر آهي سو سڀ هن جي پاڪ نالي کي مبارڪ چوي.


مون پنهنجي پوريءَ دل سان تنهنجي ڳولا ڪئي آهي: مون کي پنهنجي حڪمن کان ڀٽڪڻ نہ ڏي.


ق آءٌ پنهنجي سالم دل سان دعا ٿو ڪريان؛ اي خداوند مون کي جواب ڏي: آءٌ تنهنجن قانونن تي عمل ڪندس.


مون کي سمجهہ ڏي تہ آءٌ تنهنجي شريعت کي مڃيندو رهندس؛ ۽ پنهنجيءَ ساريءَ دل سان انهيءَ تي عمل ڪندس.


جيڪو ڪم تنهنجي هٿ لڳي سو پنهنجي طاقت آهر پيو ڪر؛ ڇالاءِ جو جنهن قبر ۾ تون وڃڻو آهين تنهن ۾ نڪو ڪم آهي، نڪا رِٿ آهي، نڪو علم آهي، نڪو عقل آهي.


۽ انهي هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي، تہ هن جي بي وفا ڀيڻ يهوداهہ پنهنجي سالم دل سان مون ڏي موٽي نہ آئي آهي، پر ڍونگ ڪري موٽي آهي.


۽ جڏهن اوهين روزو رکو، تڏهن رياڪارن وانگر منهن لٿل نہ ٿيو، ڇالاءِ جو اُهي پنهنجا منهن بدشڪل ڪيو وجهن، انهي لاءِ تہ ماڻهو ڏسن تہ هنن روزو رکيو آهي. آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هنن کي پنهنجو اجر ملي چڪو.


جيڪو ڪنهن ڏينهن کي سڳورو ٿو سمجهي سو خداوند جي ڪري ائين سمجهي ٿو: ۽ جيڪو کائي ٿو سو خداوند جي خاطر ٿو کائي، ڇالاءِ جو خدا جو شڪر ٿو ڪري؛ ۽ جيڪو نٿو کائي سو بہ خدا جي خاطر نٿو کائي، ۽ خدا جو شڪر ٿو ڪري.


هن ڪري جو جي اسين چئون ٿا تہ خداوند جي لاءِ ٿا جيئون؛ يا جي اسين مرون ٿا، تہ بہ خداوند جي لاءِ ٿا مرون: تنهنڪري جي اسين جيئون توڙي مرون، تہ بہ خداوند جا ئي آهيون.


اي زالون، اوهين پنهنجن مڙسن جون اهڙيون تابعدار رهو، جهڙيون خداوند جون.


۽ جيڪي بہ ڪريو، قول يا فعل، سو سڀ خداوند يسوع مسيح جي نالي تي ڪريو، ۽ انهي جي وسيلي خدا پيءُ جا شڪرانا بجا آڻيو.


جڏهن اوهان حق جي تابعداري ڪري پنهنجن روحن کي پاڪ ڪيو تہ ڀائرن سان حقيقي محبت ڪريو، تڏهن دل و جان سان هڪٻئي کي پيار ڪريو.


خداوند جي خاطر انسان جي سڀ ڪنهن اختياريءَ جا تابعدار رهو. بادشاهہ جا هن ڪري جو هو سڀني کان اعليٰ آهي؛


ڇالاءِ جو خدا جي اها ئي مرضي آهي تہ نيڪي ڪرڻ سان اوهين بيوَقوف ماڻهن جي نادانيءَ جي ڳالهين کي بند ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ