Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڪلسين 3:19 - Sindhi Bible

19 اي مڙسو، پنهنجين زالن کي پيار ڪريو ۽ ساڻن سختي نہ ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

19 اي پتيؤ! پنهنجين پتنين سان پيار ڪريو، انهن ڏانهن پنهنجي دل کٽي نہ ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 اي مڙ‌سؤ! پنهنجين زالن سان پيار ڪريو، انهن ڏانهن پنهنجي دل کٽي نہ ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

19 اي مڙسؤ! پنھنجين زالن سان محبت رکو ۽ انھن تي سختي نہ ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڪلسين 3:19
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن اسحاق هن کي پنهنجي ماءُ سارہ جي تنبوءَ ۾ وٺي ويو. پوءِ هن ربقہ سان شادي ڪئي ۽ هوءَ سندس زال ٿي، ۽ هو کيس پيار ڪرڻ لڳو: ۽ اسحاق کي سندس ماءُ جي مرڻ کان پوءِ تسلي ملي.


جنهن زال سان تنهنجي هن بيهودگيءَ جي حياتيءَ جا سڀ ڏينهن محبت آهي، جا هن سج هيٺان توکي ڏني وئي آهي، تنهن سان تون هنن بيهودگيءَ جي ڏينهن ۾ خوش پيو گذار: ڇالاءِ جو حياتيءَ ۾ جيڪو پورهيو تون سج هيٺان پيو ڪرين تنهن ۾ اهو ئي تنهنجو حصو آهي.


جيڪڏهن ڪو منهنجي پٺيان اچي، ۽ پنهنجي پيءُ، ۽ ماءُ، ۽ زال، ۽ ٻارن، ۽ ڀائرن، ۽ ڀينرن، بلڪ پنهنجي جان کي بہ نہ ڌڪاري، تہ اُهو منهنجو شاگرد ٿي نٿو سگهي.


هنن جو وات لعنت ۽ ڪراهت سان ڀريل آهي:


هر طرح جو ڪوڙ، ۽ ڪاوڙ، ۽ غصو، ۽ گوڙ، ۽ گلا، هر قسم جي بدخواهيءَ سميت، اوهان کان پري ٿئي:


اي مڙسو، پنهنجين زالن سان محبت رکو، جيئن ڪ مسيح بہ ڪليسيا سان محبت رکي ۽ پاڻ کي انهي جي لاءِ ڏيئي ڇڏيائين؛


مطلب هي آهي تہ اوهان مان هرڪو پنهنجيءَ زال کي اهڙو پيار ڪري جهڙو پاڻ کي ٿو ڪري؛ ۽ زال کي بہ گهرجي تہ پنهنجي مڙس کان ڊڄندي رهي.


اي پيئرو، پنهنجن ٻارن کي ڪڪ نہ ڪريو، متان هو بي همٿ ٿي پون.


پر جيڪڏهن اوهان جي دل ۾ سخت حسد ۽ نفاق آهي تہ فخر نہ ڪريو، نڪي سچ جي برخلاف ڪوڙ ڳالهايو.


۽ اوهين جي مرد آهيو، سي بہ ساڳيءَ طرح پنهنجين زالن کي نازڪ ظرف سمجهي ساڻن سياڻپ سان هلو، ۽ پاڻ کي انهن سان زندگيءَ جي نعمت جي ورثي ۾ شريڪ ڄاڻي، کين عزت ڏيو؛ انهي لاءِ تہ اوهان جون دعائون روڪجي نہ وڃن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ