Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڪلسين 3:14 - Sindhi Bible

14 ۽ انهن سڀني کان وڌيڪ محبت، جا ڪماليت جو ڪمربند آهي، تنهن کي پهريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 انهن سڀني خوبين جي مٿان پريم کي ڪمربند وانگر ٻڌي ڇڏيو، جيڪو انهن کي مڪمل طور ٻڌيءَ ۾ رکي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 انهن سڀني خوبين جي مٿان محبت کي ڪمربند وانگر ٻڌي ڇڏيو، جيڪا انهن کي مڪمل طور ٻڌيءَ ۾ رکي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 انھن سڀني خوبين جي مٿان محبت کي ڪمربند وانگر ٻڌو، جيڪا انھن کي مڪمل طور ٻڌيءَ ۾ رکي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڪلسين 3:14
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهان کي هڪڙو نئون حڪم ٿو ڏيان تہ اوهين هڪ ٻئي کي پيار ڪريو؛ تہ جيئن مون اوهان کي پيار ڪيو آهي، تيئن اوهين بہ هڪ ٻئي کي پيار ڪريو.


منهنجو حڪم هيءُ آهي، تہ اوهين هڪ ٻئي کي پيار ڪريو، جيئن مون اوهان کي پيار ڪيو آهي.


آئون هنن ۾ ۽ تون مون ۾، تہ اهي پوريءَ طرح سان هڪ ٿي ڪماليت کي پهچن؛ انهي لاءِ تہ دنيا کي خبر پوي تہ تو مون کي موڪليو آهي، ۽ انهن کي پيار ڪيو اٿيئي، جيئن تو مون کي پيار ڪيو آهي.


پاڻ ۾ محبت کانسواءِ ڪنهن شيءِ جا بہ قرضدار نہ ٿيو: ڇالاءِ جو جيڪو پنهنجي پاڙيسريءَ سان محبت ٿو ڪري تنهن شريعت پوري ڪئي.


جيئن تہ هن اسان کي جهان جي شروعات کان اڳ ۾ هن ۾ چونڊي ڪڍيو تہ اسين سندس اڳيان محبت ۾ پاڪ ۽ بي عيب ٿيون:


۽ ڪوشش ڪريو تہ روح جي يگانگي ميل ميلاپ جي ٻنڌڻ ۾ ٻَڌل رهي.


۽ محبت سان هلو، جيئن ڪ مسيح بہ اوهان کي پيار ڪيو، ۽ اسان جي لاءِ پاڻ کي پاڻهي خوشبوءِ وانگر خدا جي اڳيان نذرانو ۽ قرباني ڪري ڏيئي ڇڏيائين.


انهي لاءِ تہ انهن جي دلين کي تسلي ملي، ۽ اُهي محبت جي ڪري پاڻ ۾ هڪ ٿي رهن، ۽ سمجهہ جي پوري معموري حاصل ڪن، تہ من خدا جي راز يعني مسيح کان واقف ٿين؛


پر ڀائرن جي محبت بابت اوهان ڏانهن ڪجهہ لکڻ جي ضرورت ڪانهي، ڇالاءِ جو اوهان کي هڪٻئي کي پيار ڪرڻ جي تعليم خدا کان ملي آهي؛


هاڻي انهي تاڪيد جو مطلب اهو آهي، تہ پاڪ ۽ نيڪ نيت ۽ سچي ايمان سان محبت پيدا ٿئي.


تنهنڪري اچو تہ مسيح جي بابت ٻاراڻي تعليم ڇڏي ڪماليت ڏانهن وڌندا هلون، ۽ مُردار ڪمن کان توبهہ ڪرڻ ۽ خدا تي ايمان آڻڻ جو وري بنياد نہ وجهون؛


سڀني ڳالهين کان وڌيڪ هڪٻئي سان گهڻي محبت رکو؛ ڇالاءِ جو محبت گهڻا ئي گناهہ ڍڪيو ڇڏي.


۽ دينداريءَ سان گڏ ڀائرن جو پيار، ۽ ڀائرن جي پيار سان گڏ محبت.


انهي ڪري خدا جا ٻار ۽ شيطان جا ٻار پڌرا ٿا ٿين: جيڪو راستبازيءَ جا ڪم نٿو ڪري، سو خدا مان ناهي، نڪي اهو جو پنهنجي ڀاءُ کي پيار نٿو ڪري.


۽ هن جو حڪم هي آهي تہ اسين سندس فرزند يسوع مسيح جي نالي تي ايمان آڻيون، ۽ هڪٻئي کي پيار ڪريون، جيئن تہ هن اسان کي حڪم ڏنو.


۽ هن کان اسان کي هي حڪم مليو آهي تہ جيڪو خدا کي پيار ٿو ڪري، سو پنهنجي ڀاءُ کي بہ پيار ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ