Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڪلسين 3:13 - Sindhi Bible

13 جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو ڪنهن ڏانهن رنج هجي تہ انهي جي برداشت ڪريو ۽ هڪٻئي کي معاف ڪريو؛ جهڙيءَ طرح ڪ خداوند اوهان کي معاف ڪيو، تهڙيءَ طرح اوهين بہ ڪريو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13 جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو ڪنهن ڏانهن رنج هجي تہ هڪٻئي جي برداشت ڪريو ۽ هڪٻئي کي معاف ڪريو. جيئن پرڀوءَ اوهان کي معاف ڪيو آهي تيئن اوهين بہ ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو ڪنهن ڏانهن رنج هجي تہ هڪٻئي جي برداشت ڪريو ۽ هڪٻئي کي معاف ڪريو. جيئن خداوند اوهان کي معاف ڪيو آهي تيئن اوهين بہ ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

13 جيڪڏھن ڪنھن ماڻھوءَ جو ڪنھن ڏانھن رنج ھجي تہ ھڪ ٻئي جي برداشت ڪريو ۽ ھڪ ٻئي کي معاف ڪريو. جيئن خداوند اوھان کي معاف ڪيو آھي تيئن اوھين بہ ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڪلسين 3:13
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ماڻهوءَ جي سياڻپ هن کي ڪاوڙجڻ ۾ ڍرو ٿي ڪري؛ چُڪ تي گذر ڪرڻ کي هو پنهنجو فخر ٿو سمجهي.


پر آئون اوهان کي چوان ٿو تہ پنهنجن دشمنن کي پيار ڪريو، ۽ جيڪي اوهان کي ستائين، تن جي لاءِ دعا گهرو؛


اسان جا قرض اسان کي معاف ڪر، جيئن اسان بہ پنهنجن قرضين کي معاف ڪيو آهي.


۽ جڏهن بہ دعا گهُرو، تڏهن جي اوهان جو ڪنهن تي رنج هجي تہ انهي کي معافي ڏيو، انهي لاءِ تہ اوهان جو پيءُ، جو آسمان ۾ آهي، سو اوهان جا ڏوهہ بہ اوهان کي معاف ڪري.


۽ اسان جا گناهہ اسان کي معاف ڪر؛ ڇالاءِ تہ جيڪي اسان جا قرضدار آهن، تن کي اسين معاف ٿا ڪريون، ۽ اسان کي آزمائش ۾ نہ آڻ.


پوءِ يسوع چيو، تہ اي بابا، هنن کي معاف ڪر، ڇالاءِ جو خبر ئي ڪانہ ٿي پوينِ تہ ڇا ٿا ڪريون. ۽ هو سندس ڪپڙا ورهائي پُکا وجهڻ لڳا.


تنهنڪري جيئن مسيح خدا جي جلال لاءِ اوهان کي قبول ڪيو، تيئن اوهين بہ هڪ ٻئي کي قبول ڪريو.


پر جنهن کي اوهين ڪنهن ڳالهہ جي معافي ٿا ڏيو؛ انهي کي آئون بہ معافي ٿو ڏيان. ڇالاءِ جو جيڪڏهن مون ڪجهہ بہ معاف ڪيو آهي، تہ مسيح جي روبرو اوهان جي خاطر اهو معاف ڪيو اٿم.


پاڪيزگيءَ ۾، علم ۾، گهڻي تحمل ۾، مهربانيءَ ۾، پاڪ روح ۾، خالص محبت ۾،


اوهين هڪ ٻئي جو بار کڻو، ۽ انهي طرح مسيح جي شريعت پوري ڪريو.


يعني ڏاڍيءَ نماڻائيءَ ۽ نِوڙت سان تحمل ڪري، محبت ۾ هڪٻئي جي برداشت ڪريو؛


۽ اوهين هڪ ٻئي تي مهربان ۽ نرم دل ٿيو، ۽ جهڙيءَ طرح خدا مسيح ۾ اوهان کي معاف ڪيو آهي، تهڙيءَ طرح اوهين بہ هڪ ٻئي کي معاف ڪندا رهو.


۽ محبت سان هلو، جيئن ڪ مسيح بہ اوهان کي پيار ڪيو، ۽ اسان جي لاءِ پاڻ کي پاڻهي خوشبوءِ وانگر خدا جي اڳيان نذرانو ۽ قرباني ڪري ڏيئي ڇڏيائين.


تنهنڪري جيئن خدا جا چونڊيل ۽ پاڪ پيارا آهيو، تيئن رحمدليءَ ۽ مهربانيءَ ۽ نماڻائيءَ ۽ حليمائيءَ ۽ تحمل جو جامو پهريو؛


ڇالاءِ جو جنهن پاڻ رحم نہ ڪيو آهي، تنهن جو انصاف بہ رحم کانسواءِ ٿيندو: رحم انصاف تي غالب ٿو پوي.


ڇالاءِ جو انهي لاءِ ئي اوهين سڏيا ويا آهيو: هن ڪري جو مسيح بہ اوهان جي لاءِ ڏک سَٺا، ۽ اوهان کي هڪڙو نمونو ڏيئي ويو تہ اوهين بہ سندس پيروي ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ