Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڪلسين 2:23 - Sindhi Bible

23 انهن سڀني ڳالهين ۾، حقيقت ڪري، مرضيءَ موجب عبادت، ۽ نماڻائي ۽ بدن جي رياضت جي رستي، ڏاهپ جو رڳو ڏيک آهي، پر جسماني خواهش جي روڪڻ ۾ اهي ڪنهن بہ ڪم جون نہ آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

23 اهڙا هٿرادو ٺاهيل قاعدا قانون ڀڳتي، نِوڙت ۽ شرير کي سختي ڏيڻ جي لحاظ کان ڏاهپ جو ڏيک تہ رکن ٿا، پر حقيقت ۾ شريري خواهشن کي روڪڻ لاءِ اهي ڪنهن بہ ڪم جا نہ آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 اهڙا هٿرادو ٺاهيل قاعدا قانون عبادت، نِوڙت ۽ بدن کي سختي ڏيڻ جي لحاظ کان ڏاهپ جو ڏيک تہ رکن ٿا، پر حقيقت ۾ جسماني خواهشن کي روڪڻ لاءِ اهي ڪنهن بہ ڪم جا نہ آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

23 اھڙا قانون حقيقت ۾ پنھنجي ٺاھيل عبادت، ڪُوڙي نِوڙت ۽ بدن کي سختي ڏيڻ جي رستي سياڻپ جو رڳو ڏيک رکن ٿا، پر جسماني خواھشن کي روڪڻ لاءِ اھي ڪنھن بہ ڪم جا نہ آھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڪلسين 2:23
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر خداوند يسوع مسيح کي پوشاڪ وانگر ڍڪيو، ۽ جسم جي خواهش کي پوري ڪرڻ لاءِ خيال نہ پچايو.


ڇالاءِ جو ڪنهن بہ ماڻهوءَ ڪڏهن پنهنجي جسم کي نہ ڌڪاريو؛ بلڪ انهي کي پالي ٿو ۽ انهي جي پرورش ٿو ڪري، جهڙيءَ طرح ڪ مسيح ڪليسيا کي ٿو پالي؛


ائين نہ ٿئي تہ ڪوبہ ماڻهو جو پنهنجي حليميءَ تي فخر ٿو ڪري، ۽ ملائڪن جي عبادت ٿو ڪري، سو اوهان کي انعام کٽڻ کان محروم رکي، ڇوتہ اهڙو ماڻهو پنهنجي جسماني عقل تي اجايو ڦونڊجي روايتن ۾ محو ٿو رهي،


جي سڀ شيون ڪم آڻڻ سان خلاص ٿيو وڃن ۽ ماڻهن جي تعليم ۽ روايتن موجب آهن.


خبردار رهجو متان ڪو ماڻهو پنهنجي فيلسوفيءَ ۽ اجائي فريب سان، ماڻهن جي روايتن ۽ دنيا جي ابتدائي تعليم موجب، ۽ نہ مسيح موجب، اوهان کي شڪار ڪري وٺي.


اُهي شادي ڪرڻ کان منع ڪندا، ۽ انهن کاڌن کائڻ کان پرهيز ڪندا، جي خدا انهي لاءِ پيدا ڪيا آهن تہ ايماندار ۽ حق سڃاڻڻ وارا، اُهي شڪرگذاريءَ سان کائين.


ڇالاءِ جو جسماني ورزش مان ڪو ٿورو ئي فائدو آهي؛ پر دينداري سڀني ڳالهين لاءِ فائدي واري آهي، ڇالاءِ جو حال ۽ استقبال جي حياتيءَ جو واعدو بہ انهي ڳالهہ ۾ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ