Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڪلسين 2:20 - Sindhi Bible

20 جيڪڏهن اوهين مسيح سان دنيا جي ابتدائي ڳالهين بابت مري ويا، تہ پوءِ ڇو دنيا جي ماڻهن وانگر پاڻ کي طهرن ۽ قاعدن جو تابعدار ٿا ڪريو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

20 جيئن تہ اوهين مسيح سان گڏ هن سنسار جي شروعاتي اصولن جي بنسبت مري ويا آهيو، تہ پوءِ ڇو اهڙو جيون ٿا گذاريو جو ڄڻ تہ اوهين هن سنسار جا آهيو؟ ڇو اهڙن سنساري قاعدن جي وس هيٺ ٿا رهو جيڪي چون ٿا تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 جيئن تہ اوهين مسيح سان گڏ هن دنيا جي ابتدائي اصولن جي بنسبت مري ويا آهيو، تہ پوءِ ڇو اهڙي زندگي ٿا گذاريو جو ڄڻ تہ اوهين هن دنيا جا آهيو؟ ڇو اهڙن دنياوي قاعدن جي تابعداري ٿا ڪريو جيڪي چون ٿا تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

20 جڏھن اوھين مسيح سان گڏ ھن دنيا جي ابتدائي اصولن بنسبت مري ويا آھيو، تہ پوءِ ڇو اھڙي زندگي ٿا گذاريو جو ڄڻ تہ اوھين ھن دنيا جا آھيو؟ ڇو اھڙن قاعدن جي تابعداري ٿا ڪريو جيڪي چون ٿا تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڪلسين 2:20
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪڏهن اوهين دنيا جا هجو ها، تہ دنيا هوند پنهنجن کي ڀانئين ها، پر ڇالاءِ جو اوهين دنيا جا نہ آهيو، مگر مون اوهان کي دنيا مان چونڊي ڪڍيو آهي، تنهنڪري دنيا اوهان سان نفرت ٿي ڪري.


ڇالاءِ جو جيتوڻيڪ اسين جسم ۾ هلون ٿا، تڏهن بہ جسماني طور وڙهون نٿا.


انهيءَ طرح اسين بہ جڏهن نابالغ هئاسين، تڏهن دنيا جي ابتدائي ڳالهين ۾ غلام ڪري رکيا وياسين؛


پر شل ائين نہ ٿئي تہ آئون ڪنهن ڳالهہ تي بہ فخر ڪريان، سواءِ پنهنجي خداوند يسوع مسيح جي صليب تي، جنهن جي وسيلي جهان منهنجي نسبت صليب تي چڙهيو آهي، ۽ آئون جهان جي نسبت.


يعني اُها دشمني جا حڪمن جي شريعت جي قانونن ۾ هئي، سا پنهنجي جسم جي وسيلي ڪڍي ڇڏيائين، انهي لاءِ تہ ٻنهي مان هڪڙو نئون انسان پيدا ڪري صلح ڪرائي؛


۽ شريعت جو حڪم نامو جو اسان جي برخلاف ۽ اسان جي اُبتڙ هو سو مٽائي ڇڏيائين: ۽ انهي کي صليب تي ڪليون هڻي رد ڪري ڇڏيائين،


تنهنڪري ڪوبہ ماڻهو کاڌي پيتي بابت، يا ڪنهن عيد يا نئين چنڊ يا سبت جي نسبت ۾ اوهان تي الزام نہ آڻي؛


هن شيءِ کي هٿ نہ لايو، هن کي نہ چکو، هن کي نہ ڇهو،


خبردار رهجو متان ڪو ماڻهو پنهنجي فيلسوفيءَ ۽ اجائي فريب سان، ماڻهن جي روايتن ۽ دنيا جي ابتدائي تعليم موجب، ۽ نہ مسيح موجب، اوهان کي شڪار ڪري وٺي.


ڇالاءِ جو اوهين مري ويا ۽ اوهان جي حياتي مسيح سان خدا ۾ پوشيدہ آهي.


جدا جدا قسم جي ۽ ڌارين تعليمن تي لڳي گمراهہ نہ ٿيو: ڇالاءِ جو فضل جي وسيلي دل کي قائم رکڻ چڱو آهي، نہ انهن طعامن جي وسيلي جن جي کائڻ وارن کي فائدو حاصل ڪونہ ٿيو.


اي زناڪار انسان، اوهان کي خبر ناهي ڇا تہ دنيا جي دوستي خدا سان دشمني آهي؟ تنهنڪري جيڪو دنيا جو دوست ٿيڻ ٿو گهُري، سو پاڻ کي خدا جو دشمن ٿو ڪري.


اسين ڄاڻون ٿا تہ اسين خدا جا آهيون، پر سارو جهان انهي بڇڙي جي قبضي ۾ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ