Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڪلسين 2:14 - Sindhi Bible

14 ۽ شريعت جو حڪم نامو جو اسان جي برخلاف ۽ اسان جي اُبتڙ هو سو مٽائي ڇڏيائين: ۽ انهي کي صليب تي ڪليون هڻي رد ڪري ڇڏيائين،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 پنهنجي حڪمن واري انهيءَ لکت کي مِٽائي ڇڏيو، جيڪا اسان بابت ۽ اسان جي خلاف هئي. هائو، هن انهيءَ کي سوليءَ تي چاڙهي ڪوڪا هڻي اسان کان پري ڪري ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 پنهنجي حڪمن واري انهيءَ دستاويز کي مِٽائي ڇڏيو، جيڪو اسان بابت ۽ اسان جي خلاف هو. هائو، هن انهيءَ کي صليب تي چاڙهي ڪوڪا هڻي اسان کان پري ڪري ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 ۽ پنھنجي حڪمن جي انھيءَ دستاويز کي رد ڪري ڇڏيائين جيڪو اسان بابت ۽ اسان جي خلاف ھو. ھن انھيءَ کي صليب تي ڪوڪا ھڻي پري ڪري ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڪلسين 2:14
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هنن جو قصور نہ ڍڪ، هنن جو گناهہ پنهنجي اڳيان ميٽي ڇڏڻ نہ ڏي: ڇالاءِ جو هنن توکي، اڏڻ وارن جي اڳيان، ڪاوڙايو آهي.


تڏهن پهرين مهيني جي تيرهين تاريخ بادشاهہ جا محرر سڏيا ويا، ۽ جيئن هامان حڪم ڏنو تيئن بادشاهہ جي نائبن ۽ سڀني پرڳڻن جي والين ۽ سڀني قومن جي سردارن ڏانهن لکيو ويو؛ سڀ ڪنهن پرڳڻي ڏانهن اُن جي اکرن ۾، ۽ سڀ ڪنهن قوم ڏانهن ان جي ٻوليءَ ۾؛ اُهو بادشاهہ اخسويرس جي نالي سان لکيو ويو، ۽ انهيءَ تي بادشاهہ جي منڊيءَ سان مهر ڪئي ويئي.


اوهان کي جيئن وڻي تيئن اوهين بہ يهودين کي بادشاهہ جي نالي سان لکو، ۽ اُنهيءَ تي بادشاهہ جي مهر هڻو: ڇالاءِ جو جيڪو لکيو بادشاهہ جي نالي سان لکيو ويو آهي، ۽ جنهن تي بادشاهہ جي مُنڊيءَ جي مهر هنئي ويئي آهي، تنهن کي ڪوبہ ماڻهو رد ڪري نٿو سگهي.


اي خدا پنهنجيءَ ٻاجهہ موجب مون تي رحم ڪر: پنهنجي گهڻي رحم موجب منهنجا گناهہ مٽائي ڇڏ.


منهنجن گناهن کان پنهنجو منهن ڦيراءِ، ۽ منهنجون سڀ بڇڙايون مٽائي ڇڏ.


آءٌ هائو آءٌ، اهو آهيان جو پنهنجي خاطر تنهنجون خطائون مٽائي ٿو ڇڏيان؛ ۽ آءٌ تنهنجا گناهہ ياد نہ ڪندس.


مون تنهنجون خطائون گهاٽي ڪڪرن وانگي، ۽ تنهنجا گناهہ بادل وانگي ميساري ڇڏيا آهن: مون ڏانهن ڦر؛ ڇالاءِ جو مون تنهنجو عيوضو ڏنو آهي.


۽ ائين چيو ويندو، تہ مٿانهون ڪريو، مٿانهون ڪريو، رستو تيار ڪريو، منهنجي اُمت جي رستي تان ٿاٻي کائڻ جي شيءِ پاسي ڪري ڇڏيو.


پوءِ ڪاهن اهي لعنتون هڪڙي ڪتاب ۾ لکي، انهي کي هن ڪؤڙي پاڻيءَ ۾ ڌوئي.


اُهي ٻئي خدا جي حضور ۾ راستباز، ۽ سندس سڀني حڪمن ۽ قاعدن تي بي قصور هلندڙ هئا.


تنهنڪري اوهين توبهہ ڪريو، ۽ ڦري اچو، تہ اوهان جا گناهہ ميٽجي وڃن، ۽ انهي طرح خداوند جي حضور مان تازگيءَ جا ڏينهن اچن؛


جيڪڏهن اوهين مسيح سان دنيا جي ابتدائي ڳالهين بابت مري ويا، تہ پوءِ ڇو دنيا جي ماڻهن وانگر پاڻ کي طهرن ۽ قاعدن جو تابعدار ٿا ڪريو؟


ڇالاءِ جو بي دينيءَ جو راز تہ هاڻي اثر ٿو ڪري: پر هينئر هڪڙو آهي جنهن کي جيستائين وچ مان ڪڍي نہ ڇڏبو، تيستائين هو روڪيندو رهندو.


سو اڳيون حڪم ڪمزور ۽ بي فائدي هئڻ ڪري رد ٿيو آهي؛


جڏهن هو نئون عهد ٿو چوي، تڏهن پهرئين کي پراڻو ٺهرايائين. هاڻي جيڪي پراڻو ٿو ٿئي ۽ گهڻن ڏينهن جو ٿيندو وڃي، سو مٽجڻ تي آهي.


هو پاڻ اسان جا گناهہ پنهنجي بدن تي کڻي صليب تي چڙهيو، انهي لاءِ تہ اسين گناهن جي ڪري مري راستبازيءَ لاءِ جيون؛ هن جي مار کائڻ جي ڪري اوهان کي شفا ملي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ