Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڪلسين 2:11 - Sindhi Bible

11 ۽ انهي ۾ اوهان جو اهڙو ختنو بہ ٿيو جو هٿن سان نہ ٿيندو آهي يعني مسيح جو ختنو، جنهنڪري اوهان تان جسم لاٿو ويو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

11 مسيح ۾ اوهان جو اهڙو ختنو ٿيو آهي جيڪو ماڻهن جي هٿن سان نہ، پر مسيح جي وسيلي ٿيو آهي، جنهن ۾ شريري فطرت کي لاٿو وڃي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 مسيح ۾ اوهان جو اهڙو طهر ٿيو آهي جيڪو ماڻهن جي هٿن سان نہ، پر مسيح جي وسيلي ٿيو آهي، جنهن ۾ جسماني فطرت کي لاٿو وڃي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

11 انھيءَ سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري اوھان جو اھڙو طھر ٿيو آھي جيڪو ماڻھن جي ھٿن سان نہ، بلڪ مسيح کان ٿيو آھي. انھيءَ طھر سان اوھان جي گناھن سان ڀريل فطرت کي لاٿو ويو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڪلسين 2:11
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي يهوداہ جا ماڻهو ۽ يروشلم جا رهاڪو، اوهين خداوند جي لاءِ پنهنجو طهر ڪرايو ۽ پنهنجي دل جا کولا لاهي اُڇلائي ڇڏيو: متان منهنجي ڪاوڙ باهہ وانگي اوهان جن بڇڙن ڪمن سبب پکڙي پئي، ۽ اهڙي ٻري جو ڪوبہ وسائي نہ سگهيس.


اسان هن کي چوندو ٻُڌو آهي، تہ هي هيڪل جو هٿن سان جوڙيو ويو آهي، تنهن کي آئون ڊاهيندس، ۽ وري ٽن ڏينهن ۾ ٻيو اڏيندس، جو هٿن کانسواءِ جُڙيل هوندو.


۽ انهن ڏينهن کانپوءِ جڏهن هن جي ختني ڪرڻ جو وقت آيو، تڏهن سندس نالو يسوع رکيائون، جو نالو هن جي پيٽ ۾ پوڻ کان اڳي ملائڪ رکيو هو.


جنهن خدا دنيا ۽ جيڪي شيون منجهس آهن، سي سڀيئي پيدا ڪيون آهن، سو آسمان ۽ زمين جو خدا ٿي ڪري، هٿن جي جوڙيلن مندرن ۾ نٿو رهي؛


انهي هوندي بہ خدا تعاليٰ هٿن سان جوڙيل گهرن ۾ نٿو رهي؛ جيئن نبي چوي ٿو تہ،


پر يهودي اُهو آهي، جو اندر ۾ يهودي آهي، ۽ ختنو اُهو آهي، جو دل جو ۽ روحاني آهي، نہ نالي جو: اهڙي جي تعريف ماڻهن کان نہ، پر خدا جي طرفان ٿي ٿئي.


اسين ڄاڻون ٿا تہ اسان جي پراڻي انسانيت هن سان گڏ صليب تي چاڙهي ويئي، انهي لاءِ تہ گناهہ جو بدن بيڪار ٿي وڃي، تہ اسين اڳتي گناهہ جي غلاميءَ ۾ نہ رهون؛


افسوس، آئون ڪهڙو نہ ڪمبخت ماڻهو آهيان! ڪير مون کي هن موت جي بدن کان ڇڏائيندو؟


ڇالاءِ جو اسين ڄاڻون ٿا تہ جيڪڏهن اسان جو هيءُ تنبوءَ جهڙو خاڪي گهر ڊاهيو ويندو، تہ اسان کي خدا کان آسمان تي هڪڙي اهڙي عمارت ملندي جا هٿن سان جوڙيل نہ آهي، پر هميشہ جٽاءُ ڪندڙ آهي.


تنهنڪري جيڪڏهن ڪو ماڻهو مسيح ۾ آهي تہ هو نئون مخلوق آهي: پراڻيون شيون گذري ويون؛ ڏسو، هو نوان ٿي پيا آهن.


آئون مسيح سان گڏ مصلوب ٿيو آهيان، انهي هوندي بہ آئون جيئرو آهيان؛ پر هاڻي آئون جيئرو نٿو رهان، بلڪ مسيح مون ۾ جيئرو ٿو رهي؛ ۽ جيڪا حياتي آئون هاڻي جسم ۾ گذاريان ٿو، سا آئون انهي ايمان تي ٿو گذاريان، جو خدا جي فرزند تي آهي، جنهن مون سان محبت رکي منهنجي بدلي پنهنجي جان ڏنائين.


۽ جيڪي مسيح يسوع جا آهن، تن جسم کي انهي جي خواهشن ۽ سَڌن سميت صليب تي چاڙهيو آهي.


اوهين پنهنجي اڳوڻي هلت چلت ۽ پراڻي انسانيت، جا فريب جي شهوتن ڪري خراب ٿيندي ٿي وڃي، تنهن کي لاهي ڇڏيو؛


تنهنڪري اوهين پنهنجي دل جو ختنو ڪريو ۽ اڳتي وري ضدي نہ ٿيو.


۽ خداوند تنهنجو خدا تنهنجيءَ، ۽ تنهنجي اولاد جي دل جو ختنو ڪندو، انهي لاءِ تہ تون خداوند پنهنجي خدا کي پنهنجي ساريءَ دل سان، ۽ پنهنجي ساريءَ جان سان پيار ڪرين، ۽ جيئرو رهين.


ڇالاءِ تہ سچا مختون تہ اسين آهيون جي خداوند جي روح جي هدايت سان عبادت ٿا ڪريون، ۽ مسيح يسوع تي فخر ٿا ڪريون، ۽ جسماني ڳالهين تي ڪوبہ اعتقاد نٿا رکون؛


تنهنڪري اوهان جا عضوا جي زمين تي آهن، تن کي ماري ڇڏيو، يعني زناڪاري، ناپاڪي، شهوت، خراب خواهش، ۽ لالچ جا بُت پرستي آهي؛


پر جڏهن مسيح آيو، ۽ انهن چڱين نعمتن جو سردار ڪاهن ظاهر ٿيو، جي اچي پهتيون آهن، تڏهن اهڙي تنبوءَ جي رستي داخل ٿيو جو وڏو ۽ ڪامل آهي، ۽ جو نہ هٿن جو جوڙيل ۽ نہ هن جهان جو آهي،


ڇالاءِ جو مسيح انهي هٿ جي جوڙيل پاڪ جاءِ ۾ داخل نہ ٿيو، جا حقيقي پاڪ جاءِ جي نموني جهڙي آهي؛ پر خود آسمان ۾ داخل ٿيو، انهي لاءِ تہ هاڻي خدا جي حضور ۾ اسان جي واسطي حاضر ٿئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ