Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڪلسين 1:7 - Sindhi Bible

7 جهڙيءَ طرح ڪ اوهان کي اسان جي پياري هم خدمت اپفراس کان تعليم ملي. هو اسان جي پاران مسيح جو ايماندار خادم آهي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

7 انهيءَ خوشخبريءَ جي سکيا اوهان اسان جي پياري اِپفراس کان حاصل ڪئي، جيڪو اسان وانگر پرڀو يسوع جو داس آهي. مسيح جو هي وفادار سيوڪ اوهان ۾ سيوا پيو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 انهيءَ خوشخبريءَ جي تعليم اوهان اسان جي پياري اِپفراس کان حاصل ڪئي، جيڪو اسان وانگر خداوند عيسيٰ جو ٻانهو آهي. مسيح جو هي وفادار خادم اوهان ۾ خدمت پيو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

7 انھيءَ جي تعليم اوھان اسان جي پياري ھم⁠خدمت اِپفراس کان حاصل ڪئي، جيڪو اسان جي پاران مسيح جو وفادار خادم آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڪلسين 1:7
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر منهنجو ٻانهو موسيٰ اهڙو نہ آهي، هو منهنجي ساري گهر ۾ ايماندار آهي؛


تنهن تي اُنهي سندس سنگتيءَ پيرين پئي ليلائي چيس، تہ مون کي مهلت ڏي، تہ آئون توکي ڀري ڏيندس.


تڏهن اُهو ايماندار ۽ سياڻو نوڪر ڪير آهي، جنهن کي سندس ڌڻي پنهنجن نوڪرن چاڪرن جي مٿان رکي وڃي، تہ انهن کي مهل سر کاڌو پيتو رسائي؟


سندس ڌڻيءَ کيس چيو تہ شاباس اٿيئي اي نيڪ ۽ ايماندار نوڪر: تون ٿوري ۾ ايماندار رهيو آهين، سو آئون توکي گهڻي جو مختيار ڪندس: تون پنهنجي ڌڻيءَ جي خوشيءَ ۾ شريڪ ٿيءُ.


انهي سبب ڪري مون تيمٿيس کي اوهان ڏانهن موڪليو آهي، جو خداوند ۾ منهنجو پيارو ۽ ايماندار فرزند آهي، ۽ اُهو منهنجي هلت چلت جا مسيح ۾ آهي سا اوهان کي ياد ڏياريندو، جيئن ڪ آئون جتي ڪٿي سڀ ڪنهن ڪليسيا ۾ تعليم ڏيندو رهيو آهيان.


هاڻي مختيارن ۾ اها ڳالهہ ضروري آهي تہ هو ايماندار هجن.


هاڻي ڪنوارين جي نسبت ۾ مون کي خداوند جو ڪوبہ حڪم مليل ڪونهي، پر آئون پنهنجي راءِ انهي ماڻهوءَ وانگر ٿو ڏيان، جو خدا جي رحم ڪري معتبر آهي.


ڇا هو ئي مسيح جا خادم آهن؟ (اهو آئون پاڳل وانگر ٿو چوان) آئون انهن کان بہ وڌيڪ آهيان؛ محنتن ۾ گهڻو وڌيڪ، قيدن ۾ گهڻو وڌيڪ؛ چهبڪن کائڻ ۾ حد کان زيادہ، موت جي منهن ۾ گهڻائي ڀيرا.


۽ مسيح جي خوف ڪري هڪ ٻئي جي تابع رهو.


پر مون ضروري سمجهيو تہ اپفروديتس کي اوهان ڏانهن موڪليان، جو منهنجو ڀاءُ، ۽ هم خدمت، ۽ هم سپاهہ، ۽ اوهان جو قاصد، ۽ منهنجين گهُرجن پلڻ وارو خادم آهي.


اپفراس، جو اوهان مان هڪڙو آهي، ۽ مسيح يسوع جو غلام آهي، سو اوهان کي سلام ٿو چوي ۽ هميشہ اوهان جي لاءِ جانفشانيءَ سان دعا ٿو گهُري، انهي لاءِ تہ اوهين ڪامل ٿي پوري يقين سان خدا جي ساريءَ مرضيءَ تي قائم رهو.


منهنجو سارو احوال اوهان کي تخڪس کان معلوم ٿيندو، جو پيارو ڀاءُ، ۽ ايماندار خادم، ۽ خداوند ۾ اسان جو هم خدمت آهي؛


انهي سان گڏ انيسمس کي بہ موڪليو اٿم، جو ايماندار ۽ پيارو ڀاءُ آهي، ۽ اوهان مان هڪڙو آهي. اُهي اوهان کي هتي جون سڀ ڳالهيون ٻُڌائيندا.


جيڪڏهن تون ڀائرن کي اهي ڳالهيون ياد ڏياريندين تہ تون مسيح يسوع جو چڱو خادم ٿيندين، ۽ انهي ايمان ۽ چڱي تعليم جي وسيلي پرورش پائيندين، جن تي اڄ تائين تون پئي هليو آهين.


۽ جيڪي ڳالهيون گهڻن شاهدن جي اڳيان تو مون کان ٻُڌيون آهن، سي ٻين ايمان وارن ماڻهن جي سپرد ڪر، جي وري ٻين کي بہ سيکاري سگهن.


اپفراس جو مون سان گڏ مسيح يسوع ۾ قيدي آهي،


تنهنڪري واجب هو تہ هو سڀني ڳالهين ۾ پنهنجن ڀائرن جهڙو ٿئي؛ انهي لاءِ تہ اُمت جي گناهن جي ڪفاري ڏيڻ لاءِ، خدا سان واسطو رکندڙ ڳالهين ۾، هڪڙو رحمدل ۽ ايماندار سردار ڪاهن ٿئي.


هو پنهنجي مقرر ڪرڻ واري سان وفادار هو، جيئن ڪ موسيٰ بہ خدا جي گهر ۾ وفادار هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ