Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڪلسين 1:2 - Sindhi Bible

2 انهن پاڪ ٿيلن ۽ مسيح ۾ ايماندار ڀائرن ڏانهن، جي ڪلسيءَ ۾ آهن، اسان جي پيءُ خدا جو فضل ۽ اطمينان شل اوهان تي هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 هي خط ڪلسي شهر ۾ رهندڙ چونڊي پوِتر ڪيلن ڏانهن لکجي ٿو، جيڪي مسيح ۾ وفادار ڀائر ڀينر آهن. شل اوهان تي اسان جي پتا ايشور جي ڪرپا ۽ شانتي هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 هي خط ڪلسي شهر ۾ رهندڙ چونڊي پاڪ ڪيلن ڏانهن لکجي ٿو، جيڪي مسيح ۾ وفادار ڀائر ڀينر آهن. شل اوهان تي اسان جي پيءُ خدا جو فضل ۽ سلامتي هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 ڪلسي شھر ۾ رھندڙ انھن ايمان وارن ڏانھن ھي خط لکجي ٿو، جيڪي مسيح جا وفادار پوئلڳ آھن. شل اوھان تي اسان جي پيءُ خدا جي طرفان فضل ۽ سلامتي ھجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڪلسين 1:2
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ملڪ ۾ جيڪي پاڪ آهن، اُهي ئي وڏا آهن، انهن ۾ ئي منهنجي پوري خوشي آهي.


پر حنانياہ ورندي ڏني، تہ اي خداوند، مون گهڻن کان هن ماڻهوءَ بابت ٻُڌو آهي تہ يروشلم ۾ تنهنجي پاڪ ٿيلن سان ڪهڙيون نہ جُٺيون ڪيون اٿس:


تنهن پولس جي طرفان، انهن سڀني ڏانهن، جي روما ۾ خدا جا پيارا آهن، ۽ پاڪ ٿيڻ لاءِ سڏيا ويا آهن: اوهان تي اسان جي پيءُ خدا، ۽ خداوند يسوع مسيح جي طرفان فضل ۽ سلامتي هجي.


خدا جي انهي ڪليسيا ڏانهن جا ڪرنٿس ۾ آهي، يعني انهن ڏانهن جي مسيح يسوع ۾ پاڪ ڪيا ويا آهن، ۽ انهي لاءِ سڏيا ويا آهن تہ انهن سڀني سان گڏجي پاڪ ٿين، جي هر ڪنهن هنڌ پنهنجي ۽ اسان جي خداوند يسوع مسيح جو نالو ٿا وٺن.


انهي سبب ڪري مون تيمٿيس کي اوهان ڏانهن موڪليو آهي، جو خداوند ۾ منهنجو پيارو ۽ ايماندار فرزند آهي، ۽ اُهو منهنجي هلت چلت جا مسيح ۾ آهي سا اوهان کي ياد ڏياريندو، جيئن ڪ آئون جتي ڪٿي سڀ ڪنهن ڪليسيا ۾ تعليم ڏيندو رهيو آهيان.


خدا پيءُ ۽ اسان جي خداوند يسوع مسيح جو فضل ۽ اطمينان اوهان تي هجي.


جيڪي ايمان وارا آهن، تن کي ايماندار ابراهيم سان گڏ برڪت ٿي ملي.


پولس، جو خدا جي مرضيءَ موجب مسيح يسوع جو رسول آهي، تنهن جي طرفان انهن پاڪ ٿيلن ڏانهن، جي افسس ۾ آهن ۽ مسيح يسوع ۾ ايماندار آهن؛


تخڪس، جو پيارو ڀاءُ ۽ خداوند ۾ ايماندار خادم آهي، سو اوهان کي منهنجون سڀ ڳالهيون ٻُڌائيندو، انهي لاءِ تہ اوهان کي معلوم ٿئي تہ آئون ڪيئن ٿو گذاريان.


مسيح يسوع جي بندن پولس ۽ تيمٿيس جي طرفان مسيح يسوع جي انهن سڀني پاڪ ٿيلن ڏانهن، جي فلپي ۾ آهن، نگهبانن (بشپن) ۽ خادمن ڊيڪنن سميت:


۽ جيڪي خدا پيءُ جي سابق علم موجب چونڊيا ويا آهن، تہ روح جي پاڪ ڪرڻ سان فرمانبردار ٿين، ۽ يسوع مسيح جي رت ڇٽڪارڻ ڪري مخصوص ٿين. شل اوهان تي فضل ۽ اطمينان وڌندو رهي.


شل اسان جي خداوند يسوع جي سڃاڻپ ۾ فضل ۽ اطمينان اوهان کي زيادہ حاصل ٿيندو رهي.


شل رحم ۽ اطمينان ۽ پيار اوهان جي لاءِ وڌندو وڃي.


يوحنا جي طرفان اُنهن ستن ڪليسيائن ڏانهن يا جي آسيا ۾ آهن. جو آهي، ۽ جو هو، ۽ جو اچڻو آهي، انهي وٽان فضل ۽ اطمينان شل اوهان تي هجي؛ ۽ اُنهن ستن روحن وٽان جي سندس تخت جي اڳيان آهن؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ