Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عاموس 9:7 - Sindhi Bible

7 خداوند ٿو فرمائي، تہ اي بني اسرائيل، اوهين منهنجي لاءِ حبشين جي ٻارن جهڙا نہ آهيو ڇا؟ مون اسرائيل کي مصر جي زمين مان، ۽ فلستين کي ڪفتور مان، ۽ ارامين کي قير مان ڪڍي نہ آندو آهي ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 خداوند ٿو فرمائي تہ ”اي اسرائيل وارؤ! اوهين سوڊانين کي ڪمذات سمجھو ٿا، پر منهنجي نظر ۾ اوهين ڪو انهن کان مٿي آهيو ڇا؟ جيئن مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي مصر ملڪ مان ڪڍي آندو، تيئن ئي مون فلستين کي ڪريت مان، ۽ ارامين کي قير مان نہ ڪڍي آندو آهي ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عاموس 9:7
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اسور جي بادشاهہ هن جي ڳالهہ مڃي: ۽ اسور جو بادشاهہ دمشق تي چڙهي ويو ۽ اُهو ورتائين، ۽ اُنهيءَ جا ماڻهو قيد ڪري قير ڏانهن وٺي ويو، ۽ رضين کي قتل ڪيائين.


انهيءَ طرح خداوند حبشين کي آسا جي اڳيان ۽ يهوداہ جي اڳيان شڪست ڏني؛ ۽ حبشي اُٿي ڀڳا.


پوءِ زارح حبشيءَ، ڏهن لکن جو هڪڙو لشڪر ۽ ٽي سؤ گاڏيون وٺي هنن تي چڙهي آيو، ۽ هو مريسہ تائين آيو،


انهيءَ ساڳئي ڏينهن هيئن ٿيو جو خداوند بني اسرائيل کي سندن لشڪرن موجب مصر جي ملڪ مان ٻاهر آندو.


تيئن اسور جو بادشاهہ مصر جا قيدي ۽ ڪوش جا جلاوطن، ننڍا توڙي وڏا، اُگهاڙا ڪري ۽ پيرين اُگهاڙا، ۽ اڻ ڍڪلين ٻنڊڙن سان وٺي ويندو، جنهن ڪري مصر جي خواري ٿيندي.


ڇالاءِ جو عيلام جو جنگي رٿن ۽ گهوڙيسوارن سان تيرن جي بٿي کنئي؛ ۽ قير سپر جو پوش لاٿو.


ڇالاءِ جو آءٌ خداوند تنهنجو خدا آهيان، اسرائيل جو پاڪ خدا، تنهنجو نجات ڏيندڙ؛ مون تنهنجي ڇوٽڪاري لاءِ مصر ڏنو آهي، ۽ ڪوش ۽ سبا تنهنجي لاءِ ڏنا اٿم.


حبشي ڪو پنهنجي کل بدلائي سگهي ٿو ڇا يا ڪو چيتو پنهنجا چُٽا بدلائي سگهي ٿو ڇا؟ تڏهن اوهين بہ، جي بڇڙائي ڪرڻ تي هريل آهيو، سي چڱائي ڪري سگهندا.


جو اُهو ڏينهن فلستين کي لٽڻ لاءِ، ۽ صور ۽ صيدون جي باقي رهندڙن سڀ ڪنهن مددگار کي وڍي ڇڏڻ لاءِ، اچي ٿو. ڇالاءِ جو خداوند فلستين کي، يعني ڪفتور جي ٻيٽ جي باقي رهيلن ماڻهن کي، لٽي ڇڏيندو.


هڪڙي نبيءَ جي وسيلي خداوند اسرائيل کي مصر مان ڪڍي آندو، ۽ هڪڙي نبيءَ جي وسيلي هو بچايو ويو.


۽ آءٌ دمشق جا گز ڀڃي ڇڏيندس، ۽ جيڪو تخت تي ويٺو آهي تنهن کي آون جي واديءَ مان وڍي ڇڏيندس؛ ۽ جيڪو شاهي چوب جهليو ويٺو آهي تنهن کي عدن جي گهر مان وڍي ڇڏيندس: ۽ خداوند ٿو فرمائي تہ ارام جا ماڻهو قيد ٿي قير تائين ويندا.


مون اوهان کي مصر جي ملڪ مان بہ ڪڍي آندو، ۽ اوهان کي چاليهہ ورهيہ بيابان ۾ گهمايم، تہ اوهين امورين جي زمين جا مالڪ ٿيو.


۽ جهڙيءَ طرح ڪفتوريم، جي ڪفتورہ مان آيا هئا، تن عويون کي، جي عزہ تائين ڳوٺن ۾ رهندا هئا، ماري پاڻ انهن جي جاءِ تي رهڻ لڳا.)


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ