Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عاموس 9:6 - Sindhi Bible

6 اُهو ئي آهي جو آسمان ۾ پنهنجون ڪوٺيون ٺاهي ٿو، ۽ جنهن زمين تي پنهنجو محراب جوڙيو آهي؛ اُهو جو سمنڊ جي پاڻيءَ کي سڏي ٿو، ۽ زمين تي هاري وجهي ٿو؛ خداوند انهي جو نالو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 اهو ئي آهي جنهن جو محلات عرش عظيم ۾ آهي. هن ئي ڌرتيءَ جي مٿان آسمان کي گنبذ بڻايو آهي. هو ئي سمنڊ جي پاڻيءَ کي سڏي روءِزمين تي اُٽلائي ٿو. انهيءَ جو نالو خداوند ئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عاموس 9:6
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ طرح آسمان ۽ زمين ۽ سندن سڄي لشڪر جي پيدائش جو ڪم پورو ٿيو.


هو پنهنجي بالاخانن مان جبلن تي مينهن ٿو وسائي: تنهنجيءَ ڪاريگريءَ جي ڦل سان زمين ڍءُ ٿي ڪري.


تون پنهنجي بالاخاني جا شهتير پاڻيءَ تي ٿو رکين؛ ۽ ڪڪرن کي پنهنجو رٿ ٿو ڪرين؛ ۽ واءُ جي پرن تي ٿو رهين.


خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين مون کان نٿا ڊڄو ڇا؟ اوهين منهنجي حضور ۾ ڪين ڏڪندا ڇا، مون کان، جنهن سمنڊ جي حد لاءِ واري اهڙي مدامي حڪم سان قائم ڪئي آهي جو اهو انهي کان لنگهي نٿو سگهي، ۽ جيتوڻيڪ ان جون لهرون زور سان اُڇلجن ٿيون، تہ بہ اهي غالب پئي نہ ٿيون سگهن، ۽ جيتوڻيڪ اُهي شور ٿيون ڪن، تہ بہ اُهي لنگهي نہ ٿيون سگهن.


ڇالاءِ جو ڏس، جيڪو جبل جوڙي ٿو، ۽ واءُ پيدا ڪري ٿو، ۽ ماڻهوءَ کي سندس دل جي ڳالهہ ٻڌائي ٿو، جو صبح کي ڦيرائي اونداهي ڪري ٿو، ۽ زمين جي مٿانهين جاين تي هلي ٿو؛ خداوند، لشڪرن جو خدا انهي جو نالو آهي.


انهي کي ڳوليو جو ڪتيون ۽ ٽيڙو جوڙي ٿو، ۽ گُگهہ اونداهي کي ڦيرائي صبح ڪري ٿو؛ ۽ ڏينهن کي رات وانگر اوندهہ ڪري ٿو؛ جو سمنڊ جي پاڻيءَ کي سڏي ٿو ۽ انهي کي زمين تي اُڇلائي وجهي ٿو؛ خداوند انهي جو نالو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ