Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عاموس 9:5 - Sindhi Bible

5 ڇالاءِ جو خداوند، لشڪرن جو خدا، زمين کي ڇُهي ٿو ۽ اُها پگهرجي ٿي وڃي، ۽ اُها نديءَ وانگي اُٿلي مٿي چڙهي ٿي ۽ وري مصر جي نديءَ وانگي هيٺ لهي ٿي وڃي، ۽ جيڪي انهيءَ تي رهن ٿا، سي سڀ ماتم ڪندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 خداوند ئي قادرِمطلق خدا آهي، جنهن جي ڇُهڻ سان ڌرتي پگھرجي پاڻي ٿي وڃي ٿي، ۽ سڀني ماڻهن ۾ روڄ راڙو پئجي وڃي ٿو. ڌرتي نيل نديءَ وانگر اُٿل کائي مٿي چڙهي ٿي، ۽ پوءِ وري هيٺ لهي اچي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عاموس 9:5
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو زمين ڏانهن نهاري ٿو تہ اُها ڏڪيو وڃي، هو جبلن کي ڇهي ٿو تہ انهن مان دونهون ٿو نڪري.


اي خداوند آسمانن کي جُهڪاءِ ۽ هيٺ لهي اچ: جبلن کي ڇُهہ ۽ انهن مان دونهون نڪرندو.


انهي ڪري هرڪو ديندار تنهنجي ملڻ وقت توکان دعا گهرندو: ۽ سچ پچ جڏهن وڏا پاڻي چڙهندا تڏهن انهيءَ تائين ڪين پهچندا.


قومون ڪاوڙيون، بادشاهتن کي لوڏو اچي ويو: اڃا هن پنهنجو آواز ڪڍيو تہ زمين ڳري ويئي.


خداوند جي حضور ۾، يعني ساريءَ زمين جي خداوند جي حضور ۾ جبل ميڻ وانگي پگهري ويا.


جي تون آسمان ڦاڙي هيٺ لهي اچين، ۽ تنهنجي حضور ۾ جبل ڪنبن تہ ڏاڍو چڱو.


ڪيستائين هيءَ زمين ماتم ڪندي، ۽ سڄي ملڪ جي ساوڪ ڪومائجي ويندي؟ اُتي جي رهڻ وارن جي بڇڙائيءَ ڪري جانور ۽ پکي ناس ٿي ويا آهن؛ ڇالاءِ جو هنن چيو تہ هو اسان جي پڇاڙي نہ ڏسندو.


تنهنڪري هيءَ زمين ماتم ڪندي، ۽ جيڪو انهي ۾ رهندو سو جهنگ جي مرن ۽ هوا جي پکين سان گڏ ساڻو ٿيندو؛ هائو، سمنڊ جون مڇيون بہ گم ٿي وينديون.


انهي لاءِ ملڪ نہ ڏڪندو ڇا؟ ۽ جيڪي بہ اُن ۾ رهندا آهن، سي سڀ ماتم نہ ڪندا ڇا؟ هائو، هو نديءَ وانگي اُٿندو، ۽ مصر جي نديءَ وانگر شور ڪندو، ۽ هيٺ لهي ايندو.


سندس خوف کان جبل ڏڪن ٿا، ۽ ٽڪر پگهري وڃن ٿا؛ ۽ زمين سندس اڳيان ڏڪي ٿي، هائو، دنيا ۾ جيڪي اُن ۾ رهن ٿا سي بہ ڏڪن ٿا.


هن جي غصي اڳيان ڪير بيهي سگهندو؟ ۽ هن جي ڪاوڙ جي جوش مهل ڪير بيهي سگهندو! هن جو قهر باهہ وانگي ڦاٽي ٿو نڪري، ۽ ٽڪرن کي هو چيري ٿو ڇڏي.


جبلن توکي ڏٺو ۽ ڏڪي ويا؛ پاڻيءَ جون لهرون لنگهي ويون؛ سمنڊ پنهنجو آواز ٻڌايو، ۽ لهرون مٿي چڙهي آيون.


۽ پوءِ مينهن اچي پيو، ۽ ليٽون آيون، ۽ واءُ لڳا، ۽ اُنهي گهر تي اچي سٽڪا ڪيائون، ۽ اُهو ڪِري پيو ۽ برباد ٿي ويو.


۽ مون هڪڙو وڏو اڇو تخت ڏٺو، ۽ انهي کي بہ، جو مٿس ويٺو هو، جنهن جي منهن تان زمين ۽ آسمان ٽري ويا؛ ۽ کين ڪابہ جاءِ ڪانہ ملي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ