Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عاموس 9:1 - Sindhi Bible

1 مون خداوند کي قربانگاهہ جي پاسي ۾ بيٺل ڏٺو، ۽ هن فرمايو تہ در جي ڇتين کي ڌڪ هڻ تہ چانئٺيون لُڏن: ۽ اُهي هنن سڀني جي مٿان ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏ، ۽ هنن مان جيڪي باقي بچندا تن کي آءٌ ترار سان قتل ڪندس: ۽ هڪڙو بہ ڀڄي نہ ويندو، ۽ ڪوبہ ڇُٽي نہ ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 پوءِ مون پروردگار کي قربان‌گاهہ جي پاسي ۾ بيٺل ڏٺو. هن حڪم ڏنو تہ ”عبادت‌گاهہ جي ٿنڀن جي چوٽين کي ڌڪ هنيو وڃي تہ جيئن چانئٺيون لُڏي وڃن، ۽ اتي موجود سڀني ماڻهن جي مٿان ڪيرائي سندن مٿا ڀڃي ڀورا ڀورا ڪيو وڃي. پر جيڪي ماڻهو اتان بچي ويندا، تن کي آءٌ جنگ ۾ قتل ڪرائي ڇڏيندس. اهڙيءَ طرح انهن مان هڪڙو بہ ڀڄي ڪين سگھندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عاموس 9:1
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن چيو تہ انهيءَ ڪري اوهين خداوند جو ڪلام ٻڌو: مون خداوند کي پنهنجي تخت تي ويٺل ڏٺو، ۽ آسمان جو ڪل لشڪر ان جي سڄي هٿ پاسي ۽ کٻي هٿ پاسي بيٺو هو.


پر خداوند پنهنجي دشمنن جو مٿو ڀڃندو، ۽ جيڪو گناهہ ڪندو ٿو رهي تنهنجي وارن واري کوپراٽي چيري ڇڏيندو.


خداوند فرمايو تہ آءٌ انهن کي بسن مان وٺي ايندس، ۽ وري سمنڊ جي اونهائين مان ڪڍي ايندوسان.


اوهان چيو تہ نہ، اسين گهوڙن تي چڙهي ڀڄي وينداسين؛ اوهين ڀڄندا: بلڪ اسين تکن گهوڙن تي سوار ٿينداسين؛ تنهن ڪري جيڪي اوهان جي پٺيان پوندا سي تکا ٿيندا.


جنهن سال ۾ عزياہ بادشاهہ وفات ڪئي انهي سال ۾ مون ڏٺو تہ خداوند هڪڙي اُتانهين ۽ مٿي رکيل تخت تي ويٺو آهي، ۽ هن جي قبا جي دامن هيڪل کي ڀري ڇڏيو.


تنهن ڪري خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ انهن تي اهڙي خرابي آڻيندس جنهن کان هو ڀڄي ڇٽي نہ سگهندا؛ ۽ هو مون کي دانهون ڪري سڏيندا پر آءٌ هنن جي نہ ٻڌندس.


تہ تڏهن هيئن ٿيندو تہ ترار، جنهن کان اوهين ڊڄو ٿا سا مصر جي ملڪ ۾ اوهان کي اچي پهچندي، ۽ ڏڪار جنهن کان اوهين ڊڄو ٿا، سو اُتي مصر ۾ اوهان جي بنهہ پٺيان لڳندو؛ ۽ اُتي اوهين مرندا.


جيڪو ڊپ کان بچندو سو کڏ ۾ ڪِرندو: ۽ جيڪو کڏ مان نڪرندو سو ڦانڌي ۾ ڦاسي پوندو: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ انهي تي، يعني موآب تي، سندن سزا جو سال آڻيندس.


آس پاس واري روشنائي اهڙي ٿي ڏسڻ ۾ آئي جهڙي مينهن واري ڏينهن ڪڪر ۾ ڪمان جي شڪل ۾ ڏسڻ ۾ اچي. خداوند جي جلال جي شڪل اهڙي ڏسڻ ۾ ٿي آئي. ۽ جڏهن مون اهو ڏٺو، تڏهن آءٌ منهن ڀر ڪِري پيس، ۽ مون هڪڙي ڳالهائيندڙ جو آواز ٻڌو.


۽ خداوند جو جلال ڪروبيءَ تان چڙهي گهر جي چانئٺ تي وڃي بيٺو؛ ۽ گهر ڪڪرن سان ڀرجي ويو، ۽ ايوان خداوند جي جلال جي جلوي سان ڀرجي ويو.


آءٌ پنهنجو منهن اُنهن جي برخلاف ڪندس؛ هو باهہ ڏانهن ويندا، ۽ باهہ هنن کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندين؛ ۽ اوهين تڏهن ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان، جڏهن آءٌ پنهنجو منهن انهن جي برخلاف ڪندس.


۽ ڏسو، جيڪو مٿيون دروازو اُتر ڏانهن آهي، انهي مان ڇهہ ماڻهو آيا، هر ڪنهن کي قتل ڪرڻ جو هٿيار هٿ ۾ هو؛ ۽ انهن جي وچ ۾ هڪڙو ماڻهو سڻيءَ جي پوشاڪ سان هو، جنهن جي چيلهہ ۾ ڪاتبن وارو قلمدان هو. ۽ اُهي اندر لنگهي وڃي پتل واري قربانگاهہ جي پاسي ۾ بيٺا.


ڇالاءِ جو جنهن ڏينهن آءٌ اسرائيل جي گناهن جي کين سزا ڏيندس، انهيءَ ڏينهن آءٌ بيت ايل جي قربانگاهن کي بہ سزا ڏيندس، ۽ قربانگاهہ جا سڱ وڍيا ويندا، ۽ زمين تي ڪِري پوندا.


تنهنڪري خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ تنهنجي زال شهر ۾ هڪڙي ڪڃري ٿيندي، ۽ تنهنجا پٽ ۽ تنهنجون ڌيئرون ترار سان مرندا، ۽ تنهنجي زمين ڏور سان ورهائي ويندي؛ ۽ تون پاڻ اهڙيءَ زمين ۾ مرندين جا ناپاڪ آهي: ۽ اسرائيل ضرور پنهنجي ملڪ مان قيد ڪري ڪڍيو ويندو.


۽ اسحاق جون مٿانهيون جايون ويران ٿينديون، ۽ اسرائيل جا پاڪ مڪان غير آباد ٿي ويندا؛ ۽ آءٌ ترار سان يربعام جي گهراڻي جي برخلاف اُٿندس.


تون پنهنجي قوم جي نجات لاءِ، پنهنجي مسح ڪيل جي ڇوٽڪاري لاءِ آيو آهين. تو شريرن جي گهر جي ڇت ڪيرائي ڇڏي ۽ سندن بنياد بلڪل اُگهاڙا ڪري ڇڏيا.


انهيءَ وقت هيئن ٿيندو تہ آءٌ شمع کڻي يروشلم جي تلاش ڪندس، ۽ انهن ماڻهن کي سزا ڏيندس جي پنهنجي ڪٽيءَ تي ويهي ويا آهن، ۽ جي پنهنجي دل ۾ چون ٿا تہ خداوند نڪا چڱائي ڪندو نڪا برائي ڪندو.


سڀني قسمن جا جانور ۽ ڌڻ انهي ۾ اچي ليٽندا: ان جي ٿنڀن جي چوٽين تي پيڻ پکي ۽ سيڙهہ اچي آکيرا ٺاهيندا، ۽ سندن آواز درين ۾ ٻڌڻ ۾ ايندو؛ ويراني چانئٺن تي پوندي، ڇالاءِ جو هن ديودار جي ڪاٺ جو ڪم اُگهاڙو ڪري ڇڏيو آهي.


ڪنهن بہ ماڻهوءَ خدا کي ڪڏهن ڪونہ ڏٺو آهي؛ هڪڙو ئي فرزند، جو پيءُ جي هنج ۾ آهي، تنهن ئي ظاهر ڪيو اٿس.


يوحنا شاهدي ڀري چيو، تہ مون روح کي ڪبوتر وانگر آسمان مان لهندو ۽ مٿس ويهندو ڏٺو آهي.


تڏهن اي بادشاهہ، ٻنپهرن جي وقت واٽ تي ڏٺم تہ آسمان مان هڪڙو سوجهرو، جو سج کان بہ وڌيڪ روشنائيءَ وارو هو، سو مون تي ۽ منهنجي سنگتين تي اچي چمڪيو.


تڏهن يشوع چيو تہ ڪي وڏا پٿر ليٽائي غار جي منهن تي آڻي وجهو، ۽ انهن جي ڀرسان ڪي ماڻهو پهري ڏيڻ لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو:


۽ جڏهن مون هن کي ڏٺو، تڏهن مردي وانگر سندس پيرن وٽ ڪِري پيس، ۽ هن پنهنجو ساڄو هٿ مون تي رکي چيو تہ ڊڄ نہ؛ آئون اول ۽ آخر آهيان،


۽ ٻيو ملائڪ آيو، ۽ هڪڙو سونو خوشبودان کڻي قربانگاهہ تي اچي بيٺو، ۽ کيس گهڻو لوبان ڏنو ويو، تہ جيڪا سوني قربانگاهہ تخت جي اڳيان هئي، تنهن تي سڀني پاڪ ٿيلن جي دعائن سان گڏ چاڙهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ