Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عاموس 8:9 - Sindhi Bible

9 ۽ خداوند خدا ٿو فرمائي تہ انهي ڏينهن هيئن ٿيندو تہ آءٌ سج کي ٻنپهرن جو هيٺ لاهيندس، ۽ ڏينهن ڏٺي جو آءٌ زمين تي اوندهہ ڪري ڇڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو جو آءٌ سج کي منجھند جو ئي لاهي ڇڏيندس، ۽ ڏينهن ڏٺي جو آءٌ زمين تي اوندهہ ڪري ڇڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عاموس 8:9
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هنن کي ڏينهن جي وقت اونداهي اچي گڏجي ٿي، ۽ ٻن پهرن جو هو ائين هٿوراڙيون ٿا هڻن، جيئن رات جو هڻبيون آهن.


ڇالاءِ جو آسمان جا تارا ۽ ان جا برج پنهنجي روشنائي نہ ڏيندا: سج پنهنجي دوري ۾ ڪارو ٿي ويندو، ۽ چنڊ پنهنجي روشنائي نہ چمڪائيندو.


خداوند پنهنجي خدا کي جلال ڏيو انهيءَ کان اڳي تہ هو اونداهي ڪري ۽ اوهان جا پير اوندهہ وارن جبلن تي آٿڙن؛ ۽ جڏهن اوهين روشنائيءَ لاءِ منتظر رهو تڏهن هو انهي کي ڦيرائي موت جو پاڇو ڪري، ۽ ڀڀ اونداهي ڪري وجهي.


جنهن ست ڄڻيا آهن سا ماندي ٿي وڃي ٿي؛ انهي ساهہ ڏنو آهي؛ انهي جو سج ڏينهن بيٺي لهي ويو آهي؛ هوءَ شرمندي ۽ پشيمان ٿي آهي، ۽ انهن مان جيڪي باقي بچندا، تنهنجي نسبت ۾، خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ انهن کي سندن دشمنن اڳيان ترار جي حوالي ڪندس.


۽ جڏهن آءٌ توکي نابود ڪندس، تڏهن آسمان کي ڍڪي ڇڏيندس ۽ ان جي تارن کي ڪارو ڪندس؛ آءٌ سج کي ڪڪرن سان ڍڪيندس ۽ چنڊ پنهنجو سوجهرو نہ ڏيندو.


ڇالاءِ جو ڏس، جيڪو جبل جوڙي ٿو، ۽ واءُ پيدا ڪري ٿو، ۽ ماڻهوءَ کي سندس دل جي ڳالهہ ٻڌائي ٿو، جو صبح کي ڦيرائي اونداهي ڪري ٿو، ۽ زمين جي مٿانهين جاين تي هلي ٿو؛ خداوند، لشڪرن جو خدا انهي جو نالو آهي.


انهي کي ڳوليو جو ڪتيون ۽ ٽيڙو جوڙي ٿو، ۽ گُگهہ اونداهي کي ڦيرائي صبح ڪري ٿو؛ ۽ ڏينهن کي رات وانگر اوندهہ ڪري ٿو؛ جو سمنڊ جي پاڻيءَ کي سڏي ٿو ۽ انهي کي زمين تي اُڇلائي وجهي ٿو؛ خداوند انهي جو نالو آهي.


تنهنڪري اوهان جي لاءِ رات ٿيندي، ۽ اوهين ڪوبہ رويا ڪونہ ڏسندا، ۽ اوهان جي لاءِ اونداهي ٿيندي، تہ اوهين ڪابہ فال نہ وجهو؛ ۽ نبين تان سج لهي ويندو، ۽ انهن جي مٿان ڏينهن ڪارو ٿي ويندو.


پر اُهو ڏينهن اهڙو ٿيندو، جنهن جي خبر فقط خداوند کي آهي: اهو نہ ڏينهن هوندو نہ رات، پر ائين ٿيندو تہ شام جي وقت روشني ٿيندي.


پر انهن ڏينهن جي مصيبت کانپوءِ هڪدم سج اونداهو ٿي ويندو، ۽ چنڊ پنهنجي روشني نہ ڏيندو، ۽ تارا آسمان مان ڪِري پوندا، ۽ آسمان جون طاقتون لُڏي وينديون.


هاڻي ٻئي پهر کان وٺي ٽئين پهر تائين سڄي زمين تي اونداهي ڇانئجي ويئي.


۽ جڏهن ٻپهري ٿي، تڏهن سڄي زمين تي اونداهي ٿي ويئي، جا ٽئين پهر تائين هلي.


اها ٻنپهرن جي مهل هئي، ۽ ٽپهريءَ تائين سڄيءَ زمين تي اونداهي ٿي ويئي،


۽ جڏهن هن ڇهين مهر کولي، تڏهن مون ڏٺو تہ هڪڙو وڏو زلزلو آيو، ۽ سج ڏاس جي کٿي جهڙو ڪارو ٿي پيو، ۽ سڄو چنڊ رت جهڙو ٿي پيو؛


۽ چوٿين ملائڪ تري وڄائي تہ سج جي ٽئين حصي کي، ۽ چنڊ جي ٽئين حصي کي، ۽ تارن جي ٽئين حصي کي ضرر رسي ويئي، جنهنڪري انهن جو ٽيون حصو ڪارو ٿي پيو، ۽ ڏينهن جي ٽئين حصي جو سوجهرو ڪونہ رهيو، ۽ رات جو بہ ساڳيو حال ٿيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ