Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عاموس 8:8 - Sindhi Bible

8 انهي لاءِ ملڪ نہ ڏڪندو ڇا؟ ۽ جيڪي بہ اُن ۾ رهندا آهن، سي سڀ ماتم نہ ڪندا ڇا؟ هائو، هو نديءَ وانگي اُٿندو، ۽ مصر جي نديءَ وانگر شور ڪندو، ۽ هيٺ لهي ايندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 پوءِ انهيءَ سبب زمين نہ ڏڪندي ڇا؟ ۽ انهيءَ تي رهندڙ سڀيئي ماتم نہ ڪندا ڇا؟ هائو، اها زمين مصر جي نيل نديءَ جي پاڻيءَ وانگر هيٺ مٿي ٿيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عاموس 8:8
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن زمين ڌڏي ۽ ڏڪي ويئي، ۽ جبلن جون پاڙون چُرڻ ۽ لڏڻ لڳيون ڇو جو هو ڪاوڙيو هو.


تنهن ڪري خداوند جي ڪاوڙ پنهنجي قوم تي ڀڙڪي آهي، ۽ هن پنهنجو هٿ انهن تي کنيو آهي ۽ انهن کي ماريو اٿس، ۽ انهن جا مڙهہ گهٽين جي وچ ۾ ڪچري وانگر هئا، ۽ ٽڪر ڏڪي ويا، ڇالاءِ جو هن جي ڪاوڙ ڦري نہ ويئي آهي پر هن جو هٿ اڃا ڊگهيريل آهي.


ڪيستائين هيءَ زمين ماتم ڪندي، ۽ سڄي ملڪ جي ساوڪ ڪومائجي ويندي؟ اُتي جي رهڻ وارن جي بڇڙائيءَ ڪري جانور ۽ پکي ناس ٿي ويا آهن؛ ڇالاءِ جو هنن چيو تہ هو اسان جي پڇاڙي نہ ڏسندو.


اهو ڪير آهي جو نيل نديءَ وانگي چڙهندو اچي، جنهن جو پاڻي ندين وانگي اُٿلندو اچي؟


مصر نيل نديءَ وانگي چڙهي ٿو، ۽ ان جو پاڻي ندين وانگي اُٿلي ٿو: ۽ اُهو چوي ٿو تہ آءٌ چڙهندس، ۽ زمين کي ڍڪي ڇڏيندس؛ آءٌ شهر کي ۽ ان جي ماڻهن کي ناس ڪندس.


۽ زمين ڏڪي ٿي ۽ سورن ۾ آهي: ڇالاءِ جو خداوند جون رٿون بابل جي برخلاف قائم آهن، انهي لاءِ تہ بابل جي ملڪ کي اهڙو ويران ڪري جو ان ۾ ڪوبہ ماڻهو نہ رهي.


۽ انهن ٻاهٺ هفتن کانپوءِ اهو مسح ڪيل قتل ڪيو ويندو، ۽ وٽس ڪجهہ ڪين رهندو: ۽ جيڪو بادشاهہ ايندو، تنهن جا ماڻهو اُهو شهر ۽ پاڪ مڪان ناس ڪري ڇڏيندا؛ ۽ انهي جي پڄاڻي ٻوڏ سان ٿيندي، ۽ پڇاڙيءَ تائين جنگ هلي هلندي؛ خرابيون پڪيءَ طرح ٺهرايون ويون آهن.


سامريہ جا رهاڪو بيت اون جي گابن لاءِ خوف ۾ رهندا: ڇالاءِ جو انهي جا ماڻهو انهي تي ماتم ڪندا، ۽ انهي جا ڪاهن بہ، جي ان جي وڏائي ڪري اُن تي خوش ٿيندا هئا؛ ڇالاءِ جو ان جي وڏائي انهي مان نڪري ويئي آهي.


تنهنڪري هيءَ زمين ماتم ڪندي، ۽ جيڪو انهي ۾ رهندو سو جهنگ جي مرن ۽ هوا جي پکين سان گڏ ساڻو ٿيندو؛ هائو، سمنڊ جون مڇيون بہ گم ٿي وينديون.


۽ آءٌ اوهان جون عيدون ڦيرائي ماتم ڪندس، ۽ اوهان جا سڀ راڳ ورلاپ ڪندس؛ ۽ آءٌ سڀني چيلهين تي کٿو آڻيندس، ۽ سڀ ڪنهن مٿي کي گنجو ڪندس؛ ۽ آءٌ اهڙو ماتم ڪرائيندس جهڙو هڪڙي ئي پٽ لاءِ ٿيندو آهي، ۽ پڇاڙي اوهان جي هڪڙي ڪَڙي ڏينهن جهڙي ڪندس.


ڇالاءِ جو خداوند، لشڪرن جو خدا، زمين کي ڇُهي ٿو ۽ اُها پگهرجي ٿي وڃي، ۽ اُها نديءَ وانگي اُٿلي مٿي چڙهي ٿي ۽ وري مصر جي نديءَ وانگي هيٺ لهي ٿي وڃي، ۽ جيڪي انهيءَ تي رهن ٿا، سي سڀ ماتم ڪندا.


پر هڪڙي اُٿلندڙ ٻوڏ سان هو انهي جي جاءِ کي پورو ڪري ڇڏيندو، ۽ پنهنجي دشمنن کي ڀڄائي اونداهي ۾ آڻيندو.


۽ اُنهي وقت ابن آدم جي نشاني آسمان ۾ ظاهر ٿيندي: ۽ اُنهي مهل زمين جون سڀ قومون افسوس ڪنديون، ۽ اُهي ابن آدم کي قدرت ۽ وڏي شان ۽ شوڪت سان آسمان جي ڪڪرن ۾ ايندو ڏسنديون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ