Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عاموس 8:6 - Sindhi Bible

6 ۽ اسين چاندي ڏيئي غريب کي، ۽ جُتي جو جوڙو ڏيئي مسڪين کي ڳنهون، ۽ ڪڻڪ جو ڪچرو وڪڻون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 اوهين چاهيو ٿا تہ ”ڪڻڪ کي گندگار سميت وڪڻون، ۽ غريب کي چانديءَ جي چند سڪن تي، ۽ مسڪين کي جتيءَ جي جوڙي تي خريد ڪريون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عاموس 8:6
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انهن کي چيم تہ اسان پنهنجي وسعت آهر انهن پنهنجن يهودي ڀائرن کي پئسا ڏيئي ڇڏايو آهي، جي غير قومن وٽ وڪيا ويا هئا؛ ۽ اوهين ائين گهرو ٿا ڇا تہ پنهنجا ڀائر وڪڻو، ۽ اهي اسان وٽ وڪامن؟ تڏهن هو ماٺ ڪري ويهي رهيا ۽ هڪڙو لفظ بہ نہ ڪُڇيائون.


تو ۾ هنن رشوتون وٺي رت وهايو آهي؛ تو وياج ۽ سود ورتو آهي، ۽ تو لالچي ٿي ظلم زبردستيءَ سان پنهنجن پاڙيسرين کي ڦريو آهي، ۽ مون کي وساريو اٿيئي؛ خداوند خدا ائين ٿو فرمائي.


۽ هنن منهنجي قوم لاءِ ڪُڻا وڌا آهن: ۽ هڪ ڪڃري لاءِ هڪ ڇوڪر ڏنو اٿن، ۽ شراب پيئڻ جي لاءِ ڇوڪري وڪڻي اٿن.


اوهان يهوداہ ۽ يروشلم جو اولاد بہ يونانين وٽ وڪڻيو آهي، انهي لاءِ تہ هنن کي سندن سرحدن کان پري نيو:


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اسرائيل جي ٽن گناهن لاءِ، هائو، چئن لاءِ، آءٌ هنن جي سزا نہ ڦيرائيندس؛ ڇالاءِ جو هنن سچار کي چانديءَ لاءِ وڪڻيو آهي ۽ محتاج کي جُتيءَ جي جوڙي لاءِ:


اشدود جي محلاتن ۾، ۽ مصر جي محلاتن ۾، اوهين پڌرائي ڪريو، ۽ چئو تہ اوهين سامريہ جي جبلن ۾ گڏ ٿيو ۽ جيڪي وڏا هنگاما ۽ ظلم انهيءَ ۾ آهن، سي ڏسو.


بسن جون ڍڳيون، جي سامريہ جي جبلن ۾ آهن، جي غريبن کي ستائين ٿيون ۽ مسڪينن کي چٿين ٿيون، ۽ پنهنجن مڙسن کي ٿيون چون تہ کڻي اچو تہ پيون، اوهين اهو ڪلام ٻڌو.


اوهين جي مسڪينن کي ڳهڻ ۽ ملڪ جي غريبن کي تباهہ ڪرڻ ٿا گهرو، سي هي ٻڌو.


۽ مون چيو تہ اهو ڇا آهي؟ ۽ هن چيو تہ اهو ايفہ آهي جو وڃي ٿو. ۽ ايترو بہ وڌيڪ چيائين تہ سڄي ملڪ ۾ اها هنن جي شڪل آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ