Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عاموس 8:5 - Sindhi Bible

5 ۽ اوهين جي ايفہ کي ننڍو ٿا ڪريو، ۽ شيڪل کي وڏو، ۽ ڪوڙين ساهمين سان ٺڳي ٿا ڪريو، ۽ چئو ٿا تہ ڪڏهن نئون چنڊ ٽرندو، تہ اسين اَن وڪڻون، ۽ سبت ويندو تہ اسين ڪڻڪ ڪڍي ٻاهر رکون؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 اوهين دل ۾ چئو ٿا تہ ”ڪڏهن ٿا پاڪ ڏينهن پورا ٿين، تہ جيئن اسين اناج وڪڻون؟“ يا وري هيئن چئو ٿا تہ ”ڪڏهن ٿو سبت جو ڏينهن پورو ٿئي، تہ جيئن اسين ڪڻڪ ٻاهر ڪڍي ڪوڙن وٽن ۽ تارازين ذريعي ٺڳي ڪري وڌايل قيمتن تي وڪڻون؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عاموس 8:5
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن چيو تہ اڄ ڇو ٿي اُنهيءَ وٽ وڃڻ گهرين؟ اڄ نڪو نئون چنڊ آهي، نڪو سبت آهي. ۽ هن چيو تہ چڱائي ٿيندي.


تون بني اسرائيل کي هيئن بہ چئُہ تہ اوهين منهنجا سبت جا ڏينهن ضرور مڃيندا رهجو، ڇالاءِ جو اوهان جي سڀني پيڙهين ۾ اها منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ هڪڙي نشاني آهي، تہ اوهان کي خبر پوي تہ آءٌ اُهو خداوند آهيان، جو اوهان کي پاڪ ٿو ڪريان.


ڪوڙيءَ ساهميءَ کان خداوند کي نفرت اچي ٿي: پر سچيءَ تور ڪري هو خوش ٿئي ٿو.


پوري ساهمي ۽ پڙ خداوند جا آهن: ڳوٿريءَ جا سڀ تورا سندس ڪم آهن.


ٻن قسمن جا تورا خداوند جي لاءِ نفرت جهڙي شيءِ آهن؛ ۽ کوٽي ساهمي چڱي نہ آهي.


اڳتي اجايا نذرانا نہ آڻيو؛ لوبان ساڙڻ ڪري مون کي نفرت ٿي اچي؛ نئين چنڊ ۽ سبت ۽ جماعتن جي گڏ ٿيڻ مان بہ، ڇالاءِ جو آءٌ گناهہ سان عيد جي جماعت برداشت ڪري نٿو سگهان.


جيڪڏهن تون سبت جي ڏينهن يعني منهنجي، پاڪ ڏينهن تي پنهنجيءَ مرضيءَ موجب ڪم ڪرڻ کان پنهنجو پير روڪيندين، ۽ سبت کي خوشيءَ جو ڏينهن، ۽ خداوند جو پاڪ، ۽ تعظيم جي لاءِ ڏينهن سڏيندين؛ ۽ انهي جي عزت ڪندين، ۽ پنهنجيءَ مرضيءَ تي نہ هلندين، ۽ پنهنجي خوشيءَ ۽ پنهنجي مطلب جون ڳالهيون نہ ڪندين:


هو هڪڙو سوداگر آهي، ۽ ٺڳيءَ جي ساهمي سندس هٿ ۾ آهي: هن کي ظلم ڪرڻ پسند آهي.


۽ افرائيم چيو تہ يقيناً آءٌ دولتمند ٿيو آهيان، مون دولت لڌي آهي: منهنجن سڀني ڪمن ۾ هو مون ۾ ڪابہ بدڪاري ڪانہ لهندا جا گناهہ ٿي سگهي.


اوهين پاڻ وٽ پوريون ساهميون، پورا وٽ، پورو ايفہ ۽ پورو هين رکجو: آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو آهي.


۽ مون چيو تہ اهو ڇا آهي؟ ۽ هن چيو تہ اهو ايفہ آهي جو وڃي ٿو. ۽ ايترو بہ وڌيڪ چيائين تہ سڄي ملڪ ۾ اها هنن جي شڪل آهي.


۽ هن چيو تہ اها شرارت آهي؛ ۽ هن انهيءَ کي ايفہ ۾ هيٺ دٻائي، شيهي جو ڍڪ انهيءَ جي منهن تي رکي ڇڏيو.


۽ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين ائين بہ ٿا چئو تہ ڏس هيءَ ڪهڙي بيزار ڪندڙ شيءِ آهي! ۽ اوهان اُنهيءَ تي نڪ موڙيو آهي؛ اوهان لُٽ جو مال، منڊو ۽ بيمار نذرانو ڪري آندو آهي: ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ اهو آءٌ اوهان جي هٿان وٺندس ڇا؟


۽ اوهين پنهنجي خوشيءَ جي وقت، ۽ پنهنجين ٺهرايل عيدن تي، ۽ پنهنجن مهينن جي شروعات ۾، ۽ پنهنجين سوختني قربانين، ۽ سلامتيءَ جي قربانين تي قرنائيون وڄائجو؛ ۽ اهي اوهان جي خدا جي اڳيان اوهان لاءِ يادگار ٿينديون: آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.


تنهنڪري ڪوبہ ماڻهو کاڌي پيتي بابت، يا ڪنهن عيد يا نئين چنڊ يا سبت جي نسبت ۾ اوهان تي الزام نہ آڻي؛


۽ دائود يونتن کي چيو تہ ڏس، سڀاڻي نئون چنڊ آهي، ۽ ضرور آهي تہ آءٌ بادشاهہ سان گڏجي ماني کاوان: پر مون کي ڇڏ تہ آءٌ وڃان، ۽ ٽئين ڏينهن جي شام تائين پاڻ کي جهنگ ۾ وڃي لڪايان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ