ڇالاءِ جو مون کي خبر آهي تہ اوهان جا قصور ڪيترا گهڻا آهن، ۽ اوهان جا گناهہ ڪيترا نہ وڏا آهن؛ اوهين جي سچن کي ڏکويو ٿا، ۽ رشوت وٺو ٿا، ۽ مسڪين کي دروازي ۾ سندس حق کان هڪالي ٿا ڪڍو.
۽ هو ٻنين جي لالچ ٿا رکن ۽ اُهي زبردستيءَ سان هٿ ٿا ڪن؛ هو ماڻهوءَ ۽ سندس گهراڻي تي ظلم ٿا ڪن، ۽ انهن جي گهرن کي هو کسي ٿا وٺن، يعني ماڻهوءَ ۽ سندس ورثي کي.