Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عاموس 8:2 - Sindhi Bible

2 هن فرمايو تہ اي عاموس، تون ڇا ٿو ڏسين؟ ۽ مون چيو تہ آءٌ گرميءَ جي موسم جي ميوي جي هڪڙي ٽوڪري ٿو ڏسان. تڏهن خداوند مون کي فرمايو، تہ منهنجي قوم اسرائيل جي پڇاڙي اچي بيٺي آهي؛ آءٌ اڳتي وري هنن کي معاف نہ ڪندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 خداوند پڇيو تہ ”اي عاموس! تون ڇا ٿو ڏسين؟“ مون وراڻيو تہ ”آءٌ پڪل ميون سان ڀريل هڪڙي ٽوڪري ٿو ڏسان.“ تڏهن خداوند مون کي فرمايو تہ ”اسرائيل ملڪ واري منهنجي قوم جو پڪل ميوي جيان پٽڻ جو وقت اچي پهتو آهي. هاڻي آءٌ کين سزا ڏيڻ کان بلڪل باز نہ ايندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عاموس 8:2
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ خدا نوح کي چيو تہ منهنجي نظر ۾ سڀني ساهوارن جي پڄاڻي اچي پهتي آهي؛ ڇالاءِ جو انهن جي ڪري زمين ظلم سان ڀرجي ويئي آهي، ۽ ڏس آءٌ انهن کي زمين سان گڏ تباهہ ڪندس.


۽ هن جي شاندار سونهن جو ڪومائجندڙ گل، جو آباد ماٿريءَ جي مٿان آهي، سو اونهاري کان اڳي پهرئين پڪل انجير وانگي ٿيندو، جنهن تي جڏهن ڪنهن جي نظر ٿي پوي تہ ڏسندي ئي، ۽ هٿ ۾ ايندي ئي، کايو ڇڏي.


باقي آءٌ، سو ڏسو، مصفاہ ۾ رهندس، انهيءَ لاءِ تہ جيڪي ڪسدي اسان وٽ ايندا انهن جي اڳيان بيهان: پر اوهين شراب، ۽ گرميءَ جا ميوا، ۽ تيل گڏ ڪريو، ۽ اُهي پنهنجن ٿانوَن ۾ وجهو، ۽ جي شهر اوهان ورتا آهن تن ۾ رهو.


نبي ڪوڙي پيشنگوئي ٿا ڪن، ۽ ڪاهن انهن جي وسيلي حڪم هلائين ٿا؛ ۽ منهنجي قوم کي اهو حال پسند آهي: پر نيٺ اوهين ڇا ڪندا؟


هو اهڙيءَ طرح اسان جا پيرا کنيو اچن، جو اسين پنهنجن گهٽين ۾ وڃي نٿا سگهون: اسان جي پڇاڙي ويجهي آهي، اسان جا ڏينهن اچي پورا پيا آهن؛ ڇالاءِ جو اسان جي پڇاڙي اچي پهتي آهي.


تنهنڪري تون هنن کي چئُہ، تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ اها چوڻي بند ڪرائيندس، ۽ اُها اسرائيل ۾ وري پهاڪي وانگر ڪم نہ آڻيندا؛ پر تون انهن کي چئُہ، تہ ڏينهن ويجها آهن ۽ سڀ ڪنهن رويا جي پورائي ٿيندي.


تنهنڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ توتي ترار آڻيندس، ۽ توکان ماڻهو توڙي جانور وڍي ڇڏيندس.


هيترو بہ وڌيڪ هن مون کي چيو تہ اي آدمزاد، جيڪي ڳالهيون آءٌ توکي ٻڌايان تن کي پنهنجيءَ دل ۾ جاءِ ڏي ۽ اُهي ڪَن ڏيئي ٻُڌ.


پر اسرائيل جو گهراڻو تنهنجي نہ ٻڌندو؛ ڇالاءِ جو هو منهنجي ٻڌڻ نٿا گهرن: ڇا اسرائيل جي گهراڻي وارا سڀ سخت پيشاني ۽ سنگدل آهن.


پڇاڙي اچي پهتي آهي، اها پڇاڙي اچي پهتي آهي، بلڪ توتي چڙهي آئي آهي؛ ڏس، اُها اچي ٿي.


تڏهن هن مون کي چيو تہ اي آدمزاد، ڪي ڏسين ٿو تہ اسرائيل جي گهراڻي جا سڀ بزرگ پنهنجن پنهنجن بُتن جي ڪوٺين ۾ اونداهيءَ ۾ ڇا ٿا ڪن؟ ڇالاءِ جو هو چون ٿا تہ خداوند اسان کي نٿو ڏسي؛ خداوند زمين کي ڇڏي ڏنو آهي.


تڏهن هن مون کي چيو تہ اي آدمزاد، تو هي ڏٺو آهي؟ تہ يهوداہ جو گهراڻو جو هي گندگيون ٿو ڪري، سو اها هلڪي ڳالهہ آهي ڇا؟ ڇالاءِ جو هنن ملڪ کي ظلم زبردستيءَ سان ڀري ڇڏيو آهي، ۽ مون کي ڪاوڙ ڏيارڻ لاءِ ڦري ويا آهن: ۽ ڏس، هو ٽاري پنهنجي نڪ وٽ ٿا آڻين.


۽ هن مون کي چيو تہ اي آدمزاد، ڪي ڏسين ٿو تہ هو ڇا ٿا ڪن؟ اسرائيل جو گهراڻو اُتي وڏيون گندگيون ٿو ڪري، انهي لاءِ تہ آءٌ پنهنجي پاڪ مڪان کان پري هليو وڃان؛ پر تون اڃا بہ ٻيون وڏيون گندگيون وري ڏسندين.


سزا جا ڏينهن آيا آهن، بدلي وٺڻ جا ڏينهن اچي پهتا آهن؛ اسرائيل پاڻهي ڄاڻندو: نبي بي عقل آهي، جنهن ماڻهوءَ ۾ روح آهي سو چريو آهي، اهو تنهنجي بدڪاريءَ جي گهڻائيءَ ڪري ٿيو آهي، ۽ هن ڪري جو دشمني وڏي آهي.


۽ خداوند مون کي چيو تہ اي عاموس، تون ڇا ٿو ڏسين؟ ۽ مون چيو تہ هڪڙو شاهل. تڏهن خداوند چيو تہ ڏس، آءٌ پنهنجي قوم اسرائيل جي وچ ۾ شاهل رکندس؛ آءٌ اڳتي وري هنن وٽان نہ لنگهندس:


خداوند خدا مون کي هن طرح ڏيکاريو، ۽ مون ڏٺو تہ گرميءَ جي موسم جي ميوي جي هڪڙي ٽوڪري آهي.


مون تي افسوس! ڇالاءِ جو منهنجو حال اهڙو آهي جهڙو گرميءَ جي ميوي گڏ ڪرڻ کانپوءِ ٿيندو آهي: ڪوبہ ڇڳو کائڻ لاءِ ڪونهي؛ منهنجي روح کي پهرئين پڪل انجير جي خواهش آهي.


۽ هن مون کي چيو، تہ تون ڇا ٿو ڏسين؟ ۽ مون ورندي ڏني، تہ آءٌ هڪڙي اُڏامندڙ ڪاغذ جي ويڙهي ٿو ڏسان؛ جنهن جي ڊيگهہ ويهہ هٿ، ۽ ويڪر ڏهہ هٿ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ