Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عاموس 8:12 - Sindhi Bible

12 ۽ هو سمنڊ کان سمنڊ تائين، اُتر کان وٺي اُڀرندي تائين رُلندا وتندا؛ هو خداوند جو ڪلام ڳولڻ لاءِ هيڏي هوڏي ڊوڙندا، پر انهي کي ڪين لهندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 تڏهن اهي کاري سمنڊ کان ڀونوچ سمنڊ تائين، بلڪ اتر کان ڏکڻ تائين، مون خداوند جي فرمان جي ڳولا ۾ هيڏي هوڏي ڊوڙندا وتندا پر کانئن ڪين لڀندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عاموس 8:12
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن هو مون کي پڪاريندا پر آءٌ جواب نہ ڏيندس؛ هو سعيو ڪري مون کي ڳوليندا پر هو مون کي نہ لهندا:


ٺٺولي ڪندڙ ماڻهو ڏاهپ کي ڳولي ٿو پر انهيءَ کي لهي نٿو: مگر جنهن کي سمجهہ آهي تنهن کي علم آسانيءَ سان ملي ٿو.


جتي ڪو رويا ڪونهي اُتي ماڻهو بي لغام ٿيو وڃن، پر اُهو سڀاڳو آهي جو شريعت جي سنڀال ڪري ٿو.


اي آدمزاد، اسرائيل جي بزرگن کي چئُہ تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين مون کان پڇڻ آيا آهيو ڇا؟ خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي تہ منهنجي مرضي ناهي تہ اوهين مون کان ڪجهہ پڇو.


۽ جڏهن اوهين پنهنجا نذرانا پيش ٿا ڪريو، ۽ پنهنجا پٽ باهہ مان ٿا لنگهايو، تڏهن اوهين پاڻ کي اڄ ڏينهن تائين پنهنجن سڀني بُتن سان ناپاڪ ٿا ڪريو ڇا؟ تہ بہ اي اسرائيل جا گهراڻا، اوهين مون کان پنهنجي لاءِ ڪجهہ پڇندا ڇا؟ خداوند خدا ٿو فرمائي تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي تہ آءٌ اوهان کي ڪجهہ بہ پڇڻ نہ ڏيندس:


پر اي داني ايل، تون پنهنجون ڳالهيون بند ڪر، ۽ پڇاڙيءَ جي وقت تائين پنهنجي ڪتاب تي مهر ڪر: گهڻا هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙندا، ۽ علم زيادہ ٿيندو.


هو پنهنجن گلن ۽ پنهنجن ڌڻن سان خداوند کي ڳولڻ ويندا، پر انهي کي نہ لهندا: انهي پاڻ کي هنن کان لڪائي ڇڏيو آهي.


جيڪو منهنجي پاسي نہ آهي سو منهنجي برخلاف آهي؛ جيڪو مون سان شامل ٿي ڪٺو نٿو ڪري، سو ڇڙوڇڙ ڪيو ڇڏي.


۽ اهو ڇوڪر سموئيل عيليءَ جي اڳيان خداوند جي خدمت ڪندو هو، ۽ خداوند جو ڪلام انهن ڏينهن ۾ ڪامياب هو؛ ڪو ظاهر ظهور رويا نہ ٿيندو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ