Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عاموس 8:1 - Sindhi Bible

1 خداوند خدا مون کي هن طرح ڏيکاريو، ۽ مون ڏٺو تہ گرميءَ جي موسم جي ميوي جي هڪڙي ٽوڪري آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 ساڳيءَ طرح خداوند خدا مون کي هڪڙي ٻي رويا ڏيکاري، جنهن ۾ مون پڪل ميون سان ڀريل هڪڙي ٽوڪري ڏٺي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عاموس 8:1
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بابل جو بادشاهہ نبوڪدرضر، يهوداہ جي بادشاهہ يڪونياہ بن يهويقيم، ۽ يهوداہ جي اميرن کي، واڍن ۽ لوهارن سميت، يروشلم مان قيد ڪري وٺي ويو ۽ انهن کي بابل ۾ آندائين، تنهن کان پوءِ ڏسو خداوند مون کي انجيرن جون ٻہ ٽوڪريون خداوند جي هيڪل جي اڳيان رکيل ڏيکاريون.


خداوند خدا مون کي هن طرح ڏيکاريو، ۽ مون ڏٺو تہ پوئين پوکيل فصل جي شروعات ۾ هن مڪڙ پيدا ڪيا، ۽ ڏٺم تہ بادشاهہ جي حصي لڻڻ کانپوءِ اهو پويون فصل هو، جو ڦٽي نڪتو هو.


تنهنڪري خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ تنهنجي زال شهر ۾ هڪڙي ڪڃري ٿيندي، ۽ تنهنجا پٽ ۽ تنهنجون ڌيئرون ترار سان مرندا، ۽ تنهنجي زمين ڏور سان ورهائي ويندي؛ ۽ تون پاڻ اهڙيءَ زمين ۾ مرندين جا ناپاڪ آهي: ۽ اسرائيل ضرور پنهنجي ملڪ مان قيد ڪري ڪڍيو ويندو.


خداوند مون کي هن طرح ڏيکاريو، ۽ مون ڏٺو تہ خداوند باهہ کي ساڙڻ لاءِ سڏيو؛ ۽ اُنهيءَ وڏي سمنڊ کي ڳهي ڇڏيو، ۽ ملڪ کي بہ کائي وڃي ها.


هن مون کي هن طرح ڏيکاريو، ۽ مون ڏٺو تہ خداوند هڪڙي ڀت تي بيٺو آهي، جا شاهل سان جڙيل هئي، ۽ سندس هٿ ۾ شاهل هو.


هن فرمايو تہ اي عاموس، تون ڇا ٿو ڏسين؟ ۽ مون چيو تہ آءٌ گرميءَ جي موسم جي ميوي جي هڪڙي ٽوڪري ٿو ڏسان. تڏهن خداوند مون کي فرمايو، تہ منهنجي قوم اسرائيل جي پڇاڙي اچي بيٺي آهي؛ آءٌ اڳتي وري هنن کي معاف نہ ڪندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ