Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عاموس 7:7 - Sindhi Bible

7 هن مون کي هن طرح ڏيکاريو، ۽ مون ڏٺو تہ خداوند هڪڙي ڀت تي بيٺو آهي، جا شاهل سان جڙيل هئي، ۽ سندس هٿ ۾ شاهل هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 خداوند وري مون کي ٽين رويا ڏيکاري، جنهن ۾ ڏٺم تہ پروردگار شاهل سان ٺاهيل هڪڙيءَ ڀت وٽ بيٺو آهي ۽ سندس هٿ ۾ شاهل آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عاموس 7:7
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ڏسي تہ خداوند انهيءَ جي مٿان بيٺو آهي، ۽ چويس ٿو تہ آءٌ خداوند تنهنجي پيءُ ابرهام جو خدا، ۽ اسحاق جو خدا آهيان. جنهن زمين تي تون ستو پيو آهين، سا آءٌ توکي ۽ تنهنجي اولاد کي ڏيندس؛


۽ هن موآب کي ماريو، ۽ اتي جي ماڻهن کي زمين تي سمهاري، رسيءَ سان انهن جي ماپ ورتائين؛ ۽ ٻن رسين جي ماپ جيترا هن مارائي ڇڏيا، ۽ هڪڙي رسيءَ جيترا جيئرا ڇڏي ڏنا. ۽ موآبي دائود جا ٻانها ٿيا، ۽ نذرانا کڻي آيا.


۽ آءٌ سامريہ جي ڏور ۽ اخي آب جي گهراڻي جو شاهل يروشلم جي مٿان ڇڪيندس: ۽ آءٌ يروشلم کي ائين اُگهي ڇڏيندس جيئن ڪو ماڻهو رڪابي اُگهندو ۽ انهيءَ کي اُٿلائي پٿلائي رکندو آهي.


آءٌ عدالت کي ڏور ۽ سچائيءَ کي شاهد ڪندس: ۽ ڳڙا ڪوڙ جي پناهہ ٻهاري ويندا، ۽ پناهہ جي جاءِ جي مٿان پاڻي اُٿلي ايندو.


پر پيڻ پکي ۽ سيڙهہ انهي جون مالڪ ٿينديون؛ چٻرو ۽ ڪانگ انهيءَ ۾ رهندا: اهو انهيءَ جي مٿان مونجهاري جي ڏور ڇڪيندو، ۽ ويرانيءَ جو شاهل رکندو.


خداوند ارادو ڪيو آهي تہ صيون جي ڌيءَ جي ڀت ناس ڪري ڇڏي؛ هن ڏور ڇڪي آهي، هن ناس ڪرڻ کان پنهنجو هٿ نہ روڪيو آهي: پر هن قلعي جي ٺلهہ ۽ ڀت کي ماتم ۾ وڌو آهي؛ اُهي گڏ پيا ڏک ۾ ڳرن.


۽ هن مون کي اُتي آندو ۽ ڏسو، اُتي هڪڙو ماڻهو هو جنهن جو چهرو پتل جي رنگ جهڙو هو، ۽ هٿ ۾ هڪڙي سڻيءَ جي ڏوري، ۽ ماپ ڪرڻ جو ڪانو هوس، ۽ اُهو در تي بيٺو هو.


خداوند انهيءَ جي نسبت ۾ بہ ڦريو، ۽ خداوند فرمايو تہ ائين بہ ڪين ٿيندو.


۽ خداوند مون کي چيو تہ اي عاموس، تون ڇا ٿو ڏسين؟ ۽ مون چيو تہ هڪڙو شاهل. تڏهن خداوند چيو تہ ڏس، آءٌ پنهنجي قوم اسرائيل جي وچ ۾ شاهل رکندس؛ آءٌ اڳتي وري هنن وٽان نہ لنگهندس:


ڇالاءِ جو خسيس شين جي ڏينهن کي ڪنهن ڌڪاريو آهي؟ ڇالاءِ جو خداوند جون اهي ست اکيون جي سڄي زمين تي گهُمن ٿيون، اُهي زروبابل جي هٿ ۾ شاهل ڏسي خوش ٿينديون.


۽ مون کي ماپ ڪرڻ لاءِ هڪڙو ڪانو ڏنو ويو: ۽ هڪڙي چيو تہ اُٿ، ۽ وڃي خدا جي پاڪ جاءِ ۽ قربانگاهہ جي، ۽ جيڪي منجهس عبادت ٿا ڪن، تن جي ماپ ڪر.


۽ جنهن مون سان ڳالهايو ٿي تنهن وٽ، شهر ۽ انهي جي دروازن ۽ سندس ڀت ماپڻ لاءِ هڪڙي سوني لٺ هئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ