Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عاموس 7:17 - Sindhi Bible

17 تنهنڪري خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ تنهنجي زال شهر ۾ هڪڙي ڪڃري ٿيندي، ۽ تنهنجا پٽ ۽ تنهنجون ڌيئرون ترار سان مرندا، ۽ تنهنجي زمين ڏور سان ورهائي ويندي؛ ۽ تون پاڻ اهڙيءَ زمين ۾ مرندين جا ناپاڪ آهي: ۽ اسرائيل ضرور پنهنجي ملڪ مان قيد ڪري ڪڍيو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 خداوند فرمائي ٿو تہ ’اي امصياہ! تنهنجي زال شهر ۾ ڪڃري بڻبي، جنگي حملي‌آورن هٿان تنهنجا پٽ ۽ ڌيئرون ماريا ويندا، تنهنجي زمين ڏور سان ورهائي ويندي، ۽ تون پاڻ ڪنهن ناپاڪ ملڪ ۾ وڃي مرندين. جڏهن تہ اسرائيل وارا ضرور پنهنجي ملڪ مان جلاوطن ڪري ڪڍيا ويندا.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عاموس 7:17
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هوسيع جي نائين ورهيہ ۾ اسور جي بادشاهہ سامريہ ورتو، ۽ اسرائيلين کي قيد ڪري اسور ڏانهن وٺي ويو، ۽ انهن کي جوزان نديءَ تي، خلحہ ۽ خابور شهرن ۾، ۽ مادين جي شهرن ۾ رکيائين.


هن ڌارين قومن کي انهن جي اڳيان ڪڍي ڇڏيو، ۽ زمين ماپي اسرائيل جي قبيلن کي ميراث ڪري ڏنائين، ۽ کين انهن جي خيمن ۾ رهايائين.


انهن جا کير پياڪ ٻار بہ سندن روبرو اُڇلائي پرزا پرزا ڪيا ويندا؛ انهن جا گهر لٽيا ويندا، ۽ انهن جي زالن سان زور زبردستي ٿيندي.


يقيناً هو توکي کينهوڙي وانگي وڏي ملڪ ۾ اُڇلائيندو تہ گول گول ڦيرائي؛ ۽ اتي تون، جو پنهنجي ڌڻيءَ جي گهر جي خواري آهين، مرندين، ۽ تنهنجي وڏائيءَ جون جنگي گاڏيون بہ اتي وينديون.


۽ جن ماڻهن وٽ هو نبوت ڪن ٿا سي ڏڪار ۽ ترار جي ڪري يروشلم جي گهٽين ۾ اُڇلايا ويندا، ۽ ڪوبہ انهن کي پورڻ وارو ڪونہ هوندو، نہ انهن کي نہ انهنجي زالن کي، نہ انهن جي پٽن، نہ انهن جي ڌيئن کي: ڇالاءِ جو آءٌ هنن جي شرارت مٿن اوتي وجهندس.


۽ تون، اي فشحور، ۽ جيڪي تنهنجي گهر ۾ رهن ٿا سي سڀ قيد ٿي ويندا: ۽ تون بابل ۾ ويندين، ۽ اتي تون مرندين ۽ اُتيئي دفن ٿيندين، نہ رڳو تون پر سڀيئي تنهنجا دوست جن وٽ تو ڪوڙي نبوت ڪئي آهي.


حننياہ نبيءَ يرمياہ نبيءَ جي ڳچيءَ مان گز کڻي ڀڃي ڇڏيو، تنهن کان پوءِ خداوند جو ڪلام يرمياہ وٽ آيو، جنهن چيو تہ


تنهن ڪري خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس، آءٌ توکي زمين جي سطح تان ڪڍي ڇڏيندس: هن ئي سال تون مري ويندين، ڇالاءِ جو تو خداوند جي برخلاف بغاوت جي ڳالهہ ڪئي آهي.


لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا، اخي اب بن قولاياہ، ۽ صدقياہ بن معسياہ، جي بابت جي منهنجي نالي سان نبوت ڪري اوهان کي ڪوڙ ٿا ٻڌائين، هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو آءٌ هنن کي بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي حوالي ڪندس، جو هنن کي اوهان جن اکين آڏو قتل ڪري ڇڏيندو؛


لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ تو پنهنجي نالي سان يروشلم جي سڀني ماڻهن ڏي ۽ صفنياہ بن معسياہ ڪاهن، ۽ سڀني ڪاهنن ڏي خط موڪليا آهن، جنهن ۾ چيو اٿيئي، تہ


صيون ۾ زالن سان ۽ يهوداہ جي شهرن ۾ ڪنوارين ڇوڪرين سان هنن زور زبردستي ڪئي آهي.


۽ خداوند فرمايو تہ انهيءَ طرح بني اسرائيل پنهنجي ماني ناپاڪيءَ ۾ انهن قومن جي وچ ۾ کائيندا جن وٽ آءٌ هنن کي هڪالي ڇڏيندس.


هو خداوند جي ملڪ ۾ نہ رهندا، پر افرائيم موٽي مصر ۾ ويندو، ۽ هو اسور ۾ ناپاڪ کاڌو کائيندا.


تنهنڪري هاڻي جيڪي قيد ٿي ويندا، تن سان گڏ هو بہ قيد ٿي ويندا، ۽ جيڪي ڊگها ٿي سُتا هئا، تن جي خوشي گذري ويندي.


ڇالاءِ جو عاموس چوي ٿو تہ يربعام ترار سان مرندو، ۽ اسرائيل ضرور قيد ٿي پنهنجي ملڪ مان ڪڍيو ويندو.


خداوند خدا مون کي هن طرح ڏيکاريو، ۽ مون ڏٺو تہ گرميءَ جي موسم جي ميوي جي هڪڙي ٽوڪري آهي.


مون خداوند کي قربانگاهہ جي پاسي ۾ بيٺل ڏٺو، ۽ هن فرمايو تہ در جي ڇتين کي ڌڪ هڻ تہ چانئٺيون لُڏن: ۽ اُهي هنن سڀني جي مٿان ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏ، ۽ هنن مان جيڪي باقي بچندا تن کي آءٌ ترار سان قتل ڪندس: ۽ هڪڙو بہ ڀڄي نہ ويندو، ۽ ڪوبہ ڇُٽي نہ ويندو.


ڏسو، خداوند جون اکيون انهيءَ گنهگار بادشاهت تي آهن، ۽ آءٌ انهي کي زمين جي سطح تان ناس ڪري ڇڏيندس: انهي هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي، تہ يعقوب جي گهراڻي کي اصل نابود ڪري نہ ڇڏيندس.


پاڻ کي گنجو ڪر، ۽ پنهنجي پيارن ٻارن لاءِ پنهنجا وار ڪَتر: ڳجهہ وانگي پنهنجي گنجاڻ وڌاءِ، ڇالاءِ جو هو تو وٽان قيد ٿي ويا آهن.


ڇالاءِ جو آءٌ سڀني قومن کي گڏ ڪندس، تہ يروشلم جي برخلاف جنگ ڪن: ۽ شهر قبضي ڪيو ويندو، ۽ گهر لُٽيا ويندا، ۽ زالن جي بي عزتي ٿيندي: ۽ اڌ شهر قيد ٿي ويندو، پر باقي ماڻهو شهر مان نہ ڪڍيا ويندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ