Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عاموس 7:16 - Sindhi Bible

16 تنهنڪري تون هاڻي خداوند جو ڪلام ٻڌ: تون چوين ٿو تہ اسرائيل جي برخلاف نبوت نہ ڪر، ۽ پنهنجو ڪلام اسحاق جي گهراڻي جي برخلاف نہ ٻڌاءِ؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 اي امصياہ! تون مون کي چوين ٿو تہ ’اسرائيل وارن جي خلاف اڳڪٿي نہ ڪر، نہ ئي سندن خلاف ڪا ٻي ڳالهہ ڪر.‘ تنهنڪري هاڻي تون خداوند جو هي فرمان ٻڌ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عاموس 7:16
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ڏسو، هڪڙو خدا جو ٻانهو خدا جي حڪم سان يهوداہ مان بيت ايل ۾ آيو: ۽ يربعام قربانگاهہ جي پاسي ۾ بيٺي لوبان ساڙيو.


۽ هن چيو تہ انهيءَ ڪري تون خداوند جو ڪلام ٻڌ: مون خداوند کي پنهنجي تخت تي ويٺل ڏٺو، ۽ آسمان جو سارو لشڪر سندس سڄي هٿ پاسي ۽ کٻي هٿ پاسي سندس نزديڪ بيٺو هو.


۽ هن خداوند جي نظر ۾ بڇڙائي ڪئي: هو يربعام بن نباط جي انهن سڀني گناهن کان باز نہ آيو جن سان هن اسرائيل کان گناهہ ڪرايو.


اُهي غيب ڏسڻ واري کي چون ٿا تہ غيب نہ ڏسو، ۽ نبين کي چون ٿا تہ اسان کي نبوت جون سچيون ڳالهيون نہ ٻڌايو؛ اسان کي وڻندڙ ڳالهيون ٻڌايو، ۽ ڪوڙي نبوت ڪريو.


اي آدمزاد، اسرائيل جا نبي جي نبوت پيا ڪن، تن جي برخلاف تون نبوت ڪر، ۽ جيڪي پنهنجي دل مان ٺاهي نبوت ٿا تن کي چئُہ، تہ اوهين خداوند جو ڪلام ٻڌو؛


انهي ڪري اي ڪڃري، خداوند جو ڪلام ٻڌ:


اي آدمزاد، پنهنجو منهن ڏکڻ ڏانهن ڪر، ۽ پنهنجو ڪلام ڏکڻ ڏانهن ڪڍ، ۽ ڏکڻ جي ميدان واري ٻيلي جي برخلاف نبوت ڪر؛


اي آدمزاد، پنهنجو منهن يروشلم ڏانهن ڪر ۽ پاڪ مڪان ڏانهن پنهنجو ڪلام ڪڍ، ۽ اسرائيل جي ملڪ جي برخلاف نبوت ڪر؛


پر اوهان نذيرين کي شراب پياريو؛ ۽ نبين کي حڪم ڏيئي چيو تہ نبوت نہ ڪريو.


پر بيت ايل ۾ وري اڳتي نبوت نہ ڪج، ڇالاءِ جو هي بادشاهہ جو پاڪ مڪان آهي، ۽ هي هڪڙو شاهي گهر آهي.


بڪواسي چون ٿا تہ بڪواس نہ ڪريو، انهن ڳالهين بابت بڪواس نہ ڪريو: اهڙن شخصن تان مهڻو نہ لهندو.


منهنجي تعليم مينهن وانگي وسندي، ۽ منهنجي تقرير ماڪ وانگي پوندي؛ جهڙيءَ طرح سنهي گاهہ تي مينهن جي ڦڙڦڙ پوندي آهي، ۽ ٻوٽن تي وسڪار ٿيندي آهي:


تڏهن سموئيل سائول کي چيو تہ بيهہ، آءٌ توکي ٻڌايان تہ رات خداوند مون کي ڇا چيو آهي. هن چيو تہ ٻڌاءِ.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ