Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عاموس 7:13 - Sindhi Bible

13 پر بيت ايل ۾ وري اڳتي نبوت نہ ڪج، ڇالاءِ جو هي بادشاهہ جو پاڪ مڪان آهي، ۽ هي هڪڙو شاهي گهر آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 پر هتي بيت‌ايل ۾ وري ڪڏهن بہ اڳڪٿي نہ ڪجانءِ، ڇاڪاڻ تہ هيءَ بادشاهہ توڙي ملڪ جي سڀني رهاڪن جي عبادت جي مقدس جاءِ آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عاموس 7:13
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن هڪڙو بيت ايل ۾ رکيو، ۽ ٻيو دان ۾.


۽ اٺين مهيني ۾ پندرهين تاريخ يربعام هڪڙي عيد مقرر ڪئي، جهڙي يهوداہ ۾ عيد ٿيندي هئي، ۽ پاڻ قربانگاهہ تائين چڙهي ويو؛ ساڳيءَ طرح بيت ايل ۾ بہ جيڪي گابا جوڙيا هئائين تن جي اڳيان قربانيون ڪيائين: ۽ بيت ايل ۾ جي مٿانهيون جايون هن ٺهرايون هيون، تن جا ڪاهن مقرر ڪيائين.


۽ ڏسو، هڪڙو خدا جو ٻانهو خدا جي حڪم سان يهوداہ مان بيت ايل ۾ آيو: ۽ يربعام قربانگاهہ جي پاسي ۾ بيٺي لوبان ساڙيو.


۽ هن خداوند جي نظر ۾ بڇڙائي ڪئي: هو يربعام بن نباط جي انهن سڀني گناهن کان باز نہ آيو جن سان هن اسرائيل کان گناهہ ڪرايو.


اُهي غيب ڏسڻ واري کي چون ٿا تہ غيب نہ ڏسو، ۽ نبين کي چون ٿا تہ اسان کي نبوت جون سچيون ڳالهيون نہ ٻڌايو؛ اسان کي وڻندڙ ڳالهيون ٻڌايو، ۽ ڪوڙي نبوت ڪريو.


ڇالاءِ تو خداوند جي نالي سان نبوت ڪري چيو آهي تہ هي گهر سيلا جهڙو ٿيندو، ۽ هي شهر اهڙو ويران ٿيندو جو ڪوبہ منجهس رهڻ وارو ڪونہ هوندو؟ پوءِ سڀ ماڻهو يرمياہ وٽ خدا جي گهر ۾ اچي گڏ ٿيا.


پر اوهان نذيرين کي شراب پياريو؛ ۽ نبين کي حڪم ڏيئي چيو تہ نبوت نہ ڪريو.


ڇالاءِ جو جنهن ڏينهن آءٌ اسرائيل جي گناهن جي کين سزا ڏيندس، انهيءَ ڏينهن آءٌ بيت ايل جي قربانگاهن کي بہ سزا ڏيندس، ۽ قربانگاهہ جا سڱ وڍيا ويندا، ۽ زمين تي ڪِري پوندا.


پر بيت ايل کي نہ ڳوليو، نڪي جلجال ۾ وڃو، نڪي بيرسبع ڏي لنگهي وڃو؛ ڇالاءِ جو يقين آهي تہ جلجال قيد ٿي ويندو ۽ بيت ايل نابود ٿي ويندو.


تنهنڪري تون هاڻي خداوند جو ڪلام ٻڌ: تون چوين ٿو تہ اسرائيل جي برخلاف نبوت نہ ڪر، ۽ پنهنجو ڪلام اسحاق جي گهراڻي جي برخلاف نہ ٻڌاءِ؛


۽ اسحاق جون مٿانهيون جايون ويران ٿينديون، ۽ اسرائيل جا پاڪ مڪان غير آباد ٿي ويندا؛ ۽ آءٌ ترار سان يربعام جي گهراڻي جي برخلاف اُٿندس.


تہ اسان اوهان کي سخت تاڪيد ڪئي هئي تہ انهي نالي تعليم نہ ڏيو: پر ڏسو، اوهان سڄي يروشلم کي پنهنجيءَ تعليم سان ڀري ڇڏيو آهي، ۽ ڀانئيو ٿا تہ انهي جو خون اسان جي سر تي هڻو.


هنن سندس ڳالهہ مڃي ۽ رسولن کي پاڻ وٽ سڏي ڦٽڪا هڻايائون، ۽ سخت تاڪيد ڪيائون تہ يسوع جي نالي تي ڪي بہ ڪين چئجو، ۽ پوءِ ڇڏي ڏنائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ