Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عاموس 7:11 - Sindhi Bible

11 ڇالاءِ جو عاموس چوي ٿو تہ يربعام ترار سان مرندو، ۽ اسرائيل ضرور قيد ٿي پنهنجي ملڪ مان ڪڍيو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 هو چوي ٿو تہ ’يربعام ثاني جنگ ۾ ماريو ويندو، ۽ اسرائيل وارن کي ضرور قيد ڪري پنهنجي ملڪ مان جلاوطن ڪيو ويندو.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عاموس 7:11
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هوسيع جي نائين ورهيہ ۾ اسور جي بادشاهہ سامريہ ورتو، ۽ اسرائيلين کي قيد ڪري اسور ڏانهن وٺي ويو، ۽ انهن کي جوزان نديءَ تي، خلحہ ۽ خابور شهرن ۾، ۽ مادين جي شهرن ۾ رکيائين.


اهي سڄو ڏينهن منهنجن لفظن جي اُبتي معنيٰ پيا ڪڍن: ۽ انهن جا سڀ خيال مون سان بڇڙائي ڪرڻ جا آهن.


ڇالاءِ تو خداوند جي نالي سان نبوت ڪري چيو آهي تہ هي گهر سيلا جهڙو ٿيندو، ۽ هي شهر اهڙو ويران ٿيندو جو ڪوبہ منجهس رهڻ وارو ڪونہ هوندو؟ پوءِ سڀ ماڻهو يرمياہ وٽ خدا جي گهر ۾ اچي گڏ ٿيا.


هاڻي هيئن ٿيو تہ جڏهن هنن اُهي سڀ ڳالهيون ٻڌيون تڏهن ڊپ کان هڪ ٻئي ڏي نهارڻ لڳا، ۽ باروڪ کي چوڻ لڳا تہ اسين ضرور هي سڀ ڳالهيون بادشاهہ کي ٻڌائينداسين.


تقوع جي ڌنارن مان، عاموس جون ڳالهيون، جي اسرائيل بابت يهوداہ جي بادشاهہ عزياہ جي ڏينهن ۾، ۽ اسرائيل جي بادشاهہ يربعام بن يوآس جي ڏينهن ۾، ۽ زلزلي کان ٻہ ورهيہ اڳي هن تي نازل ٿيون.


تڏهن امصياہ بيت ايل جي ڪاهن اسرائيل جي بادشاهہ يربعام ڏي چوائي موڪليو تہ عاموس اسرائيل جي گهراڻي جي وچ ۾ تنهنجي برخلاف منصوبو ٻَڌو آهي: ۽ ملڪ هن جون ڳالهيون سهي نٿو سگهي.


امصياہ عاموس کي هيئن بہ چيو، تہ اي غيب ڏسندڙ تون وڃ، يهوداہ جي ملڪ ڏي ڀڄي وڃ، ۽ اُتي وڃي ماني کاءُ، ۽ اُتي نبوت ڪر:


۽ اسحاق جون مٿانهيون جايون ويران ٿينديون، ۽ اسرائيل جا پاڪ مڪان غير آباد ٿي ويندا؛ ۽ آءٌ ترار سان يربعام جي گهراڻي جي برخلاف اُٿندس.


پاڻ کي گنجو ڪر، ۽ پنهنجي پيارن ٻارن لاءِ پنهنجا وار ڪَتر: ڳجهہ وانگي پنهنجي گنجاڻ وڌاءِ، ڇالاءِ جو هو تو وٽان قيد ٿي ويا آهن.


۽ چوڻ لڳا تہ هن ماڻهوءَ چيو ٿي تہ آئون خدا جي هيڪل کي ڊاهي وري ٽن ڏينهن ۾ جوڙي ٿو سگهان.


ڇوتہ اسان هن کي هيئن چوندو ٻُڌو آهي، تہ اِهو يسوع ناصري هن جاءِ کي برباد ڪندو، ۽ جيڪي رسمون موسيٰ اسان کي ڏيئي ويو آهي، تن کي بدلائي ڇڏيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ