Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عاموس 7:1 - Sindhi Bible

1 خداوند خدا مون کي هن طرح ڏيکاريو، ۽ مون ڏٺو تہ پوئين پوکيل فصل جي شروعات ۾ هن مڪڙ پيدا ڪيا، ۽ ڏٺم تہ بادشاهہ جي حصي لڻڻ کانپوءِ اهو پويون فصل هو، جو ڦٽي نڪتو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 خداوند خدا مون عاموس کي رويا ڏيکاري، جنهن ۾ مون ڏٺو تہ انهيءَ وقت جڏهن فصل مان بادشاهہ جو حصو لڻجي چڪو هو ۽ انهيءَ لڻيل فصل مان ٻيو لوب ڦٽي نڪتو هو، تڏهن خداوند انهن لڻيل فصل جي گونچن مٿان ماڪڙ جا ڪٽڪ موڪليا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عاموس 7:1
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهان جي لٽ جو مال ائين گڏ ڪيو ويندو، جيئن سوٻٽ گڏ ڪندا آهن: هو انهي تي ائين ٽپندا جيئن مڪڙ ٽپندا آهن.


بابل جو بادشاهہ نبوڪدرضر، يهوداہ جي بادشاهہ يڪونياہ بن يهويقيم، ۽ يهوداہ جي اميرن کي، واڍن ۽ لوهارن سميت، يروشلم مان قيد ڪري وٺي ويو ۽ انهن کي بابل ۾ آندائين، تنهن کان پوءِ ڏسو خداوند مون کي انجيرن جون ٻہ ٽوڪريون خداوند جي هيڪل جي اڳيان رکيل ڏيکاريون.


تڏهن جيڪي ڳالهيون خداوند مون کي ڏيکاريون هيون، سي مون انهن قيدين کي بيان ڪري ٻڌايون.


تہ جيڪي تڏين بچايو آهي سو مڪڙن کاڌو آهي؛ ۽ جيڪي مڪڙن ڇڏيو آهي سو سُري کاڌو آهي؛ ۽ جيڪي سُري ڇڏيو آهي سو سوٻٽن کاڌو آهي.


۽ آءٌ اوهان کي اُهي سال موٽائي ڏيندس جن جا فصل مڪڙ، ۽ سرا، ۽ سوٻٽ، ۽ تڏيون کائي ويون آهن، يعني اُهو وڏو لشڪر جو مون اوهان وٽ موڪليو.


مون اوهان کي جهوٽي ۽ رتيءَ سان ضربيو: اوهانجن گهڻن باغن، ۽ ڊاک جي منهن، ۽ اوهان جي انجير جي وڻن، ۽ زيتون جي وڻن کي ڪينئون کائي چٽ ڪري ويو: انهي هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين مون ڏي نہ موٽيا آهيو.


خداوند مون کي هن طرح ڏيکاريو، ۽ مون ڏٺو تہ خداوند باهہ کي ساڙڻ لاءِ سڏيو؛ ۽ اُنهيءَ وڏي سمنڊ کي ڳهي ڇڏيو، ۽ ملڪ کي بہ کائي وڃي ها.


هن مون کي هن طرح ڏيکاريو، ۽ مون ڏٺو تہ خداوند هڪڙي ڀت تي بيٺو آهي، جا شاهل سان جڙيل هئي، ۽ سندس هٿ ۾ شاهل هو.


خداوند خدا مون کي هن طرح ڏيکاريو، ۽ مون ڏٺو تہ گرميءَ جي موسم جي ميوي جي هڪڙي ٽوڪري آهي.


۽ خداوند مون کي چار لوهار ڏيکاريا.


۽ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اوهان جي خاطر ڳڙڪائيندڙن کي ڇينڀيندس، ۽ هو اوهان جي زمين جي پيدائش ناس نہ ڪندا، ۽ نڪي اوهان جي ڊاک جو ڦر ڪچو زمين تي ڪِرندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ