Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عاموس 6:6 - Sindhi Bible

6 جي پيالن ۾ شراب پيئو ٿا، ۽ پاڻ کي عمدا تيل مکيو ٿا؛ پر جن کي يوسف جي مصيبت جو ڏک ڪونهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 اوهين وڏا وڏا پيالا ڀري مئي پيئو ٿا، ۽ پاڻ کي عمدا عطر لڳايو ٿا. پر پنهنجي ملڪ اسرائيل تي اچڻ واري مصيبت کان اوهين لاپرواہ آهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عاموس 6:6
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يوسف هڪڙو ڦلدار ٻوٽو آهي، اهڙو ڦلدار جو چشمي جي ڀرسان بيٺل هجي؛ ۽ هن جون ٽاريون ڀت تي چڙهي ويون آهن.


اڳتي رڳو پاڻي نہ پيءُ، پر معدي ۽ پنهنجي اڪثر بيمار رهڻ جي ڪري ٿوري مئي ڪم آڻ.


۽ جي هڪڙي عضوي کي ايذاءُ ٿو رسي، تہ سڀني عضون کي انهي سان گڏ ايذاءُ ٿو رسي، يا جي هڪڙي عضوي کي عزت ٿي ملي، تہ سڀني عضون کي انهي سان گڏ خوشي ٿي ٿئي.


جيڪي خوشي ڪن تن سان خوشي ڪريو ۽ جيڪي روئن تن سان روئو.


پوءِ مريم اڌ سير ڳري ملهہ وارو سچي سرهي مَر جو عطر کڻي يسوع جي پيرن کي مکيو، ۽ پنهنجن وارن سان هن جا پير اُگهيائين: ۽ اُنهي عطر جي خوشبوءِ سان گهر ڀرجي ويو.


۽ سڀ ڪنهن قربانگاهہ جي پاسي ۾ گروي ورتل ڪپڙن تي ليٽن ٿا، ۽ پنهنجي خدا جي گهرن ۾، جن تي ڏنڊ پيل آهي، تن جو شراب ٿا پيئن.


۽ خداوند مون کي چيو تہ اڃا بہ وڃ، وڃي هڪڙي زال سان محبت رک، جا پنهنجي يار جي پياري ۽ زناڪار هجي، جهڙي طرح خداوند بني اسرائيل سان محبت رکي ٿو، جيتوڻيڪ هو ڦري ٻين معبودن ڏانهن منهن ڪن ٿا، ۽ ڪشمش جون ٽڪيون پسند ڪن ٿا.


۽ خداوند هن کي چيو تہ شهر جي وچان، يعني يروشلم جي وچان، لنگهي وڃ ۽ انهي منجهہ جيڪي ڪراهت جهڙا ڪم ڪرڻ ۾ ٿا اچن، تن لاءِ جيڪي ماڻهو آهون ۽ دانهون ڪن ٿا، تن جي پيشانين تي نشان ڪر.


افسوس! ڇالاءِ جو اُهو ڏينهن اهڙو وڏو آهي جو ڪوبہ انهي جهڙو ناهي: بلڪ اهو يعقوب جي مصيبت جو وقت آهي؛ پر هو انهي مان بچايو ويندو.


بادشاهہ جي حڪم موجب ٽپالي سعيي سان روانا ٿيا، ۽ اهو حڪم سوسن جي محلات ۾ بہ پڌرو ڪيو ويو: ۽ بادشاهہ ۽ هامان گڏجي شراب پيئڻ ويٺا؛ پر سوسن جو شهر حيران ٿي ويو.


اسرائيل جي بادشاهہ فقح جي ڏينهن ۾ تگلت پلاسر، اسور جي بادشاهہ، ڪاهي اچي ايون، ۽ ابيل ۽ بيت معڪہ، ۽ ينوحہ، ۽ قادس، ۽ حصور، ۽ جلعاد، ۽ گليل، ۽ نفتاليءَ جي ساري زمين ورتي؛ ۽ انهن کي گرفتار ڪري اسور ڏانهن وٺي ويو.


۽ انهن جي مجلس ۾ بربط ۽ تنبور ۽ دف ۽ بانسري آهن: پر انهن جو خداوند جي ڪم ڏي ڪوبہ ڌيان ڪونهي، نڪي انهن هن جي هٿن جي صفت تي ويچار ڪيو آهي.


بسن جون ڍڳيون، جي سامريہ جي جبلن ۾ آهن، جي غريبن کي ستائين ٿيون ۽ مسڪينن کي چٿين ٿيون، ۽ پنهنجن مڙسن کي ٿيون چون تہ کڻي اچو تہ پيون، اوهين اهو ڪلام ٻڌو.


افسوس آهي افرائيم جي نشئين جي مغروريءَ جي تاج تي، ۽ سندس شاندار سونهن جي ڪومائجندڙ گل تي، جو انهن جي آباد ماٿريءَ جي مٿان آهي، جن تي شراب غالب پيو آهي!


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ