Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عاموس 6:5 - Sindhi Bible

5 جي سارنگيءَ جي سُر تي اجايا راڳ ڳايو ٿا، جي دائود وانگر پنهنجي لاءِ ڳائڻ وڄائڻ جا ساز رٿي بنايو ٿا؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 اوهين سارنگيءَ جي سُر تي اجايو سجايو ڳايو ٿا، ۽ دائود وانگر ڳائڻ وڄائڻ جي سازن تي پنهنجي لاءِ گيت ٺاهيو ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عاموس 6:5
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇو مون کان لڪ چوريءَ ڳجهہ ڳوهہ ۾ ڀڄي وئين ۽ مون کي نہ ٻڌايُئِہ؟ نہ تہ جيڪر آءٌ خوشيءَ سان، راڳن روپن ۽ دهل ۽ بربط سان توکي روانو ڪريان ها.


۽ دائود لاوين جي سردارن کي چيو تہ پنهنجن ڀائرن مان ڳائڻا مقرر ڪريو، تہ ساز، تنبورا، بربط ۽ جهانجهہ وڄائي، بلند آواز سان خوشيون ڪن.


۽ چار هزار دربان هئا؛ ۽ چار هزار انهن سازن سان خداوند جي تعريف ڪندا هئا، جي دائود تعريف لاءِ ٺاهيا.


۽ لاوي دائود جي سازن سان، ۽ ڪاهن قرنائن سان اٿي بيهي رهيا.


مون پنهنجي لاءِ چاندي ۽ سون، ۽ بادشاهن جو، ۽ پرڳڻن جو خاص خزانو بہ گڏ ڪيو: مون پنهنجي لاءِ ڳائڻ وارا مرد ۽ زالون، ۽ انسان جي عيش عشرت جون شيون، ۽ تمام گهڻيون سريتون بہ گڏ ڪيون.


۽ انهن جي مجلس ۾ بربط ۽ تنبور ۽ دف ۽ بانسري آهن: پر انهن جو خداوند جي ڪم ڏي ڪوبہ ڌيان ڪونهي، نڪي انهن هن جي هٿن جي صفت تي ويچار ڪيو آهي.


۽ آءٌ تنهنجي راڳن جو هُل بند ڪرائي ڇڏيندس؛ ۽ تنهنجن بربطن جو آواز وري اڳتي ٻڌڻ ۾ نہ ايندو.


تون پنهنجن راڳن جو هُل مون کان پري ڪر؛ ڇالاءِ جو آءٌ تنهنجين سارنگين جو سُر نہ ٻڌندس.


۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ هيڪل جا راڳ انهي ڏينهن ۾ ماتم ٿيندا: لاشن جا ڍير لڳندا، سڀ ڪنهن هنڌ اُهي ماٺ ۾ ٻاهر اُڇلايا ويندا.


ڇالاءِ جو جيترو وقت اوهان غير قومن موافق هلت ڪئي، يعني شهوت پرستيءَ، نفساني خواهشن، شراب خورين، عيش عشرت ۽ موجن ۽ ڪراهت جهڙي بُت پرستيءَ ۾ گذاريو، ايترو ئي بس آهي.


۽ تنبوري وڄائيندڙن، ۽ ڳائيندڙن، ۽ بانسري وڄائيندڙن، ۽ تري وڄائيندڙن جو آواز وري تو وٽ ڪڏهن بہ ڪين ٻُڌبو، ۽ ڪوبہ ڪاريگر، ڪهڙي بہ ڌنڌي وارو تو ۾ ڪڏهن بہ ڪونہ لڀندو؛ ۽ نڪي ڪنهن ڪارخاني جو آواز تو ۾ وري ڪڏهن ٻُڌڻ ۾ ايندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ