Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عاموس 6:2 - Sindhi Bible

2 اوهين ڪلنہ ڏي لنگهي وڃو ۽ ڏسو؛ ۽ اُتان وري وڏي حمات ڏي وڃو: پوءِ فلستين جي جات ڏي لهي وڃو: ۽ ڏسو تہ هي هنن بادشاهتن کان بهتر آهن ڇا؟ يا هنن جي سرحد اوهان جي سرحد کان وڏي آهي ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 اوهين مغروريءَ سان چئو ٿا تہ ”ڪلنہ شهر تائين وڃي ڏسو، ۽ اتان وري وڏي شهر حمات ڏانهن وڃو. پوءِ فلستيہ ۾ جات شهر ڏانهن لهي وڃو، ۽ ڏسو تہ اُهي اسان جي بادشاهت کان بهتر آهن ڇا؟ يا هنن جي سرحد اسان جي سرحد کان وڏي آهي ڇا؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عاموس 6:2
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن جي بادشاهت جي شروعات سنعار ملڪ جي بابل، ارڪ، اڪاد ۽ ڪلنہ مان ٿي.


۽ جڏهن حمات جي بادشاهہ توغيءَ ٻڌو تہ دائود هدد عزر جي ساريءَ فوج کي ماريو آهي؛


انهيءَ طرح اُنهيءَ وقت سليمان، ۽ ساڻس گڏ سڀني اسرائيلين وڏي جماعت ڪري، حمات جي گهڙڻ واريءَ جاءِ کان وٺي مصر جي نهر تائين، خداوند اسان جي خدا جي اڳيان ست ڏينهن هڪڙا، ۽ ست ڏينهن ٻيا، يعني ڪل چوڏهن ڏينهن، عيد ڪئي.


۽ اسور جي بادشاهہ بابل مان، ۽ ڪوتہ مان، ۽ عوا مان، ۽ حمات ۽ سفروائم مان ماڻهو آڻي بني اسرائيل بدران سامريہ جي شهرن ۾ ويهاريا: ۽ هو سامريہ هٿ ڪري انهيءَ جي شهرن ۾ رهڻ لڳا.


۽ بابل جي ماڻهن سڪات بنات جوڙيو، ۽ ڪوت جي ماڻهن نيرگل جوڙيو، ۽ حمات جي ماڻهن اسيما جوڙيو.


حمات ۽ ارفاد جا معبود ڪٿي آهن؟ سفروائم ۽ هينع ۽ عواہ جا معبود ڪٿي آهن؟ اُنهن سامريہ کي ڪو منهنجن هٿن کان بچايو آهي ڇا؟


حمات جو بادشاهہ، ۽ ارفاد جو بادشاهہ، ۽ سفروائم جي شهر، ۽ هينع، ۽ عواہ جا بادشاهہ ڪٿي آهن؟


۽ هن نڪري وڃي فلستين سان جنگ ڪئي ۽ جات جي ڀت ۽ يبنہ جي ڀت، ۽ اشدود جي ڀت ڀڳائين؛ ۽ هن اشدود جي ملڪ ۾، ۽ فلستين منجهہ شهر اڏايا.


دمشق بابت: حمات شرمندو ٿيو آهي، ۽ ارفاد بہ؛ ڇالاءِ جو انهن بري خبر ٻڌي آهي، اُهي پگهري ويا آهن: سمنڊ تي ڏک آهي؛ اُهو آرام ۾ رهي نٿو سگهي.


تون نوآمون کان بهتر آهين ڇا، جا ندين جي وچ ۾ هئي ۽ چوڌاري پاڻي هوس؛ جنهن جي ڪوٽ جو ڪنگرو نيل ندي هئي، ۽ جنهن جي ڀت سمنڊ هو؟


۽ اڃا هن انهن سان بيٺي ڳالهايو تہ ڏسو اُهو جات وارو فلستي پهلوان، جنهن جو نالو جالوت هو، سو فلستين جي صفن مان نڪري اڳي جهڙا لفظ ڳالهائڻ لڳو: ۽ دائود اُهي ٻڌا.


۽ فلستين جي لشڪرگاهہ مان هڪڙو پهلوان نڪتو، جنهن جو نالو جالوت هو، جو جات جو هو، ۽ جنهن جو قد ڇهہ هٿ ۽ هڪڙي گرانٺ هو.


تڏهن هنن خدا جي صندوق عقرون ڏي موڪلي ڏني. ۽ هيئن ٿيو تہ جيئن خدا جي صندوق عقرون ۾ آئي، تيئن عقرونين رڙ ڪري چيو تہ هنن اسرائيل جي خدا جي صندوق اسان کي ۽ اسان جي قوم کي ماري وجهڻ لاءِ اسان وٽ آندي آهي.


تنهنڪري هنن ماڻهو موڪلي فلستين جا سردار پاڻ وٽ گڏ ڪيا، ۽ چوڻ لڳا تہ اسرائيل جي خدا جي صندوق کي اسين ڇا ڪريون؟ ۽ هنن ورندي ڏني تہ اسرائيل جي صندوق کڻي جات ڏي پهچائي ڏيو. پوءِ هو اسرائيل جي خدا جي صندوق کڻي اُتي ويا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ