۽ هن چيو تہ اُڀرندي ڏانهن دري کول: ۽ هن اُها کولي. تڏهن اليشع چيو تہ تير هڻ: ۽ هن تير هنيو. ۽ هن چيو تہ خداوند جي فتح جو تير، يعني ارام تي فتح جو تير: ڇالاءِ جو تون افيق ۾ ارامين کي شڪست ڏيندين، جيسين ڪ هنن کي ماري چٽ ڪرين.
۽ يوآس بن يهوآخز، خزائيل جي بن هدد کان اُهي شهر کسي ورتا، جي هن جنگ ڪرڻ سان سندس پيءُ يهوآخز جي هٿن مان ورتا هئا. يوآس ٽي ڀيرا هن کي شڪست ڏني، ۽ اُهي اسرائيل وارا شهر هن کان وري ورتائين.
هن ڪري جو جيتوڻيڪ ڪسدين جو لشڪر جو اوهان سان جنگ ٿو ڪري، تنهن کي اوهين کڻي ماريو ها، ۽ انهن ۾ رڳا زخمي ماڻهو وڃي بچن ٿا، تہ بہ اُهي سڀ پنهنجن تنبن ۾ اُٿي هن شهر کي باهہ سان ساڙين ها.