Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عاموس 5:8 - Sindhi Bible

8 انهي کي ڳوليو جو ڪتيون ۽ ٽيڙو جوڙي ٿو، ۽ گُگهہ اونداهي کي ڦيرائي صبح ڪري ٿو؛ ۽ ڏينهن کي رات وانگر اوندهہ ڪري ٿو؛ جو سمنڊ جي پاڻيءَ کي سڏي ٿو ۽ انهي کي زمين تي اُڇلائي وجهي ٿو؛ خداوند انهي جو نالو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 ياد رکو، جنهن ڪتيون ۽ ٽيڙو جوڙيا آهن، جيڪو سمنڊ جي پاڻيءَ کي سڏي روءِزمين تي اُٽلائي ٿو، جيڪو گھُگھُہ اونداهيءَ کي ڦيرائي صبح جو سوجھرو ڪري ٿو، هائو، اهو ئي جيڪو ڏينهن کي رات جي اوندهہ ۾ ڦيرائي ٿو، انهيءَ جو ئي نالو خداوند آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عاموس 5:8
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو اونداهيءَ مان اونهيون شيون ڳولي ظاهر ڪري ٿو، ۽ موت جي پاڇي کي روشنائيءَ ۾ آڻي ٿو.


پوءِ خواہ سيکت لاءِ هجي چاهي پنهنجي ملڪ لاءِ، خواہ رحمت لاءِ، هو انهيءَ کي آڻي ٿو.


تون پنهنجو آواز ڪڪرن تائين پهچائي سگهندين ڇا، تہ گهڻو پاڻي توکي ڍڪي ڇڏي؟


جو کٽ، ۽ جبار، ۽ ڪتيون، ۽ ڏکڻ وارا برج جوڙي ٿو.


تون اونداهي ٿو ڪرين تہ رات ٿي ٿئي؛ جنهن ۾ جهنگ جا سڀيئي جانور ٻاهر نڪري ٿا اچن.


هن اوندهہ کي موڪليو، ۽ اونداهي ٿي پيئي؛ ۽ انهن هن جي ڪلام جي مخالفت ڪئي.


آءٌ انڌن کي انهيءَ رستي کان آڻيندس، جنهن جي انهن کي خبر ڪانهي؛ آءٌ کين انهن واٽن تان هلائيندس جن جي انهن کي سڌ ڪانهي: آءٌ انهن جي اڳيان اوندهہ کي سوجهرو ڪندس، ۽ ڏنگين جاين کي سنئون ڪندس، آءٌ اهي ڪم ڪندس، ۽ آءٌ انهن کي ڇڏي نہ ڏيندس.


اسين انڌن وانگي ڀت لاءِ هٿوراڙيون ٿا هڻون، هائو، انهن وانگي هٿوراڙيون ٿا هڻون جن کي اکيون ڪينهن: اسين ٻنپهرن جو ائين ٿاٻا ٿا کائون جيئن اونداهيءَ ۾؛ اسين تازن توانن جي وچ ۾ مئلن وانگي آهيون،


تنهن ڪري ڏس، آءٌ هنن کي ڄاڻائيندس، هن ڀيري پنهنجو هٿ ۽ پنهنجو زور هنن کي ڄاڻائيندس؛ ۽ هو ڄاڻندا تہ منهنجو ئي نالو يهوواہ آهي.


خداوند، جو خلقي ٿو، ۽ قائم ڪرڻ لاءِ بنائي ٿو، ۽ جنهن جو نالو خداوند آهي، سو هيئن ٿو فرمائي، تہ


ڇالاءِ جو ڏس، جيڪو جبل جوڙي ٿو، ۽ واءُ پيدا ڪري ٿو، ۽ ماڻهوءَ کي سندس دل جي ڳالهہ ٻڌائي ٿو، جو صبح کي ڦيرائي اونداهي ڪري ٿو، ۽ زمين جي مٿانهين جاين تي هلي ٿو؛ خداوند، لشڪرن جو خدا انهي جو نالو آهي.


۽ خداوند خدا ٿو فرمائي تہ انهي ڏينهن هيئن ٿيندو تہ آءٌ سج کي ٻنپهرن جو هيٺ لاهيندس، ۽ ڏينهن ڏٺي جو آءٌ زمين تي اوندهہ ڪري ڇڏيندس.


اُهو ئي آهي جو آسمان ۾ پنهنجون ڪوٺيون ٺاهي ٿو، ۽ جنهن زمين تي پنهنجو محراب جوڙيو آهي؛ اُهو جو سمنڊ جي پاڻيءَ کي سڏي ٿو، ۽ زمين تي هاري وجهي ٿو؛ خداوند انهي جو نالو آهي.


تنهن جا ماڻهو جيڪي اونداهيءَ ۾ ويٺل هئا، تن هڪڙي وڏي روشني ڏٺي، ۽ جيڪي موت جي ملڪ ۽ پاڇي ۾ ويٺا هئا، تن تي روشني اچي چمڪي.“


تہ جي اونداهيءَ ۽ موت جي پاڇي ۾ ويٺا آهن، تن تي روشني چمڪي، ۽ اسان جا پير سلامتيءَ جي واٽ تي آڻي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ