Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عاموس 5:5 - Sindhi Bible

5 پر بيت ايل کي نہ ڳوليو، نڪي جلجال ۾ وڃو، نڪي بيرسبع ڏي لنگهي وڃو؛ ڇالاءِ جو يقين آهي تہ جلجال قيد ٿي ويندو ۽ بيت ايل نابود ٿي ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 بيت‌ايل، جِلجال ۽ بيرسبع ڏانهن نہ وڃو. هائو، اوهين هرگز انهن جي عبادت‌گاهن جا پيروڪار نہ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ يقيناً انهن جا سڀيئي رهاڪو جلاوطن ڪيا ويندا، ۽ انهن شهرن کي نابود ڪيو ويندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عاموس 5:5
34 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري هن انهيءَ هنڌ جو نالو بيرسبع رکيو؛ ڇالاءِ جو هنن ٻنهي اُتي قسم کنيو.


۽ ابرهام بيرسبع ۾ هڪڙو لئيءَ جو وڻ لڳايو، ۽ اتي خداوند، ابدي خدا کان دعا گهريائين.


سو هن انهيءَ جو نالو سبع رکيو، تنهنڪري اڄ ڏينهن تائين انهي شهر جو نالو بيرسبع ٿو سڏجي.


تنهنڪري بادشاهہ صلاح ڪري سون جا ٻہ گابا جوڙيا؛ ۽ ماڻهن کي چيائين تہ يروشلم تائين وڃڻ ۾ اوهان کي گهڻي تڪليف ٿيندي؛ اي اسرائيليو، اِجهو پنهنجا معبود ڏسو، جن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو.


۽ هن هڪڙو بيت ايل ۾ رکيو، ۽ ٻيو دان ۾.


۽ هن سڀ پوڄاري يهوداہ جي شهرن مان ٻاهر ڪڍيا، ۽ جبع کان وٺي بيرسبع تائين، جن مٿانهين جاين تي اُهي پوڄاري لوبان ساڙيندا هئا، اُنهن کي پليت ڪيائين؛ ۽ هن اُهي سڀ چونڪ جون مٿانهيون جايون ڀڃرايون، جي شهر جي حاڪم يشوع جي دروازي جي لنگهہ وٽ هيون، ۽ جي شهر جي دروازي وٽ ماڻهوءَ جي کٻي هٿ پاسي هيون.


جيڪي توکي ڌڪارين ٿا سي شرم سان ڍڪجي ويندا، ۽ شريرن جو تنبو نابود ٿي ويندو.


خداوند قومن جي صلاح کي باطل ٿو ڪري: ۽ ماڻهن جون رِٿون بي اثر ڪري ٿو.


ڇالاءِ جو خوفناڪ ماڻهو نابود ٿي ويندو، ۽ ٺٺولي ڪندڙ فنا ٿي ويندو، ۽ جيڪي بدڪاري ڪرڻ لاءِ اکيون وجهيو ويٺا آهن سي تباهہ ٿي ويندا.


گڏجي صلاح مصلحت ڪريو، پر اها ڪنهن ڪم جي نہ ٿيندي؛ ڪا ڳالهہ ڪريو پر اها بيهڪ نہ وٺندي: ڇالاءِ جو خدا اسان سان آهي.


۽ موآب ڪموس جي ڪري اهڙو شرمندو ٿيندو، جهڙو اسرائيل جو گهراڻو بيت ايل جي ڪري ٿيو هو، جنهن تي هنن جو ڀروسو هو.


آون جا مٿانهان مڪان، جي اسرائيل جو گناهہ آهن، سي بہ ناس ڪيا ويندا: هنن جي قربانگاهن تي ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا نڪرندا: ۽ هو جبلن کي چوندا تہ اسان کي ڍڪي ڇڏيو؛ ۽ ٽڪرن کي چوندا تہ اسان تي ڪِري پئو.


يقيناً جلعاد ۾ بدڪاري آهي: اُهي نسوري بيهودگي آهن؛ هو جلجال ۾ ڍڳا قرباني ٿا ڪن: هائو، هنن جون قربانگاهون اهڙيون آهن جهڙا ٻنين جي کيڙين ۾ ڍڳ.


جيتوڻيڪ، اي اسرائيل تون ڪڃري ٿي گذاريندينءَ، تہ بہ يهوداہ ڏوهاري نہ ٿئي؛ ۽ اوهين جلجال ۾ نہ اچجو، نڪي بيت اون ڏانهن چڙهي وڃجو، نڪي چئجو تہ جيئري خداوند جو قسم آهي.


هنن جي سڄي شرارت جلجال ۾ آهي؛ ڇالاءِ جو اُتي مون هنن کي ڌڪاريو: هنن جي ڪمن جي شرارت ڪري، آءٌ هنن کي پنهنجي گهر مان هڪالي ڪڍي ڇڏيندس: آءٌ وري هنن کي پيار نہ ڪندس؛ هنن جا سڀ امير باغي آهن.


۽ آءٌ دمشق جا گز ڀڃي ڇڏيندس، ۽ جيڪو تخت تي ويٺو آهي تنهن کي آون جي واديءَ مان وڍي ڇڏيندس؛ ۽ جيڪو شاهي چوب جهليو ويٺو آهي تنهن کي عدن جي گهر مان وڍي ڇڏيندس: ۽ خداوند ٿو فرمائي تہ ارام جا ماڻهو قيد ٿي قير تائين ويندا.


ڇالاءِ جو جنهن ڏينهن آءٌ اسرائيل جي گناهن جي کين سزا ڏيندس، انهيءَ ڏينهن آءٌ بيت ايل جي قربانگاهن کي بہ سزا ڏيندس، ۽ قربانگاهہ جا سڱ وڍيا ويندا، ۽ زمين تي ڪِري پوندا.


بيت ايل ۾ اچو ۽ گناهہ ڪريو، جلجال ۾ اچو ۽ گناهہ وڌايو، هر صبح پنهنجون قربانيون چاڙهيو، ۽ هر ٽئين ڏينهن پنهنجون ڏهاڪيون آڻيندا رهو.


تڏهن امصياہ بيت ايل جي ڪاهن اسرائيل جي بادشاهہ يربعام ڏي چوائي موڪليو تہ عاموس اسرائيل جي گهراڻي جي وچ ۾ تنهنجي برخلاف منصوبو ٻَڌو آهي: ۽ ملڪ هن جون ڳالهيون سهي نٿو سگهي.


پر بيت ايل ۾ وري اڳتي نبوت نہ ڪج، ڇالاءِ جو هي بادشاهہ جو پاڪ مڪان آهي، ۽ هي هڪڙو شاهي گهر آهي.


تنهنڪري خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ تنهنجي زال شهر ۾ هڪڙي ڪڃري ٿيندي، ۽ تنهنجا پٽ ۽ تنهنجون ڌيئرون ترار سان مرندا، ۽ تنهنجي زمين ڏور سان ورهائي ويندي؛ ۽ تون پاڻ اهڙيءَ زمين ۾ مرندين جا ناپاڪ آهي: ۽ اسرائيل ضرور پنهنجي ملڪ مان قيد ڪري ڪڍيو ويندو.


۽ اسحاق جون مٿانهيون جايون ويران ٿينديون، ۽ اسرائيل جا پاڪ مڪان غير آباد ٿي ويندا؛ ۽ آءٌ ترار سان يربعام جي گهراڻي جي برخلاف اُٿندس.


جيڪي سامريہ جي گناهہ جو قسم کڻن ٿا، ۽ چون ٿا تہ اي دان، تنهنجي جيئري خدا جو قسم آهي، ۽ بيرسبع جي واٽ جو قسم آهي؛ سي سڀ ڪِرندا ۽ وري ڪڏهن نہ اُٿندا.


۽ خدا جهان جي ڪميڻن ۽ حقيرن، يعني جيڪي ليکي ۾ ئي ڪين هئا، تن کي چونڊيو، انهي لاءِ تہ جيڪي ليکجڻ ۾ اچن ٿا، تن کي نيست ڪري؛


انهي هوندي بہ جيڪي ڪامل آهن، تن کي اسين ڏاهپ جون ڳالهيون ٿا ٻُڌايون. پر نہ هن دنيا جي ڏاهپ، نڪي هن دنيا جي حاڪمن جي ڏاهپ، جي نيست ٿي ويندا.


تون پٽ ۽ ڌيون ڄڻيندين، پر اهي تنهنجا ڪين ٿيندا؛ ڇالاءِ جو اهي قيدي ٿي ويندا.


۽ خداوند يشوع کي فرمايو تہ اڄوڪي ڏينهن مون مصر وارو طعنو اوهان تان لاهي ڇڏيو، جنهن ڪري انهيءَ هنڌ جو نالو اڄ ڏينهن تائين جلجال سڏبو آهي.


ڇالاءِ جو هڪڙي ڪلاڪ ۾ سندس ساري دولت چٽ ٿي ويئي، ۽ سڀ ميربحر، ۽ سڀيئي جهاز جا مسافر، ۽ خلاصي، ۽ ٻيا جيڪي سمنڊ تي گذران ٿا ڪن، سي پري بيهي رڙيون ڪندا،


تڏهن سموئيل ماڻهن کي چيو تہ اچو تہ جلجال ڏي هلون، ۽ اُتي نئين سر بادشاهي قائم ڪريون.


۽ هو سال بسال گشت ڪندو بيت ايل، ۽ جلجال، ۽ مصفاہ ڏي ويندو هو؛ ۽ انهن سڀني جڳهن تي هو اسرائيل جي عدالت ڪندو هو.


هاڻي هن جي پهرئين ڄاول پٽ جو نالو يوئيل هو؛ ۽ هن جي ٻئي پٽ جو نالو ابياہ هو: اُهي بيرسبع ۾ قاضي هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ