Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عاموس 5:3 - Sindhi Bible

3 ڇالاءِ جو خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ جنهن شهر مان هڪ هزار نڪرندا هئا، تنهن ۾ باقي هڪ سؤ وڃي بچيا آهن؛ ۽ جنهن مان هڪ سؤ نڪرندا هئا، تنهن مان اسرائيل جي گهراڻي لاءِ ڏهہ وڃي بچيا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 انهيءَ ڪري ئي خداوند خدا ٿو فرمائي تہ ”اسرائيل ملڪ جي جنهن شهر مان جيڪڏهن هڪ هزار جو لشڪر نڪرندو، تہ انهيءَ مان باقي هڪ سؤ جيئرا موٽي ايندا، ۽ جنهن شهر مان هڪ سؤ جو لشڪر نڪرندو، تہ انهيءَ مان باقي ڏهہ جيئرا موٽندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عاموس 5:3
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن اسان جا ڍڳا بار سان لڏيل هجن؛ ۽ نہ روڪ هجي نہ ڌڪجن، ۽ نہ ڪا گهٽين ۾ دانهن ڪوُڪ ٿئي؛


جي لشڪرن جو خداوند اسان جي لاءِ ڪي ٿورا ماڻهو باقي نہ بچائي ها، تہ اسين جيڪر سدوم جهڙا ٿيون ها، اسين جيڪر عموراہ جهڙا ٿيون ها.


ڇالاءِ جو جيتوڻيڪ تنهنجي قوم اسرائيل سمنڊ جي واريءَ جيتري هوندي تہ بہ انهن مان ڪي ٿورا موٽندا: پوريءَ سچائي سان بربادي ٺهرائي ويئي آهي.


۽ جيڪڏهن انهيءَ ۾ ڏهين حصي جيترو رهجي ويندو هوندو، تہ اهو بہ وري کاڄي ويندو: جيئن ڪو تارپين ۽ شاهہ بلوط جو وڻ وڍجي جنهن کي وڍڻ کان پوءِ هن جو ٿُڙ بچيل هجي تيئن پاڪ نسل هن جو ٿُڙ آهي.


پر آءٌ هنن مان ڪن ٿورن کي ترار کان، ۽ ڏڪار کان، ۽ مرض کان بچائيندس؛ انهي لاءِ تہ جن جن قومن ۾ اچن، انهن کي پنهنجن سڀني ڪراهت جهڙن ڪمن جو بيان ڪري ٻڌائين: ۽ هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.


۽ هيئن ٿيندو تہ جي هڪڙي گهر ۾ ڏهہ ماڻهو باقي هوندا تہ اُهي بہ مري ويندا.


۽ يسعياہ، اسرائيل جي نسبت ۾ پڪاري چوي ٿو تہ ”جيتوڻيڪ بني اسرائيل جو تعداد سمنڊ جي واريءَ جيترو هوندو، تہ بہ اُنهن مان ڪي ٿورا ئي بچندا.


جيڪڏهن تون خداوند پنهنجي خدا جو آواز نہ ٻڌندين، تہ پوءِ اوهين جي آسمان جي تارن جيترا هئا؛ سي گهڻو گهٽجي ويندا.


۽ هيئن ٿيندو، تہ جيئن خداوند اوهان مان خوش ٿي اوهان سان ڀلائي ڪندو هو، ۽ اوهان کي وڌائيندو هو؛ تيئن خداوند اوهان کي فنا ۽ برباد ڪرڻ ۾ خوش ٿيندو؛ ۽ جنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا، تنهن مان اوهين ڪڍيا ويندا.


۽ خداوند اوهان کي قومن ۾ دربدر ڪندو، ۽ جن قومن ۾ خداوند اوهان کي وٺي ويندو، تن ۾ اوهان جو شمار گهڻو گهٽجي ويندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ