Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عاموس 5:13 - Sindhi Bible

13 تنهنڪري جيڪو سياڻو هوندو، سو اهڙي وقت ماٺ ۾ گذاريندو؛ ڇالاءِ جو اُهو خراب وقت آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 تنهنڪري جيڪو سياڻو آهي سو اهڙي وقت ماٺ ۾ گذاري ٿو، ڇاڪاڻ تہ اهو خراب وقت آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عاموس 5:13
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر ماڻهن ماٺ ڪيو پئي ٻڌو ۽ جواب ۾ هڪڙو اکر بہ نہ ڪُڇيائون: ڇالاءِ جو بادشاهہ اهو حڪم ڏيئي ڇڏيو هون تہ هن کي ڪوبہ جواب نہ ڏجو.


۽ آءٌ ترسي بيهان ڇا، ڇالاءِ جو هو نٿا ڳالهائين، ۽ ڪو جواب نہ ڏيان ڇا، ڇالاءِ جو هو چپ چاپ بيٺا آهن.


بلڪ آءٌ انهي ماڻهوءَ وانگي آهيان جو نٿو ٻڌي، ۽ جو ڏوراپا نٿو ڏئي.


ڦاڙڻ لاءِ وقت، ۽ سبڻ لاءِ وقت؛ ماٺ ڪرڻ لاءِ وقت، ۽ ڳالهائڻ لاءِ وقت؛


ڇالاءِ جو ماڻهوءَ کي بہ پنهنجي وقت جي خبر ناهي: جيئن مڇيون خراب ڄار ۾ ڦاسنديون آهن، ۽ جيئن پکي دام ۾ ڦاسائبا آهن، تيئن انسان بہ خراب وقت ۾ ڦاسندا آهن، جڏهن اُهو انهن جي مٿان اوچتو اچيو ڪڙڪي.


پر هو ماٺ ڪري بيٺا، ۽ جواب ۾ هڪڙو اکر بہ نہ ڪُڇيائون: ڇالاءِ جو بادشاهہ جو حڪم هو تہ هن کي جواب نہ ڏجو.


۽ انهن هن کي چيو تہ حزقياہ هيئن ٿو فرمائي تہ اڄوڪو ڏينهن مصيبت، ۽ ملامت، ۽ نفرت جو ڏينهن آهي؛ ڇالاءِ جو ٻار ڄمڻ تي آهن، پر ڄڻڻ جي طاقت ڪانهي.


انهي هوندي بہ ڪو ماڻهو جهيڙو نہ ڪري، ۽ نہ ڪو ماڻهو عتاب ڏئي، ڇالاءِ جو تنهنجي قوم انهن جهڙي آهي جي ڪاهن سان جهيڙو ٿا ڪن.


۽ جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو مائٽ، جو هن کي ساڙڻ لاءِ کڻي ٿو، تہ گهر مان هن جا هڏا ٻاهر ڪڍي، ۽ انهي کان پڇي ٿو جو گهر جي اندرين حصي ۾ آهي تہ ڪو ٻيو بہ اڃا تو وٽ آهي ڇا، تہ هو چوندا تہ نہ؛ تڏهن هو چوندو تہ ماٺ ڪر؛ ڇالاءِ جو اسين خداوند جو نالو ئي نٿا وٺي سگهون.


تنهنڪري خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ هن قبيلي جي برخلاف هڪڙي خرابي ٿو رٿيان، جنهن مان اوهين پنهنجون ڳچيون نہ بچائيندا، نڪي اوهين مغروري سان هلندا، ڇالاءِ جو اُهو خراب وقت آهي.


مون ٻڌو ۽ منهنجي دل ڏڪي ويئي، ۽ آواز ٻڌڻ تي منهنجا چپ ڏڪڻ لڳا؛ منهنجي هڏن ۾ ساڙ گهڙي ويو، ۽ آءٌ بيٺي بيٺي ڏڪڻ لڳس: پر آءٌ صبر ۾ انهي قوم جي مصيبت جي ڏينهن جو منتظر آهيان، جي گڏجي حملو ٿا ڪن.


تنهنڪري خدا جا سڀ هٿيار ٻَڌو، تہ خراب ڏينهن ۾ مقابلو ڪري سگهو، ۽ سڀ ڪم پورا ڪري قائم رهي سگهو.


پر هي ڄاڻ تہ آخري زماني ۾ ڏکيا ڏينهن ايندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ