عاموس 5:12 - Sindhi Bible12 ڇالاءِ جو مون کي خبر آهي تہ اوهان جا قصور ڪيترا گهڻا آهن، ۽ اوهان جا گناهہ ڪيترا نہ وڏا آهن؛ اوهين جي سچن کي ڏکويو ٿا، ۽ رشوت وٺو ٿا، ۽ مسڪين کي دروازي ۾ سندس حق کان هڪالي ٿا ڪڍو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible12 آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهان جا گناهہ ڪيڏا نہ وڏا آهن، ۽ اوهان جون بدڪاريون ڪيتريون نہ گھڻيون آهن. اوهين سچارن کي ڏکويو ٿا، رشوت وٺو ٿا، ۽ عدالت مان انصاف گھرڻ وارن غريبن کي هڪالي ٿا ڪڍو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن گهڻيون ئي خرابيون ۽ مصيبتون انهن تي اينديون، تڏهن هي گيت انهن تي شاهد وانگر شاهدي ڏيندو؛ ڇالاءِ جو اهو هنن جي اولاد جي وات مان وسري ڪين ويندو، ڇو جو مون کي خبر آهي، تہ هاڻي ئي، يعني جنهن ملڪ بابت مون قسم کنيو هو، تنهن ۾ آءٌ کين پهچايان تنهن کان اڳ ۾ ئي، انهن جا خيال ڪيڏانهن پيا ڊوڙن.