Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عاموس 4:7 - Sindhi Bible

7 ۽ جڏهن اڃا فصل جي لهڻ ۾ ٽي مهينا پيا هئا، تڏهن مون اوهان کان مينهن بہ روڪي ڇڏيو: ۽ مون هڪڙي شهر تي مينهن وسايو ۽ ٻئي شهر تي مينهن نہ وسايو: هڪڙي زمين جي ٽڪر تي مينهن پيو، ۽ جنهن ٽڪر تي مينهن نہ پيو سو سڙي سُڪي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 جڏهن اڃا فصل جي لهڻ ۾ ٽي مهينا پيا هئا، تہ مون اوهان کان مينهن کي بہ روڪي ڇڏيو. مون هڪ شهر تي تہ مينهن وسايو پئي پر ٻئي تي ڪين وسايم. هڪڙي ٻنيءَ تي تہ مينهن پيو، پر ٻي ٻني مينهن نہ پوڻ ڪري سُڪي ٺوٺ ٿي ويئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عاموس 4:7
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ موسيٰ پنهنجو هٿ آسمان ڏانهن کنيو، ۽ مصر جي ملڪ ۾ برابر ٽي ڏينهن گهاٽي اوندهہ ٿي ويئي.


ٽن ڏينهن تائين ماڻهن هڪ ٻئي کي نٿي ڏٺو، نڪي منجهائن ڪوبہ پنهنجيءَ جاءِ تان اُٿيو: پر سڀني اسرائيل جي گهرن ۾ سوجهرو هو.


پر آءٌ انهيءَ ڏينهن جشن جي زمين، جتي منهنجي اُمت ٿي رهي، سا ڌار ڪندس، تہ اتي مکين جا ميڙ نہ ٿين؛ انهيءَ لاءِ تہ توکي خبر پوي تہ دنيا ۾ آءٌ ئي خداوند آهيان.


رڳو جشن جي زمين ۾، جتي بني اسرائيل هئا، اتي ڳڙو ڪونہ پيو.


۽ خداوند، بني اسرائيل جي مال کي مصرين جي مال کان ڌار ڪندو، ۽ بني اسرائيل جي مال مان ڪوبہ ڪونہ مرندو.


۽ آءٌ انهي کي ويران ڪري ڇڏيندس: ۽ نہ انهي جي ڇانگ ڪرڻ ۾ ايندي ۽ نہ گڏ؛ بلڪ اتي ڪانڊيرا ۽ ڪنڊا پيدا ٿيندا: آءٌ ڪڪرن کي بہ حڪم ڏيندس تہ انهيءَ تي مينهن نہ وسائين.


غير قومن جي اجاين شين مان اهڙيون ڪي آهن ڇا جي مينهن پيدا ڪري سگهن؟ يا آسمان ڪي برسات آڻي سگهندا ڇا؟ اي خداوند! اسان جا خدا، تون اُهو ناهين ڇا؟ تنهن ڪري اسين تنهنجي خدمت ۾ اُميدوار رهنداسين؛ ڇالاءِ جو تو اهي سڀ شيون جوڙيون آهن.


۽ انهن جا امير پنهنجا ملازم پاڻيءَ تي موڪلين ٿا: اهي کوهن تي اچن ٿا، پر پاڻي ڪونہ ٿا ڏسن: ۽ پنهنجا ٿانوَ خالي موٽايو ٿا وڃن: اُهي شرمندا ۽ لڄي آهن، ۽ پنهنجا مٿا ڍڪي ٿا ڇڏين.


ڇالاءِ جو زمين سڪي پئي آهي، ۽ ملڪ ۾ مينهن ڪونہ پيو آهي، هاري شرمندا آهن ۽ پنهنجا مٿا ڍڪين ٿا.


تنهن ڪري مينهن جهلجي ويو آهي، ۽ پوئين برسات بہ ڪانہ پئي آهي؛ انهي هوندي بہ تنهنجي پيشاني ڪسبيءَ جهڙي هئي، ۽ شرمندي ٿيڻ کان تو انڪار ڪيو.


تڏهن اي بني صيون اوهين سرها ٿيو ۽ خداوند پنهنجي خدا جي ڪري خوشي ڪريو: ڇالاءِ جو هو اوهان کي آڳاٽو مينهن پوري انداز ۾ ڏئي ٿو، ۽ هو اوهان جي لاءِ مينهن وسائي ٿو، جهڙو اڳيون تهڙو پويون، جيئن اڳي هوندو هو.


۽ هيئن ٿيندو تہ دنيا جي سڀني قبيلن تي، جي بادشاهہ، لشڪرن جي خداوند جي اڳيان سجدو ڪرڻ لاءِ يروشلم ۾ نہ ايندا، انهن تي مينهن نہ وسندو.


اوهين چئو ڪين ٿا تہ فصل جي لهڻ ۾ اڃا باقي چار مهينا آهن؟ ڏسو، آئون اوهان کي ٿو چوان، تہ پنهنجيون اکيون مٿي کڻو، ۽ پوکن ڏانهن نهاريو، جو اُهي اڳيئي لاباري لاءِ پڪيون بيٺيون آهن.


ڇالاءِ جو تو ۾ ۽ ٻئي ۾ تفاوت ڪير ٿو پيدا ڪري؟ ۽ تو وٽ اُها ڪهڙي شيءِ آهي جا توکي نہ ملي آهي؟ پر جي اُها توکي مفت ملي آهي، تہ پوءِ فخر ڇو ٿو ڪرين، جو ڄڻ تہ ڪانہ ملي اٿيئي؟


۽ خداوند اوهان تي ڪاوڙجي، ۽ هو آسمان کي بند ڪري ڇڏي، ۽ برسات نہ پوي، ۽ زمين جي پيداوار نہ ٿئي، ۽ جيڪو چڱو ملڪ خداوند اوهان کي ڏئي ٿو تنهن ۾ اوهين جلد نابود ٿي وڃو.


ايلياہ بہ اسان جهڙيءَ طبيعت جو ماڻهو هو، ۽ هن دل و جان سان دعا گهُري تہ مينهن نہ وسي؛ پوءِ ساڍا ٽي ورهيہ برابر زمين تي مينهن نہ وسيو.


انهن کي اختياري آهي تہ آسمان بند ڪري ڇڏين، تان تہ سندن نبوت جي ڏينهن ۾ مينهن نہ پوي. ۽ پاڻيءَ تي بہ کين اختياري آهي، تہ انهي کي بدلائي رت ڪري وجهن، ۽ جيترا ڀيرا مرضي پوينِ، اوترا ڀيرا زمين تي هر طرح جي آفت آڻين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ