Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عاموس 4:5 - Sindhi Bible

5 ۽ پنهنجي شڪرگذاريءَ جي قرباني خمير سان ادا ڪريو، ۽ خوشي جون قربانيون پڌريون ڪريو، ۽ انهن جو اشتهار ڪريو، ڇالاءِ جو اي بني اسرائيل، خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ اهو اوهان کي پسند آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 ڀلي تہ پنهنجي شڪرگذاريءَ جي قرباني روٽ سان باهہ تي ادا ڪندا رهو. ڀلي تہ خوشيءَ جي قربانين ڪرڻ جون ٻٽاڪون هڻندا رهو. اي اسرائيل وارؤ! ائين آءٌ خداوند خدا انهيءَ ڪري چوان ٿو، ڇاڪاڻ تہ اهي سڀ ڳالهيون اوهان کي پسند آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عاموس 4:5
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو مون کين ڇڏي ڏنو تہ ڀلي تہ پنهنجي دل جي هوڏ تي، ۽ صلاح تي هلن.


يسعياہ بن آموص جو رويا، جو هن يهوداہ جي بادشاهن عزياہ، يوتام، آخز، حزقياہ جي ڏينهن ۾، يهوداہ ۽ يروشلم بابت ڏٺو.


خداوند فرمائي ٿو تہ اوهان جون هيتريون گهڻيون قربانيون منهنجي لاءِ ڪهڙي ڪم جون آهن؟ آءٌ گهيٽن جي ساڙڻ وارين قربانين سان ۽ پاليل جانورن جي چرٻيءَ سان ڀريو پيو آهيان؛ ۽ مون کي ڍڳن يا گهيٽن يا ٻڪرن جي رت مان خوشي حاصل نٿي ٿئي.


۽ هي گهر جو منهنجي نالي پٺيان سڏبو آهي تنهن ۾ منهنجي اڳيان بيهي ائين چوندا ڇا تہ اسان کي خلاصي ملي آهي؛ انهي لاءِ تہ اوهين اهي سڀ نفرت جهڙا ڪم ڪريو؟


اوهين چوري ۽ خون ۽ زنا ڪندا ڇا، ۽ ڪوڙو قسم کڻندا، ۽ بعل جي اڳيان لوبان ساڙيندا، ۽ جن ٻين معبودن کي اوهين نہ سڃاڻندا هئا تن جي پيروي ڪندا ڇا؟


اي اسرائيل، ٻين قومن وانگر تون خوشيءَ سان شادمان نہ ٿيءُ؛ ڇالاءِ جو تون زناڪاري ڪرڻ ڪري پنهنجي خدا کان پري هليو ويو آهين، سڀ ڪنهن ان جي پڙ تي تو ڀاڙو وٺڻ پسند ڪيو آهي.


مون اسرائيل کي بيابان ۾ ڊاک وانگر لڌو؛ مون اوهانجن ابن ڏاڏن کي اهڙو ڏٺو جهڙو انجير جي وڻ جي پهرين موسم جو پهريون پڪل ڦر: پر هو بعل فغور وٽ ويا، ۽ انهي ڪراهت جهڙي شيءِ جي لاءِ هنن پاڻ کي ڌار ڪري رکيو، ۽ انهي وانگر ڪراهت جهڙا ٿيا جنهن کي پيار ڪندا هئا.


اوهين پنهنجن گهرن مان هڪڙي ايفہ جي پنجين حصي جون ٻہ مانيون لوڏڻ جي لاءِ آڻجو: اهي ميدي جون هجن، ۽ خمير گڏي پچائجن، تہ خداوند جي لاءِ پهرئين ڦر جي قرباني ٿئي.


آءٌ اوهانجين عيدن کي ڌڪاريان ٿو ۽ نفرت ٿو ڪريان؛ ۽ اوهانجين پاڪ جماعتن ۾ مون کي ڪابہ خوشي ڪانهي.


هائو، جيتوڻيڪ اوهين پنهنجون سوختني قربانيون ۽ کاڌي جون قربانيون منهنجي لاءِ پيش ڪندا، تہ بہ اُهي آءٌ قبول نہ ڪندس: نڪي اوهان جي ٿلهن جانورن سان سلامتيءَ جي قرباني تي ڪو ڌيان ڏيندس.


هو منهنجي عبادت اجائي ٿا ڪن، جو ماڻهن جا حڪم پنهنجي تعليم ڪيو ٿا سيکارين.“


افسوس آهي اوهان لاءِ، اي فقيهو ۽ فريسيو، رياڪارو! ڇالاءِ جو اوهين ڦودني ۽ سونف ۽ جِيري تي تہ ڏهون حصو ٿا ڏيو، پر جيڪي شريعت جون انهي کان ڳريون ڳالهيون آهن، يعني انصاف ۽ رحم ۽ ايمان، تن کي ڇڏي ڏنو اٿوَ: پر اِهي تہ اوهان کي ڪرڻ گهربيون هيون، ۽ هو ٻيون بہ ڇڏي ڏيڻ نہ کپنديون هيون.


تنهنڪري جڏهن تون خيرات ڪرين، تڏهن پنهنجي اڳيان توتاري نہ وڄاءِ، جهڙيءَ طرح ڪ رياڪار ماڻهو عبادتگاهن ۽ گهٽين ۾ ڪندا آهن، انهي لاءِ تہ ماڻهو سندن تعريف ڪن. آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هنن کي پنهنجو اجر ملي چڪو.


۽ جهڙيءَ طرح هنن خدا کي سڃاڻڻ کان منهن موڙيو، تهڙيءَ طرح خدا بہ کين ناپسند خيالن ۾ ڇڏي ڏنو تہ نالائقيءَ جا ڪم ڪندا وتن؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ